ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيئن ڏٺو مون: پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
شاعر جي هڪ زندگيءَ ۾ اوسر جون ڪيتريون زندگيون سمايل هونديون آهن. هڪ شاعر پنهنجن تخليقن جي جدا جدا منزلن ۾ جُدا جدا تخليقي جلوا ڏيکاري ٿو. اسان جي سنڌ ڌرتي جي پياري شهر لاڙڪاڻي (ساهه سيباڻي) جو هڪ شاعر ۽ هڪ اديب، جنهن جو ادبي سفر، هزارها پنن تي مشتعمل هوندو، جنهن پنهنجي تخليقي سفر ۾ ڪيترائي شاعري ۽ ادب جا ڪتاب اسان کي پڙهڻ لاءِ ڏنا آهن، جيڪو مشاعرن ۽ ادبي محفلن جو مور سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سنڌي ادبي سنگت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، تنهن لاءِ آئون اهو چونديس ته، “چنڊ ۽ تارن جيڏو تخليقي پرواز رکندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سنڌ جو اهڙو پيارو ۽ خوبصورت شاعر ۽ اديب آهي، جنهن جون لکڻيون پڙهي، سندس جمالياتي ذوق جي پروڙ پئجي ويندي آهي.”
جماليات ۽ منظر ڪشي، شاعريءَ ۾ چار چنڊ لڳايو ڇڏين، ڊاڪٽر ذوالفقار کي پنهنجي قلم تي مضبوط گرفت آهي. هُو جڏهن شاعري ڪري ٿو ته ان سان به پورو انصاف ٿو ڪري،جي ڪهاڻيون لکي ٿو انس ان به پورو انصاف ٿو ڪري، شاعر ۽ اديب کان علاوه هو بهترين انسان آهي، هُو ڌرتيءَ ڌڻين جو گهڻگهرو آهي. ڪنهن کي ڏک ۾ ڏسي نه سگهندو آهي، هڙان- وڙان، هر ممڪن ڪوشش ڪري، هر ضرورتمند جي مدد ڪندو آهي، هُن جي سوچ ۽ فڪر جي صلاحيت گهڻي مٿانهين آهي. جيئن سُونهن آرس ڀڃي، سِرنهن جي ڦولار جي هڳاءُ سان واسجي ويندي آهي، تيئن سندس دل ۾، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هڪ خاص محبت سمايل آهي، سندس لفظن ۽ لهجي ۾ سچ ۽ پيار سمايل آهي. هُو ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ ٿيندي ڏسي، صبر ڪري نٿو سگهي.
جيئن ته پاڻ پيشي جي اعتبار کان ڊاڪٽر (مسيحا) آهن، جنهن ڪري سنڌ جو ڪوبه فرد امير هجي يا غريب، اُن جي علاج ۾ ڪابه غفلت نه ڪندو آهي پر غريبن سان خاص همدرديون هونديون اٿس. سنڌي ادبي سنگت جو ڪوبه فرد، ڪوبه ميمبر، علاج جي سلسلي ۾ هليو وڃي ته ڀرپور تعاون ڪندو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي آهي ته هُو ايترو مصروف رهندي، ادب ۽ شاعري کي ايترو وقت ڪيئن ٿو ڏئي؟ سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ (ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين) ڪا ادبي ويهڪ هجي، ڪنهن ڪتاب جي مهورت هجي، ڪنهن پروگرام جي صدارت هجي، ڪڏهن به ذمه داري کڻڻ کان لاچاري ڪونه ڏيکاريندو، اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي ته مون ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ مهمان خاص لاءِ دعوت ڏني. پاڻ فون تي ئي وڏي خوش اخلاقي سان “ها” ڪيائون ۽ اچڻ جو وعدو ڪيائون. حالانڪه سڄو ڏينهن پاڻ ڪراچيءَ ۾، سرڪاري ڪمن ۾ مصروف هئا پر مسلسل رابطي ۾ هئا ۽ شام جو، پروگرام ۾ اچي شامل ٿيا، اهي گڻ هِڪ ذمه دار فرد ۾ هوندا آهن ۽ ذمه دار فردن سان معاشرو جڙندو ۽ سونهندو آهي. جيڪي ماڻهو، سماج، ڌرتي ۽ قومن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيندا آهن، ڊاڪٽر انهن مان هڪ آهي، سندس سوچ جمهوري آهي. ڊاڪٽر صاحب، ٻاراني شاعري تي ڪتاب لکي اهو واضح ڪيو آهي ته، ٻار، مستقبل جا معمار آهن. انهن تي گهڻو توجهه ڏيڻ گهرجي، پاڻ جنسي ۽ طبقاتي متڀيد کان آجا آهن. قلم ڌڻين جي اخلاقي مدد ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳتي آهن. نون لکندڙن جي حوصلا افزائي ڪرڻ سندن طبيعت جو حصو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي، سماج ۾ اڀرندڙن، اديبن ۽ شاعرن کي، پنهنجي سينيئر وٽان خاص حوصله افزائي نه ملندي آهي، جنهن ڪري هو دلبرداشته ٿي ويندا آهن، پر ڊاڪٽر صاهب جي سوچ اُن جي برعڪس آهي. هو، نون لکندڙن جي حوصله افزائي سان گڏ، انهن کي سٺن مشورن سان پڻ نوازيندا رهندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ جيڪا فيبروريءَ ۾ پورو مهينو، ڪوشش ورتيون وينديون آهن، اُنهن جي ميڙاڪن، سيمينارن ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڀرپور تعاون ڪرڻ سڀني کان اڳڀرا هوندا آهن. پاڻ پنهنجي ذات ۾ اداري جهڙي حيثيت رکن ٿا. خدا کين عمرِ دراز عطا فرمائي ۽ سندن ادبي ڏات ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪري. (آمين)