ٻارن جا موضوع ۽ ذوالفقار سيال
اديب ۽ شاعر جي اندر ۾ جيڪي اڌما ۽ احساس هوندا آهن، اهي انهن جو اظهار ڪن ٿا، بنيادي طرح سان شاعر، محبت جو امين ۽ سفير هوندو آهي، ان لاءِ چيو ويندو هوندو ته هو پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندو هوندو، هو سهڻن چهرن جون ڳالهيون ڪندو آهي پر هتي ڪافي شيون مشترڪ آهن، پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت، پنهنجي ٻوليءَ سان محبت، هن ڪتاب ۾ به اهڙا شعر ملندا جنهن مان خبر ٿي پوي ته شاعر پنهنجي ماحول کان بلڪل واقف آهي:
پنهنجو پاڻ کان جدا ٿيو آ، اڄوڪو انسان خدا ٿيو آ،
وڏي ڀاڳن واري آ ڌرتي، لطيف جنهن کي عطا ٿيو آ
پنهنجي ٻوليءَ ۾ پيار ونڊيو، اهو ئي هڪ حق ادا ٿيو آ.
يا
وري ظلم جي واءُ گهُلي آ، پيئان نٿو پوءِ به خماريو ٿو،
وتان مان، هڪ تنهنجي محبت جو هي آثار مليو آ.
پاڻي هاڻي تيل بڻيو آ، وچ دريا ۾ باهه لڳل آ.
هي ڏاڍو سٺو خيال آهي، وچ دريا ۾ڪيئن ٿي لڳي اهو بلڪل نئون خيال آهي، اسان وٽ معياري قسم جي شاعري ملي ٿي، لطيف، اياز، استاد، تنوير، تاج بلوچ وڏا نالا آهن، يعني ايڏو وڏو ادب ڇپجي ٿو، اتي معيار گهڻو آهي. شاهه لطيف جو ڪلام سُرن سان ڀريو پيو آهي، اتي سرن ۽ لفظن جي ڪورس ئي ياد نٿو پوي، هڪ ڏينهن منهنجي پٽ جواب ڏنو، “امي، ان کي اوهان ميوزڪ ۾ ڪمپوز ڪرايو نه.” ميوزڪ هڪ اسٽرانگ ميڊيم آهي، جيڪا روح ۽ دل تي اثر ڪري ٿي، خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ذوالفقار جو ڪلام تمام وڏن وڏن آرٽسٽن ڳايو آهي، جيڪا ڳالهه ماڻهن جي دلين تائين به پهچي ٿي، ته ذهنن تائين به، مان ذوالفقار کي تمام گهڻيون مبارڪون ٿي ڏيان.
(ڪتاب “چهرا چنڊ گلابن جهڙا” جي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ٿيل مهورت دوران تقرير مان ٽڪرو)
مهتاب اڪبر راشدي