ننڍڙا فرشتا پياريون پريون: ڊاڪٽر روشن گولاڻي
سنڌ-هند ۾ معياري، گوناگونيت، جديد ترين مضمونن ۽ سائنسي کوجنائن کي کڻي هر طرح جو ادب رچيو ويو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌيءَ ۾ ٻال ادب کي جيتري اهميت هئڻ گهرجي اوتري نه ملي آهي، گهڻن اديبن اعليٰ ترين، باتصوير ٻال ادب رچيو آهي، جن ۾ اسان جو پيارو، دلارو دلبر دوست ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن سان سچي، دلي دوستي پنهنجي ذات کي ٻارن لاءِ ارپڻ ڪري ننڍڙن فرشتن ۽ پيارين پرين جي ياد تازه ڪئي آهي.
جناب ذوالفقار، سنڌ جي نامڪلين اديبن ۾ شماريو وڃي ٿو، اديب طور هن صاحب ڪافي ناموس ڪڍي آهي، سندس قلم مان 16 ڪتاب اشاعت هيٺ اچي چڪا آهن، جن ۾ ٻارڙن لاءِ به ڪتاب آهن ته وڏن لاءِ پڻ. مونکي هن صاحب جي ٻارن جي لاءِ لکي شايع ٿيل ڪتاب “ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون” تي ڪجهه لفظ لکڻا آهن.
مونکي “ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون” خاص طور پسند پيو آهي، اِهو انڪري جو هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ شعر نوان مفهوم کڻي آيا آهن، ٻولي سولي، سليس، سهج سڀاءُ جي لڳي آهي، جا ٻال بلڪل سولائيءَ سان پڙهي، دلي لطف پائي سگهن ٿا. خود توهان پڙهي امين ٿيو ته بهتر، هن ڪتاب ۾ ڪل 35 شعر آهن، جن مان ڪي مثال هت پيش ڪيان ٿو:
علم ته آهي هيرن کاڻ،
پڙهي پرائي پاڻ سڃاڻ.
علم کي هيرن جي کاڻ ڪوٺڻ جو نئون طريقو شاعر، ٻارن کي سيکاريو آهي.
هن غزلي ڪويتائن جي اڳئين بند ۾ ٻال کي عالم، پڙهي پاڻ سڃاڻڻ جي صلاح ڏئي ٿو، آخري بند ۾ علم جي سُڌ ڏانهن اشارو ڪندي شاعر چوي ٿو:
علم سڏي سڀني کي چئي ٿو،
آءُ تون، پنهنجي منزل ماڻ!
هڪ ٻيو شعر وري “مينهن جي ڪڻ” کي نمودار ڪري ٿو:
مينهن پيو آ ڇم ڇم،
هر جا ٿي وئي آ رم جهم،
ٻارن کي مينهن جا ڏينهن ڏاڍا وڻندا آهن، اها ڳالهه ڌيان ۾ آڻي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال مٿيون مصرائون وجود ۾ آنديون آهن.
انسان جون ٻه مائرون آهن، هڪ ڌرتي ماءُ، جنهن تي رهي انسان پلجي ٿو ۽ ٻي ماءُ، اسان کي جنم ڏنو آهي، هتي جنم ڏيندڙ ماءُ کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي:
پالي تاتي مدد ڪري ٿي،
ماءُ بنا دنيا بيڪار،
ماءُ جي ڪوئي مَٽ نه آهي،
پيرن هيٺان جَنت پار.
سچ پڇ ماءُ مهان آهي، ممتا جي صورت آهي، پر ماتما جي صورت آهي. سنڌ جي شاعر سائين ڪشنچند بيوس جي شعر جي هڪ سٽ آهي:
“اُهي مائر ڀلي مُرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين”
يعني ماءُ کي مُرڪڻ لاءِ التجا ڪري ٿو، جنهن پينگهي ۾ لوڏي، لولي ڏئي ننڊ ڪرائي ۽ ايئن سار سنڀال لڌي، ماءُ اهميت کي ڌيان ۾ رکي شاعر ماءُ تي ٻي به ڪويتا رچي. عُنوان آهي “او مٺي ماءُ” شاعر ٻارن کي پُڇي ٿو “مٺ ۾ ڇا هي؟”
پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو:
مُٺ ۾ ڇاهي؟
ڪجهه به ناهي،
هر پل سڀ ڪجهه
مُٺ ۾ آهي.
سليس ٻوليءَ ۾ ننڍڙيون مصرائون، ٻارن جي ننڍڙن نخرن جيان! منهنجي نظر ۾ هيءُ جيئن جيئن لفظن (هر سٽ ۾ اٺ اٺ ماترائون) ۾ ٻه شعر رچي شاعري ڪندڙ ٻار شاعر مشڪل سان ملندا. ننڍڙن ٻارن جي ڏانءَ جا اِهي شعر آهن. واهه واهه! اسان وٽ هند ۾ هڪ چوڻي آهي:
“پيسي بنا پرساد، ڪروُ نه ڏئي هٿ ۾!”
يعني ٽڪاڻن، مسجدن، مندرن ۽ گردوارن ۾ به پرساد وٺڻ لاءِ اڻسڌي دانءَ جي گُهر ٿيندي آهي، انڪري ئي هن ڪتاب جو شاعر لکي ٿو:
کيل سارو ختم،
پئسا ٿي ويا هضم!
خرچيءَ طور مليل پئسا ختم ٿيڻ تي ٻال جي مُوڊ جو سڄو کيل پورو ٿي ويو، پوءِ چوڻو پوندو.
“اڇا ڪپڙا، کيسا خالي”
اَنگَ سکڻ جو ڏانءٌ به پرائيندي اسڪولي ٻارن کي ڏنو آهي، سيال صاحب:
هڪ ٻه ٽي چار،
تاڙي ماري پکي اُڏار،
ٻار کي تاڙي وڄائي، پکي اڏائڻ جو ڏانءُ ڏنو آهي ۽ ايئن ويهه انگ سيکاريا آهن.
هيٺ ٻارن جي لاءِ پڻ (چئن لفظن: اَٺ ماترائون) جا ننڍڙا شعر رچي، ٻارڙن کي پڙهڻ لاءِ ريجهائڻ جي ڪامياب ڪوشش آهي. عقل، ڏاهپ جي سوچ وڌائي ٿو، انڪري چوي ٿو:
عقل ڏاهپ جي سوچ وڌائي:
اُهي چار لفظ سولا، سليس ٻارن کي پاڻ ڏانهن موهِت ڪندڙ، اڄ جي ٻُساٽ ۽ اُساٽ کي ڌيان ۾ رکي ٻارن کي پاڻي گهڻو پيئڻ جي صلاح ڏيندڙ شاعر چوي ٿو:
پاڻي پيئو،
جيون جيئو.
هونئن به چوندا آهن: “جل بنا جيون ناهي”
مختصر ۾ جيڪو ايئن چوان ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هي ٻارن لاءِ رچيل ٻاراڻو مجموعو سچ پڇ ساراهه جي مستحق آهي ۽ ٻارن توڙي وڏن کي پڙهڻ ۾ ڪافي دلي سُڪون ملندو ۽ اُهي مَن جي موج به ماڻيندا، اهڙي اُميد اٿم.
(ڪتاب “ننڍڙا فرشتا ــ پياريون پريون” جو مُهاڳ، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، 2019ع)