جوڳيءَ جاءِ ماڻي آهي
مجموعي جي خاص ڳالهه آهي ان ۾ آندل نظمن جو مختصر هجڻ، (سواءِ ڪن ٿورن جي) ساراهڻ جوڳو آهي،
شاعر کي جي ڏانءُ ۽ ڏات هجي ته هو پنهنجي فڪر کي سهيڙي ۽ سميٽي، ننڍي نظم واري هيئت ۾ سمائي سگهي ٿو، هن مجموعي پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته ذوالفقار سيال کي اهڙو ڏانءُ به آهي ته ڏات پڻ.
پنجڪڙي جي گهاڙيٽي کي سنڌي ٻوليءَ جي موسيقيت سان هم آهنگ ڪري اُن ۾ ردم پيدا ڪرڻ هڪ انوکو قدم آهي، ان کانسواءِ قطعن ۽ ننڍڙن آزاد نظمن ذريعي ٿوري ۾ گهڻو چوڻ ۽ مختصر لفظن کي جذبن، احساسن، عڪسن سان ڳتيل ٻولي Compact language ڪم آڻڻ ذوالفقار سيال جو ئي ڪم آهي.
ذوالفقار سيال جي سڄي شاعري وقت گذارڻ يا وندر جو سامان نه آهي، پر اها هڪ ڳنڀير ۽ عظيم مقصد کي پهچڻ لاءِ جدوجهد جو هڪ ذريعو آهي، عالمي، انسان دوستي، بي تعصبي ۽ پيار، اهي اعليٰ آدرش آهن، جن ڏانهن سنڌ صدين کان سڄيءَ دنيا کي سڏيندي رهي آهي، ذوالفقار سيال به سنڌ جي انهيءَ آواز ۾ پنهنجو آواز ملائي، ان جي آواز کي وڌيڪ زورائتو بڻايو آهي ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ جوڳيءَ جاءِ ماڻي آهي.
تنوير عباسي
(9 جنوري 1989ع)