ٻُڌو ٿا...! : ذوالفقار گاڏهي
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻاراڻي ادب جي آبياري لاءِ جيڪو پتوڙيو سو هڪ رڪارڊ آهي. سندس تيرنهن عدد ڪتابن مان اٺ عدد ڪتاب ته هن اسان جي گلن جهڙن ٻارڙن لاءِ تخليق ڪيا آهن.
“مکڙين مالها”، “منهنجي ديس جا ٻار”، “گيت کيڏوڻا”، “گلڙن جهڙا گيت”، “لفظن جا رانديڪا”، “اکر اکر سرهاڻ”، “مکڙيون ۽ گلاب” ۽ “دعائون” هي آهن اُهي ڪتاب ۽ اها سموري کيڙي اسان جي ذوالفقار پنهنجي ٻارڙن لاءِ کيڙي آهي ۽ ذوالفقار سان منهنجي پهرين ملاقات به سندس هڪڙي ٻاراڻي ڪتاب “مکڙين مالها” ذريعي ٿي ۽ مان ان ڪتاب جي حوالي سان ذوالفقار تي هن کان اڳ ۾ لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ مون سندس ٻاراڻي شاعريءُ جي حوالي سان ئي ڳالهايو آهي پر اڄ جو موضوع سندس ٻاراڻي شاعري نه آهي پر اڄ جو موضوع اها شاعري آهي جيڪا هن اسان توهان لاءِ ڪئي، پنهنجي لاءِ ڪئي، پنهنجي ديس لاءِ ڪئي، پنهنجي محبوب لاءِ ڪئي، جيڪا “رڻ سڄو رت ڦڙا” ۾ پڙهي ته “ڳاڙها هٿ پيلا چهرا” ۾ به ان سان ملياسين ته “چهڙا چنڊ گلابن جهڙا” به پنهنجو چهرو ڪرايو ته “بارش کانپوءِ” وري احساس ۾ ڀڳا آهيون ۽ اڄ اسان مٿين چئن ئي ڪتابن کي پاسي تي رکي سندس تازي تخليق “ماڻهو اجرا رستا ميرا” جو ذڪر ڪندس. جنهن جو نئون جنم ٿيو آهي ۽ اڄ ان جي منهن ڏکائي جو ڏينهن به آهي. سو اچون ٿا ان ڪتاب ڏانهن. مون جيڪوان ڪتاب مان پهريون شعر چونڊيو آهي. اِهو اوهان ان ڪتاب جي صفحي نمبر 69 تي ڏسي سگهو ٿا. اهو نه رڳو ان غزل جو شاهه بند آهي. پر سڄي ڪتاب ۾ سڀ کان سهڻو شعر آهي. لفظي جوڙ جڪ کان ويندي احساساتي پسمنظر تائين. جنهن ۾ حسن به آهي ته تڪليف به. توهان چوندا ته حسن ۽ تڪليف؟ ته مان چوندس ته ان تڪليف ۾ ئي ته سندس حسن لڪل آهي. شعر پڙهو:
‘ذلف’ ايئن ئي شعر لکي ٿو،
ماءُ جيئن ڪا ٻار ڄڻي ٿي.
ڌيان ان هيٺين سٽ تي ڏيو ‘ماءُ جيئن ڪا ٻار ڄڻي ٿي’. ظاهر آهي اهي سمورا شعر ان ٻار ڄڻڻ واري تڪليف کانپوءِ ئي وجود ۾ آيا هوندا ۽ ايئن آهي، هر تخليق تڪليف کانپوءِ ئي جنم وٺندي آهي. اها ڪا سائنسي ايجاد هجي، ڪو ادبي ڪارنامو هجي يا ڪنهن ماءُ جو ٻار کي جنم ڏيڻ جو مرحلو، وڏي ڪرب ۽ تڪليف مان ان کي گذرڻو پوندو آهي ۽ جڏهن اهو مرحلو گذري ويندو آهي ان کانپوءِ جا سرشاري حاصل ٿيندي آهي، اُها ڪا ماءُ، ڪو محقق يا سائنسدان يا ڪو تخليق ڪار ئي ٻڌائي سگهي ٿو ۽ ان جو اولڙو اڄ اوهان ذوالفقار جي چهري مان به پسي سگهو ٿا ۽ هر تخليق پنهنجي سرجيندڙ کي ان ڪري به پياري هوندي آهي جو اها وڏي تڪليف کانپوءِ جنم ورتو هوندو آهي، سواءِ تڪليف جي، جي ڪنهن کي ڪا شئي ملي وڃي ته ان جي اهميت پوءِ ڪانه رهندي آهي، ان جي وڃائجي وڃڻ جو ڏک به پوءِ ڪونه ٿيندو آهي. ان ڪري پنهنجي تخليق سان تخليقڪار کي لڳاءُ فطري آهي. ان ۾ جي عيب هوندا ته اهي کيس نظر ڪونه ايندا. ڊاڪٽر جي هن ڪتاب ۾ جي عيب ڳولينداسين ته اُهي به ملندا، پر اسان عيبن بجاءِ خوبين جي ڳالهه ڪنداسين ۽ هونءُ به عيبن کان ڪو آجو ڪونهي. تنهنڪري بجاءِ عيبن جي ان جون خوبيون ڇو نه ڳولجن.
ساري سنڌڙي پيار آ منهنجو،
جنهن جي چوڌر منهنجا ڦيرا.
هي احساس اهو ساڳيو احساس آهي، جنهن کي اسان جي حسن درس “ساري سنڌ پرين جو پاڇو” چئي اظهاريو آهي، پر ٻنهيءُ جو ڊڪشن جدا آهي. ٻنهيءُ جون سٽون اکين تي رکڻ جهڙيون آهن ۽ اسان ٻنهيءُ کي اکين تي ئي رکيو آهي. ان لاءِ جو اِهي سٽون جنهن پيار ۽ پاٻوهه مان لکيون ويون آهن. ان جي ڪڇ ماپ نٿي ڪري سگهجي ۽ جڏهن ذوالفقار اهو چئي ٿو ته:
پيار ماپي ۽ ڪاڇي جو ناهي رهيو،
پيار جي ڇوهه ۾ آءُ گڏجي ڇلون.
ته اهو شخصي ۽ ذاتي نوعيت جو به ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ هڪ مجازي محبوب جي گول دائرو ٺاهي ماڻهو ان جي گرد چڪر ڪاٽيندو رهي (۽ اهو عيب به ڪونهي) ۽ ساڳي وقت ان کي هڪ وسيع پليٽ فارم به مهيا ڪري سگهجي ٿو ۽ جڏهن “عالم سڀ آباد ڪرين” تائين جو دائرو ڇڪي سگهون ٿا.
‘ذلف’ سڄو سنسار اسان جو
پيار ورهائڻ آيو آهيان
ان ۾ “عالم سڀ آباد ڪرين” وارو اولڙو پسي سگهون ٿا ۽ اهو سڀ علم جي روشني جي بدولت آهي.
علم اسان جي حصي آيو
جاهل وٽ آ دولت سائين
۽ اها علم جي ئي روشني آهي، جنهن اسان جي ڀٽ ڌڻي کان “عالم سڀ آباد ڪرين” جهڙي شاهڪار سٽ لکرائي ته اسان جي ذوالفقار کان به “سڄو سنسار اسانجو” جهڙي سٽ چورائي، رهي ڳالهه جاهل جي ته، ويچاري وٽ دولت کانسواءِ آهي به ڇا؟ ۽ جي اِها به نه هجيس ته ويچارو ڇا ڪري؟ تنهنڪري کيس حال تي ڇڏي ڏجيس ته بهتر.- بس اسانکي رڳو ان سچ کي بچائڻو آهي. انهن ماڻهن کي بچائڻو آهي جن کي سچ جي پاداش ۾ زهر جو پيالو ڏنو ويو يا سوليءُ تي لٽڪايو ويو، سقراط، سرمد ۽ منصور کان اڄ تائين اها ساڳي ڪار دهرائي پئي وڃي. اهو ڇو؟ ان لاءِ جو:
ڪوڙ بڻيو قانون هتان جو
سچ چڙهيو آ يارو! ڦاهي
سچ چڙهيو آ ڦاهي يارو: اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته نا انصافي بحال آهي. نا انصافي کي نا انصافي سڏڻ، اهو به هڪڙو جهاد آهي ۽ اها نا انصافي ان ڪري وڌي وڻ ٿي آهي جو انهن ڪوڙن قانونن ۾ اڃان ڪنهن رندو وڌو ناهي ۽ جڏهن ان ۾ رندو پوندو تڏهن ئي انصاف جو سج اڀرندو، ٻي صورت ۾ اهو سندن مقدر ئي سمجڻ گهرجي. “ڪوڙ بڻيو قانون هتان جو”، “هتان جو” کي توهان وسيع تناظر ۾ ڏسي سگهو ٿا. سڄي دنيا ۾ اهو ڪوڙ ئي آهي، جيڪو هاهاڪار لايون ويٺو آهي.
ان شعر ۾ هڪڙو پيغام آهي، جي اسان ان پيغام جي تهه تائين پهچي وياسين ته اسان پنهنجي قسمت بدلائڻ جي قابل ٿي سگهون ٿا. ٻي صورت ۾ ايئن بي دريافته ماربا رهنداسون ۽ اهو سڀ علم جي روشني ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ اها علم جي روشني جڏهن گهر گهر عام ٿيندي تڏهن ئي ان اونداهي ڳهڻ مان جان ڇٽندي جا آهستي آهستي اسان کي ڳيهي رهي آهي.
هي هن وقت تائين مون جيڪا به ذوالفقار جي شاعري توهان سان ونڊي آهي، ان ۾ اسانجون توهانجون ڳالهيون آهن، پنهنجي ديس جون ڳالهيون آهن، پر ذوالفقار جي اندر جي ڳالهه ڪانهي، جنهن ۾ ذوالفقار جو ذاتي غم يا خوشي جو عڪس نظر ايندو هجي ۽ هاڻ اهو درد به لاڪ ڪنداسون. سو اچو ته ذلف جي داخلي پاسن تي به هڪ نظر وجهون.
ايڏو ڏئي اوجاڳو ويو آ
ننڊ ڪرڻ کان نيڻ ڇٽي پيا
نه ڪر بجاءِ مونث جو صيغو استعمال ڪجي ها ته بهتر ٿئي ها. بهرحال:
هي شعر ذوالفقار جي ذاتي پيڙاءُ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اها ڀوڳن ۾ ئي ڪنهن ماڻهوءُ کي انسان بڻائي ٿي ۽ جڏهن ڪو ماڻهو، انسان بڻجندو آهي، تڏهن ئي اهو دنيا لاءِ ڪارائتو بڻبو آهي. تڏهن ئي ان جي سوچ جو ڦهلاءُ ڪائناتي بڻجي ويندو آهي.
جڏهن اسان هن شعر جي شاعراڻي خوبيءُ جو ذڪر ڪنداسين ته اها اسان کي ان جي هيٺين سٽ ۾ نظر ايندي “ننڊ ڪرڻ کان نيڻ ڇٽي پيا” هڪڙي نئين ۽ وڻندڙ ترڪيب بڻجي پئي آهي. جنهن ۾ هڪڙي ڏوراپي سان گڏ انتظار جي شدت کي احسن ڪاريگريءُ سان اڀاريو ويو آهي ۽ اهڙا ڪيترائي شعر آهن جيڪي مان اوهان کي ذوالفقار جي شاعريءُ مان چونڊي پڙهائي سگهان ٿو. هڪڙو مثال:
انڌيرو ايڏو جو ماري روئي
تڏي تي قاتل اچي ويا هن
هڪڙي هانءُ ۾ هٿ پائيندڙ تڪليف به آهي ته شڪايت به... ان هوندي به اهو چوڻ ته:
مختصر زندگي
پيار ئي مون ڪيو
جن کي زندگي جي بي ثباتي جي خبر آهي اُهي ئي ايئن سوچيندا آهن ۽ اها ئي مثبت سوچ آهي. هر ماڻهو جي ايئن سوچي ته دنيا جنت نظير بڻجي پئي ۽ هي سمورو پيغام دنيا کي سنئين دڳ لائڻ جي ڪوشش سمجهڻ گهرجي. ان ڪوشش ۾ جي فن ۽ فڪر جي پاڻ ۾ هم آهنگي هوندي ته اها ڪوشش جٽادار به هوندي ۽ پائندگي به ماڻيندي. ٻي صورت ۾ ان سڏ کي نه ڪو ڪنائڻ وارو هوندو ۽ نه ئي وري ورنائڻ وارو ۽ جڏهن ڪا شئي ٻڌي ئي نه ويندي ته ان جي ورنائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي سگهي.
ذوالفقار جا هي اسم جيڪي مون پنهنجي اڀياس هيٺ آندا آهن، انهن ۾ اها طاقت هئي جو انهن منهنجو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو، مون کين ڪنايو ۽ سندن سڏ توهان تائين پهچايو آهي. توهان اهو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪريو ٿا يا کين جيءُ ۾ جايون ڏيو ٿا. اهو ڪم توهان جو آهي.