شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو فن ۽ شخصيت: ستار ڀٽي

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريد آباد تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. خانداني لحاظ کان سندس تعلق زميندار پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي. جنهن جو ڏوڪري تعلقي ۾ راڄ ڀاڳ ۽ سياسي اثر آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 1972ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1974ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر سائنس پاس ڪري ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1980ع ۾ پاس ڪئي. جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان 1984ع ۾ پاس ڪري صحت کاتي سان وابسته ٿي ويو آهي. هن کان اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي ايس سي ۽ 1978ع ۾ سوشل ورڪ ۾ ڊپلوما به ڪئي اٿس. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سرڪاري ملازمت بحيثيت ميڊيڪل آفيسر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1984ع ۾ شروع ڪئي. تنهن بعد آر ايم او (ايڊمنسٽريشن) ايل ايم سي حيدرآباد 91-1986ع ۾ اسسٽنٽ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد کانپوءِ ميڊيڪل آفيسر ۽ پوءِ چيف ميڊيڪل آفيسر سينٽرل جيل ڪراچي ۽ ڪراچيءَ ۾ ايڊيشنل پوليس سرجن ۽ هاڻي ايم ايس چانڊڪا اسپتال آهي. ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان سندس گهڻو لاڳاپو رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو 1972ع ۾ سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري سنڌ رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو 1975ع سيڪريٽري گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد 1974ع، ايڊيٽر ڦليلي، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، مئگزين سيڪريٽري، شاگرد يونين ايل ايم سي ڄامشورو 1976ع، سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ايل ايم سي 1978ع ۽ ايل ايم سي اسٽيج جو باني هن ڊرامو “سور کان سڪون تائين” بهترين ڊرامو لکيو ۽ ڊائريڪٽ ڪيو. ايل ايم سيءَ ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس 1977ع ۾ منعقد ڪرائي، جنهن کانپوءِ ان ليول جو ڪو پروگرام اڃا تائين نه ٿيو آهي.
خزانچي سنڌي ادبي سنگت سنڌ 1996ع ۽ ان کانپوءِ علاوه هينئر ڪريئيٽو آرس فورم آف پاڪستان جو باني چيئرمين به آهي. ادب ۾ 1972ع ۾ لکڻ ٻاراڻي ادب کان شروعات ڪيو اٿائين. پهريان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين. ايڊيٽر چاڪوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻي 76-1974ع به رهيو. ڊاڪٽر سيال جي شاعري جا مجموعا “رڻ سڄو رت ڦڙا”، “مکڙين مالها”، “ڳاڙها هٿ پيلا چهرا”، “منهنجي ديس جا ٻار”، “گلڙن جهڙا گيت”، “لفظن جا رانديڪا”، “گيت کيڏوڻا” (اردو کان ترجمو) جيڪو سنڌالاجي پاران ڇپيو. “اجرا ماڻهو رستا ميرا”، “بارش کانپوءِ” کان علاوه ڪهاڻين جو مجموعو “پٿرن جا ماڻهو” ڇپائي هيٺ آهي. ٽي وي پروگرام سائنس مئگزين، حال احوال ۽ واءٌ سواءٌ جي ميزباني ڪئي اٿائين. ان کانسواءِ ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ريڊيو تان سندس لکيل شاعري اٽڪل ٻن سون کان وڌيڪ ملڪ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، جن ۾ مهدي حسن، محمد يوسف، گلزار علي خان، مهناز، گلبهار بانو، عابده پروين، عالمگير، برڪت علي، شبير سمون، محمد علي شهڪي، لبنيٰ نديم، وحيد علي، زرينه بلوچ، سحرش ميمڻ، شبير شاهاڻي، منظور سخيراڻي، شمن علي، شبانه ڪوثر، شازيه ڪوثر، آسيه سمن، شازيه حسين، سرمد سنڌي، سجاد يوسف، مهر سيمي، سجاد علي، تبسم وارثي، فرح جبين، نذير سمون، عاشق نظاماڻي، الهداد زرداري، تعمير حسين، رزاق جميل، ذوالفقار علي، مظهر حسين، نذر حسين، فريحه ضيا، شمي دلڪش، ماستروڪي، فيروز گل، ظفر علي خان، محمود علي، غلام علي شاد، ايم لطيف، سميرا رياض، جاويد اختر، سلامت علي، افشان احمد، ثمر اقبال، مختيار علي، رخسانه مينا، ثمينه ڪنول، فرح خانم، ٽرپل ايس سسٽرز، خليل حيدر، روحاني بانو، رجب علي، امير حسن، احمد مغل، انيتا رياض، سليم جاويد، بينا حسن، ارشد محمود، ديبا سحر، سينگار علي سليم، انجم آرا، عاليه جبين، عصمت جبين، قمر سومرو، مونا جوڻيجو، شهلا اسرار، غلام قادر، تهمينه سردار، ساجده عمراڻي، عبدالله ڪڇي پڻ شامل آهن. جنهن لاءِ هو سنڌ جو واحد خوشنصيب شاعر آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا اٺ آڊيو البم پڻ رليز ٿي چڪا آهن. جيڪي سنڌ جي مشهور موسيقارن، فيروز گل، غلام علي، ظفر عيل خان، مرزا لاکاڻي، زيد ايڇ فهيم، فتح علي خان، نياز حسين، پروفيسر نجمي رضوي، نياز احمد، امداد حسين، فيروز الدين، زاهد حسين، امانت گل، ڪريم شهاب الدين ۽ ٻين ڪمپيوز ڪيا آهن.
هن ڪيترائي مئگزين ايڊٽ ڪيا آهن. جن ۾ لطيف سوکڙي، لطيف گريجوئيٽ وغيره شامل آهن.
پاڻ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ اردو رسالي “نيو جنريشن” جا اعزازي ايڊيٽر پڻ رهيا آهن.
سندس ڪالم روزانه سنڌ نيوز حيدرآباد ۾ 1979ع کان 1980ع تائين “سرخين جي درميان” سري هيٺ ۽ روزانه عبرت حيدرآباد ۾، روزانه عوامي آواز ڪراچي ۾ آئينا ۽ عڪس سري هيٺ ڪيتري وقت کان ڪالم لکندو رهيو آهي.
روزانه عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ قطعه پڻ لکيا اٿائين.
ڪيترن ئي اخباري صفحن جو انچارج پڻ رهيو آهي. جن ۾ روزانه سنڌ نيوز حيدرآباد ۾ ٻارن جو صفحو ۽ ادبي صفحو، روزانه آفتاب حيدرآباد ۾ ادبي صفحو شامل آهن. سندس لکڻيون ۽ شاعري سنڌ، هند جي سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪي آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٽي وي پروگرام روشن تارا ۽ مهڪار جو ڪيتري وقت کان اسڪرپٽ پڻ لکندو رهيو آهي .ٽي وي تان پاپ سانگ، ٽيپ سانگ نظم لکڻ وارو واحد ۽ پهريون شاعر آهي. جنهن ڪري هن جو ادبي قد ڪاٺ سنڌ جي گهڻن شاعرن کان اوچو ۽ اعليٰ آهي. هن سنڌي موسيقيءَ ۾ اوريجنل ڪمپيوزنگ ڪيسٽون ڪڍي، سنڌي موسيقيءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي موسيقيءَ ۾ ڪيترائي نوان لاڙا ۽ ٽرينڊ سيٽ ڪيا آهن، جنهن جو مثال سندس ڪيترائي مقبول پاپ سانگ، ٽيپ سانگ ۽ خوبصورت گيت آهن.
ڊاڪٽر سيال سنڌيءَ کان علاوه سرائيڪيءَ ۾ اردوءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. جيڪا ٽي وي تان علي حيدر جنون گروپ واري سلمان آسيه سُمن ۽ سحرش ميمڻ ڳائي آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، نئين دهليءَ ۾ سچل ڪانفرنس اسلام آباد ۾ اهل قلم ڪانفرنس ۽ ٻين ڪيترن ئي ادبي ڪانفرنسن ۾ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري شعر پڙهي چڪو آهي. کيس هندوستان، لنڊن ۽ ملڪ ۾ ڪافي مڃتا ملي آهي. اڄڪلهه عبرت مئگزين حيدرآباد ۽ سندس يورپ، آمريڪا ۽ مڊل ايسٽ جو سفر نامو “ديسي سين سي پرين” قسطن وار شايع ٿي رهيو آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادب جي انهن تمام ٿورن شاعرن ۾ شامل آهي. جنهن کي هند سنڌ ۾ نه صرف ڄاتو وڃي ٿو. پر سندس ڀرپور پذيرائي ڪئي وئي آهي. جيڪا سندس ٽهيءَ جي شاعرن کي نصيب ناهي ٿي.
هو نه صرف سٺو انسان، پر هڪ بهترين شاعر ۽ نثر نگار آهي، پر هڪ ايماندار آفيسر پڻ آهي ۽ انهن سڀني خوبين جو گڏيل مجموعو اسان جو يار ذوالفقار سيال آهي.
گلابن جي خوشبوءِ ترقيءَ جو پيار ۽ زندگيءَ جا حسين عڪس آهن. مان جيڪڏهن هن کي سنڌ جو خوبصورت ترين شاعر چوان ته وڌاءٌ نه ٿيندو.