لاشعور جو شاعر
ان پائيدار محبت جو وڏو ڪارڻ، دل جي سچائي آهي، اسان ٻنهي جو وچ ۾ ڪوبه اهڙو مطلب يا لالچ ناهي جو ويڇو پيدا ٿئي، هو جيترو ٻاهران اجرو ۽ اڇو آهي، من جو به ايترو ئي صاف، شفاف ۽ نرمل آهي.
طبعي طور تي ٻاهران کان اسين ٻئي سرڪش، اڏول ۽ بي پرواهه ضرور نظر ايندا هونداسين، پر جن جي ذوالفقار سان گهڻ ڀلائي آهي، تن کي ڀليءَ ڀت خبر هوندي ته هو اندر جو ڪپهه جي پوڻيءَ جيان نه رڳو نرم، نازڪ ۽ گداز آهي، پر ايترو نرم ڄڻ پاڻيءَ جو ڦوٽو!!
ڪنهن جو ڏک نه ڏسي سگهڻ وارو شار، حساس، مهربان ۽ پرجوش.
اسان وٽ وڏا وڏا شاعر بلاشڪ پيدا ته گهڻا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهندا، پر ڏک آهي ته هڪ ڊگهي عرصي کان، سنڌ ڪو وڏو ماڻهو پيدا نه ڪري سگهي آهي.
ذوالفقار سيال پاڻ کي وڏي ماڻهوءَ طور ڪليم ته ڪونه ٿو ڪري، پر سماجي زندگي ۾ هن جو ڪردار ۽ ادبي دنيا ۾ هن جي خدمتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيترو وڏو ماڻهو آهي.
ان کان وڏو ماڻهو ٻيو ڪير هوندو جيڪو ادب، اديبن ۽ تنظيم جي لاءِ پنهنجي هڙان وڙان ڏينهن رات ووڙي هڪ ڪري، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءُ ڪنڊ تائين مسلسل هلندو رهي ٿو.
گذريل 23 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ اسان جي قومي تنظيم جي قابضن جنهن قسم جي نيپوٽسٽ ۽ ڪرپٽ ڪلچر کي هٿي ڏني ۽ جيون جي سگهاري ۽ ماڻهپي وارن قدرن کي نگهوسار ڪيو، ان جي ڀيٽ ۾، ذوالفقار هڪ مختصر عرصي اندر سنگت جي تنظيم ۾ پيدا ٿيل ارهه زوراين جو انت آندو آهي. نهايت جانفشاني سان ڊهندڙ ديوار کي عقل، شعور ۽ خدمت جا ڪشتا ڏيئي نه رڳو سگهارو ڪيو آهي، پر اهڙيون روايتون به وڏيون آهن جن لاءِ اميد اٿم ته ايندڙ دور جا نوان عهديدار ذوالفقار جي پيروي ڪندي، سنڌي ادبي سنگت کي سچ پچ اديبن جي نمائنده تنظيم بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا.
مون جيئن مهڙ ۾ به عرض ڪيو ته هن کان اڳ ذوالفقار سيال جا 3 شعري مجموعا وڏي آب تاب سان شايع ٿي چڪا آهن ۽ هي سندس چوٿون شعري مجموعو اهي جنهن کي سندس شعري مجموعي، “چهرا چنڊ گلابن جهڙا” کان اڳ اچڻ گهربو هو.
“بارش کانپوءِ” شعري مجموعو، مرحوم طارق اشرف کي، ذوالفقار سيال جي سالگرهه جي موقعي تي يعني 28 مئي 1992ع ڌاري شايع ڪري پڌرو ڪرڻو هو. پر طارق اشرف مرحوم جي 14 اپريل 1992ع تي اوچتي لاڏاڻي جي ڪري هي ڇپيل ڪتاب، الائي ڪهڙي بائينڊر وٽ رهجي ويو.
سنڌي قلمڪارن حادثا در حادثا جاليندو رهيو آهي. ذوالفقار سيال به سکر گهر جو فرد هئڻ جي باوجود، سماجي طور تي اهڙن حادثن سان ضرور منهن ڏنو هوندو جيڪي سڀني کي پيش ايندا رهن ٿا، جن مان طارق اشرف جو وڇوڙو به هڪ نوعيت جو حادثو آهي، اهڙو حادثو جو هڪ ڪتاب جو جنم ۽ موت ساڳي عهد ۾ هڪ ئي وقت پيش اچي ٿو.
“بارش کان پوءِ” ذوالفقار سيال جي 1985ع کان 1990ع جي عرصي جي شاعري آهي، اهو عرصو سنڌ جي حوالي سان عجيب دور آهي، اهڙو دور جنهن ۾ سنڌي ماڻهو غليظ امريت جي هٿان وڏا قهر ۽ عتاب سٺا ۽ بعد ۾ ڪجهه عرصي لاءِ عام بدران خاص ماڻهن، عوامي راڄ ۾ عياشيون به ڪيون. سنڌ جو عام ۽ مسڪين ماڻهو جيڪو ڪالهه به ڏچي ۾ هو ۽ اڄ به سورن ۾ آهي.
“بارش کان پوءِ” وارو نالو منهنجي نظر ۾ ضيائي آمريت جي رياستي جبر جي خلاف هڪ ڀرپور سياسي۽ ادبي استعاري طور به ظاهرٿيو آهي. (جيڪو صحيح وقت تي ظاهر نه ٿيو).
“بارش کان پوءِ” ذوالفقار سيال جي رياستي جبر خلاف مزاحمتي شاعري جو هڪ انداز آهي. ذوالفقار سيال، بنان ڪنهن دعويٰ ۽ هام هڻڻ جي، خاموش طريقي سان، پنهنجي ور ۽ دور جي ماڻهن خاص طرح سان سنڌي ماڻهن جي ڪسمپرسي وارين حالتن خلاف مهاڏو اٽڪائيندو ئي رهيو آهي، هو جنهن سماجي رتبي تي فائز آهي ان جي پرواهه به نه ڪندي هن ٻورهئي ۾ هٿ پئي وڌا آهن ۽ اها هن جي ڪمٽمينٽ آهي، ڇتي ڪمٽمينٽ جيڪا کيس علمي، ادبي ۽ سياسي طور تي هڪ خاص مقام تي پهچائي ٿي، ۽ هن مجموعي ۾، ذوالفقار سيال سنڌ ۽ سنڌين جي ڏکي صورتحال جي تناظر ۾ جو ڪجهه لکيو آهي، وڏي همت ۽ برجستائي سان لکيو اهي، ذوالفقار جي شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ سان اها ڳالهه به آڏو اچي ٿي ته هو پنهنجي خيال جي تحفظ لاءِ ردم کي پڻ قربان ڪيو ڇڏي ٿو. پر خيال ۽ خيال جي وهڪري ۽ ان جي ڪميونيڪيشن تي سودي بازي نٿو ڪري، شعر ۾ هن جو نقطئه نظر ۽ فلسفو اهو آهي ته اوهان جو خيال ان عام ماڻهوءَ تائين پهچي جنهن لاءِ اوهان تخليقي عمل ڏنو آهي، هن جو پنهنجو حلقو آهي، پڙهندڙن جو.
انهيءَ نقطئه نظر سان ممڪن آهي، ڪو اختلاف به رکندو هجي، پر منهنجي خيال ۾ ڊگهي ڊگهي ماضي ۾، غالب جهڙي شاعر جي ڪلام ۾ هڪ اڌ جاين تي اهڙي نقطئه نظر جو اطلاق نظر اچي ٿو.
ذوالفقار سيال غالب ته ناهي، پر پنهنجي جذبي کي خيال جي اڏام سان هڪ سادي ڊڪشن سان، پنهنجي سادن ماڻهن تائين برجستائي سان پهچائي ٿو، ذوالفقار شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع ازمائي ڪئي آهي.
هن بيت، وايون، نظم، چار سٽا، غزل ۽ هائيڪا ۽ ٻين صنفن تي به لکيو آهي، هن جي بيت ۽ وائي ۾ غنايت آهي، هن جي نظمن ۽ چئو سٽن ۾ شديد مزاحمت نظر اچي ٿي، جيڪا محظ لفاظي ناهي، پر حالتن هن جي سيني کي مضراب جيان ڇيڙيو آهي ۽ هن مهاڏو اٽڪائيندڙ شاعري تخليق ڪئي آهي.
نظمن ۾، نئون سال، اچو گهنڊ وڄايون، پيار، امن، ظلم، ماڻا، مون توکي اڳ به چيو هو، زندگي، جنگ، فرق ۽ ٻيا نظم هن جي شعوري تجربي جي وڪالت ڪن ٿا، هو انقلابي به آهي ته رومانوي به اهي، اصل ۾ ذوالفقار سماجي ويڙهاند ۾ مختلف ڪيفيتن هيٺ تخليقون ڏنيون آهن، اهڙن لمحن ۾ سندس لاشعور ۾ جيڪي عڪس موجود آهن، هو انهن کي شاعراڻي سچائي سان پيش ڪري ٿو، موضوعاتي طور تي ذوالفقار پنهنجي عهد جي همعصرن کان ان ڪري به نرالو ۽ ڌار آهي جو هن جو پنهنجو تجربو آهي ۽ ذاتي تجربي ئي فنڪار ۽ قلمڪار کي گهڻي عرصي تائين زنده رکي سگهي ٿو يا مڃتا ڏيئي سگهي ٿو.
(“بارش کانپوءِ” جو مهاڳ، 25 مئي 2007 ڪراچي)
تاج بلوچ