شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

عاشق ۽ شاعر: بشير منگي

ذوالفقار سيال جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ چونڊجي اچڻ سان سنڌ هڪ نئين ادبي ماحول کي ڏٺو ۽ پويان نظر ڦيرائي سنگت جي تنظيم جو جائزو ورتو ته هڪ وڏو فرق نظر آيو. 23 سالن جي عرصي تائين مرڪزي سنگت جون يڪ طرفه ڪارروايون ڪارڪنن ۽ نوجوان اديبن مان جوش ۽ ولولي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو ۽ هوڏانهن حيدرآباد ۾ سنگت جي عمارت وارو ڪم به رولڙي جو شڪار هو، پر جڏهن ذوالفقار سيال مرڪزي قيادت جون واڳون سنڀاليون ته ماحول ۾ هڪ هاڪاري لرزش پيدا ٿي پئي ۽ نوجوان ڪارڪن ۽ اديب هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي نئين سرواڻ جي قيادت ۾ نئين جوش ۽ جذبي سان ديس جي سپنن کي ساڀيائون ڏين خاطر اُٿي کڙا ٿيا ۽ سنگت کي نئين سري سان متحرڪ بڻايو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ذوالفقار سيال جي پويان سندس جذبي جيان ٻين انيڪ ۽ سينئر ساٿين جو به ساٿ شامل هو، جن ۾ آءُ ساڻس گڏ گڏ رهيو آهيان. ذوالفقار سيال صاحب گهڻن کان ڀلوڙ شاعر آهي، سندس ڪردار ڪُشي دراصل سندس ڪاميابي کان ڊپ جو ئي نتيجو آهي. بنهه ٿوررا ڪي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي هڻ هڻان ۾ پنهنجي جينئس پُڻي کي ناهن ڇڏيندا _ ائين ئي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادب جي اُفق تي هڪ جينئس شاعر طور روشن ستاري مثل اهي، جنهن جي ميرانجهڙي روشني اونداهي جي احساس جي خاتمي کي ختم پئي ڪري.
زلف هڪ همت، جستجو ۽ جدوجهد جو نالو آهي. شاعري ۾ جيتوڻيڪ هن گهربل مقام نه ماڻيو آهي پر هڪ ڪارڪن طور هن جو جذبو ۽ عمل وڏي شاعري تان قربان ڪري سگهجي ٿو. هو بنيادي طور تي رومانوي شاعر آهي، فطرت جي ويجهو آهي. نواڻ پسند ۽ شاعريءَ جي هيئت ۾ تجربا ڪندڙ شاعر آهي. هن جا غزل، گيت ۽ ٻيو ڪلام سنڌ جي سڀني ناميارن فنڪارن ڳايا آهن:
ياد مون کي پرين ايڏو ايندو نه ڪر،
مون کي پنهنجو ڪري پيار ڏيندو نه ڪر.
*
مون کي مرڪي جنهن تو ادا سان ڏٺو،
درد جاڳي پيو، پيار ٻيهر ڦٽو،
ياد تنهنجيءَ، سڀئي زخم پوري ڇڏيا،
دل جي واريءَ مٿان پيار آهي اُٺو.
ذوالفقار سيال ڏسڻ ۾ نازڪ ۽ نفيس ماڻهو آهي پر ان سان گڏوگڏ هن جي اندر جي اڏولتا صورتحال کي منهن ڏيڻ جي وڏي طاقت رکي ٿي. هڪ شاعر جي ناتي سندس رومانوي شاعري پُر اثر ۽ دل کي ڇهندڙ آهي، جيڪا جهر جهنگ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.
هو پنهنجي اندر جي ڀڃ ڊاهه کي جيتوڻيڪ پنهنجي ٽهڪن ۾ لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪري ٿو پر عاشق ۽ شاعر جو درد واڪا ڪيو خوبصورت شاعريءَ جي صورت ۾ نڪريو نروار ٿيو پوي.