چانڊوڪي ۽ گلابن جي خوشبوءِ جهڙو شاعر
سنڌي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪل دور کان وٺي، شاهه لطيف تائين. شاهه سائينءَ کان شيخ اياز تائين_ ۽ ان کانپوءِ به نه صرف شاعري ڀرپور آهي، پر ان ۾ تمام گهڻي موسيقيت به سمايل آهي. جيڪا دنيا جي هر حوالي سان پنهنجي عروج تي آهي.
جديد سنڌي شاعري ۾، وري آزاد نظم جي مقبوليت ۽ قبوليت آهي. پابند شاعريءَ تي جديد ۽ نوجوان شاعرن تمام گهٽ ڌيان ڏنو آهي. سواءِ انهن ڪجهه شاعرن جي، جيڪي ماڊرن پوئٽريءَ جو ڀرپور حوالو آهن.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو اهم نالو ۽ حوالو آهي_ جيئن اُڀ تي چنڊ. جنهن جي شاعريءَ غنائيت (Lyric) سان ڀريل آهي. هن جديد غزل ۽ گيت کي هڪ نئون رنگ، روپ ۽ ذائقو ڏنو آهي. هن جو اسلوب سندس پنهنجو ۽ نرالو آهي. سندس اظهار جو ذريعو عوامي، سڌو سادو ۽ فڪر وارو آهي. ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ مٽيءَ جي مهڪ ۽ خيالن جي گهرائي آهي. هن جو فڪر ۽ فن، هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن. سندس شاعريءَ جو شمار دنيا جي بهترين ليرڪس ۾ ڪري سگهجي ٿو. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته ذوالفقار سيال جا گيت بلڪل نوان ۽ ماڊرن پيرائي ۾ آهن، جيڪي پوئٽريءَ جون سموريون گهرجون پوريون ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ گيت تمام گهٽ لکيا ويا آهن. بردو سنڌيءَ کانپوءِ ڄڻ اها صنف نظر انداز ٿي وئي هئي. پر جديد شاعرن ۾ ذوالفقار سيال جا ايتري تعداد ۾ هتي خوبصورت گيت پڙهي، مان پڪ سان اهو چئي سگهان ٿو ته، ذوالفقار غزل ۽ گيت جو يڪسان بهترين ۽ وڏو نالو آهي. هن جا گيت روايتي گيتن، جنهن ۾ اسان جا لوڪ گيت طرز جا گيت به اچي وڃن ٿا. کان هٽيل، بلڪل نوان ۽ ڏاڍا خوبصورت آهن. جنهن سان سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين خوشبو ۽ نواڻ پيدا ٿي آهي. مان منجهي پيو آهيان ته هن کي غزل جو يا گيت جو وڏو شاعر چوان. بهرحال هو بلاشڪ ٻنهي صنفن جو موجوده وقت ۾ وڏو شاعر آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ ذهني ٿڪ لهيو وڃي. هن جا ڪيترائي شعر، ريفرنس طور ڪم ايندا ۽ سندس شاعري مزاحمتي شاعري جو هڪ نئون باب پيش ڪري ٿي_ جيڪو هڪ طويل رات جي مزاحمتي ادب جو اولڙو آهي. هن جي پيشڪش ڏاڍي خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ آهي. جنهن ذوالفقار سيال کي جديد ادب ۾ تمام گهڻو مٿي بيهاريو آهي. هن خوبصورت ڪتاب تي کيس مبارڪ ڏيان ٿو.
(“چهرا چنڊ گلابن جهڙا”، سال 2003ع)
الطاف شيخ