نوان شاعر نوان فرهاد
جديد شاعري جي شروعات، غلاميءَ واري دور ۾ ٿي هئي تڏهن اسان صرف آزادي جي سوال تي سوچيندي، قومي بيداري جي هلچل ۾ حصو وٺي رهيا هياسي ۽ پنهنجي پستيءَ جو سبب هر حالت ۾ ڌارين جي ڌاڪي کي سمجهيو ٿي ويو، حالانڪه اها ڪمزوري به اسان جي ئي پيدا ڪيل ئي پر ڇاڪاڻ ته پنهنجين اوڻاين کي پاڻ ظاهر ڪرڻ پنهنجي راهه م رڪاوٽ وجهڻ برابر هيو. ان ڪري اهڙن مسئلن کي آئيندي تائين محدود رکي اڳتي وڌڻو ٿي پيو. مونکي فراخدلي سان اهو اعتراف ڪرڻو ٿو پوي ته اها مصلحت ڪوتاهيءَ جي حد تائين اسان ۾ موجود هئي.
ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن حالتن جو جائزو وٺڻو پيو ته اها ساڳي مصلحت اسان جي آڏو ايندي رهي ۽ ڪيئي مونجهارا پيدا ڪندي آئي، اهڙي عالم ۾ جيڪڏهن ڪنهن شخص ڪجهه ڪڇڻ ٿي چاهيو ته ان کي اهو چئي خاموش رهڻ جي هدايت ٿي ڪئي وئي ته جيستائين پوريءَ طرح اقتدار يا اختيار جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ نه آئي آهي تيستائين اسان کي ڪنهن به ڪم لاءِ ڪا به تڪڙ ڪرڻ نه کپي اصل ۾ جديد شاعري جو اهم مقصد اهو ئي هيو ته هڪ سڄاڻ معالج وانگي قوم جي مرض جي صحيح سڃاڻپ ڪري ان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي وڃي، ته تنهنجي مرض جا اسباب نه صرف خارجي آهن، پر ان ۾ ڪن داخلي ڪيفيتن جو به دخل آهي ۽ توتي ٻين جوابدارين سان گڏ اها ذميداري به عائد ٿئي ٿي ته تون پنهنجي طبيعت ۾ تبديلي آڻي پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ تيار ٿيءُ، ٻي صورت ۾ تنهنجي لاءِ ڪوبه علاج ڪارگر ٿي نه سگهندو.
اهو هڪ اهڙو اهم نُڪتو هيو جنهن جي نشاندهي خود قديم دور جي شاعري مان شاه لطيف وٽان پڻ ملي ٿي:
سُتينءَ سَنجهي ئي، منهن ويڙهي مئن جئن،
اُجاڳا اکين کي، ڄاتئي نه ڏيئي،
مٿان تون پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين!
اَوائلي دور کان وٺي هيل تائين شاعري جڏهن به ڪا جديد راهه اختيار ڪئي آهي، ان جي مطالعي کان پوءِ اها حقيقت چڱي طرح واضح ٿي وڃي ٿي ته انهيءَ ۾ اهي ئي ڳالهيون دهرايون ويون آهن جيڪي اشاري طور اڳ به بيان ٿيل هيون. انهيءَ فرق سان ته اڳيون ڳالهيون مصلحت جي رومال ۾ ويڙهيل هيون جن کي پوئين دور ۾ وڌيڪ نروار ڪري ماڻهن اڳيان آندو ويو، جيئن شاه لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعري جو مثال موجود آهي. شاه سائين خود سچل سان ملڻ کان پوءِ اهو اظهار ڪيو ته:
“اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪڻ هي شخص لاهيندو.”
سو اسان به پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي ڪُنا چاڙهيا هئا تن جا ڍڪڻ نوجوان شاعر لاهيندا پيا وڃن، اسان پنهنجي زبان کي مصلحت جي بندش ۾ رکي، پنهنجي بيان تي لحاظ جا لباس چاڙهي قوم جا قائد بڻجي، ان کي ميڙ منٿ ڪري سمجهائڻ لڳاسين ته: طاقت جو سرچشمو تون ئي آهين، توکي باقاعدي مچي مَڇ ٿي ٿونا هڻڻ کپن، نه ته تنهنجو چاڙهو ٿيڻو ئي ناهي.
اسان هن اٻوجهه مخلوق کي سندس طاقت کان ته باخبر ڪندا رهياسي پر ان جي ڪمزوري کان کيس بي خبر رکندا آياسين نتيجو اهو نڪتو جو هن کي وقت اچڻ تي پنهنجو توازن برقرار رکڻ ئي ڏانءِ نه آيو:
اسان لاڳيتا ٽيهه ورهيه پنهنجي قوم اڳيان
جيڪي مُرليون وڄائيندا رهياسي
تن کي ته هوءَ تماشو
تصور ڪندي آئي پر سندس دشمن طاقتون
هوشيار ٿي موقعي جي تاڙ ۾ رهنديون آيون
نيٺ اهو وقت به آيو جو قوم خود ئي
نانگن جو نذرانو ٿي وئي...!
نئين ٽهيءَ جو شاعر جيڪو يارن جيان خطرو محسوس ڪندي پري کان اهو سڄو نظارو پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هيو تنهن کي خدا ساڃهه ڏني ۽ هو مصلحت جا مڙئي بند ٽوڙي بي حجاب ٿي ميدان ۾ آيو هاڻ سچي ڳالهه اها آهي ته اسان پارن کي “جوڳي رمندا ڀلا” چئي ماڳهين شاعري کان ئي پاسو ڪرڻو پيو.
اسان کان پوءِ هيءَ نئين ٽهي جي نئين شاعري پنهنجي پس منظر جي آڌار تي جنوني انداز سان اڀري آهي. هن ۾ فڪر جي گهرائي ته واقعي آهي پر منجهس فن جي اونهائي ڪانه ٿي ڏسجي، هونءَ به آداب ۽ اخلاق جي حد بندي صرف صلح لاءِ هوندي آهي، جڏهن ڪو جهيڙو جهڳڙو ڪرڻو پوي خاص ڪري هي فسلفي آندا:
مان تنهنجي ادراڪ جو پاڇو آهيان،
مونکي تون مٽائي نه سگهندين،
انهيءَ لاءِ ته توکي،
پنهنجو پاڻ کي ئي، مارڻو پوندو.
(نظم پاڇو)
هاڻ مان ڪجهه نظم ۽ آزاد نظم بابت بحث ڪندس نظم “نئون سال” ۽ “اسپتال” ٻئي بهترين آهن جن جي وسيلي انسان جي ذهن ۽ زماني جي ضمير کي چڱيءَ طرح چتايو ۽ ڌونڌاڙيو ويو آهي:
نئون سال آيو
اڃان سور ساڳيا
اڃان سوچ ساڳي
ڪاش! زمانا تنهنجي
“داغن جو به ڪٿي علاج ٿئي ها،
تنهنجي بيماريءَ مان ئي،
بيمار ٿيا هي سارا آهن.
آزاد نظم ۾ هي نئون شاعر دل کولي اهي لڪل راز فاش ڪري ٿو جن لاءِ ڪوبه مصلحت پسند ــ ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي.
گهٽيون دونهين سان ڀريل
انسانن جي سڙڻ جي بوءِ
سيني منجهه هي باهه سانڍي
ڪنهن جي ڪارڻ هلندا آهن...؟
نظم “نقلي چهرن” ۾ انهن اصلي چهرن کي ننگو ڪيو ويو آهي جيڪي جيڪي زماني جا چونڊ لقب پنهنجي نالي اڳيان ڳنڍي انسانيت ۽ شرافت جي مٽي پليت ڪندا رهن ٿا.
“ڪاري” اهي ماڻهو جيڪي غيرت جو ٺيڪو کڻي ٻين جي عزتن لٽڻ ۾ پيا هاڃا هڻندا آهن تن جي لاک هن نظم ۾ لاٿي وئي آهي. ترقي پسند اديب پراڻن قدرن کي ختم ڪرڻ ۽ نون قدرن کي رواج ۾ آڻن جي هام هڻي ميدان ۾ آيا هئا ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ هنن ۾ به اهي اوڻايون پيدا ٿيڻ لڳيون جن جي خلاف هنن پاڻ بغاوت ڪئي هئي.
“نئين نسل” جي باري ۾ سيال جنهن خوش فهمي جو شڪار آهي تنهن سان آءٌ متفق نه آهيان ڇاڪاڻ ته هي طبقو به ڪنهن حد تائين ترقي پسندن جي پراڻي نسل وانگي بيراهه روي ڏانهن مائل آهي. حقيقت ۾ هن کي گذريل تلخ تجزن جي پيش نظام نئين راهه تي هلي ٻين لاءِ مثال قائم ڪرڻ کپي جيڪڏهن نه ته هنن جون ٻيون چڱايون به لڱايون ڪري ليکيون وينديون. سنڌي سماج ۾ جيڪي برايون پنهنجن ماڻهن جو ناس پتو ٻوڙينديون آيون آهن، تن مان هڪڙي وڏي برائي “مهمان” نظم ۾ بيان ڪئي ئي آهي:
ستر سالن جو (پوڙهو)
۽ ٽي شاديون.
پوئين زال-ننڍي نيٽي
گهر ۾ ڪونه ڪو مهمان رهي ٿو...
اهي خرابيون خاندان مان وڌي قومي سطح تي اسان سنڌين کي خوار ڪنديون رهن ٿيون تڏهن به ڪنهن کي ڪا سمجهه نٿي اچي.
نظم “ٽانڊاڻو” انهي ڪانئر انسان جي منهن تي اُبتي چماٽ آهي جيڪو پاڻ کي مهذب ۽ مهانڊو سمجهي هن انڌير نگري جو هڪ سڌريل فرد سڏائي ٿو. بي جوڙ لفظن ۽ ڀڳل جملن ۾ ترتيب ڏنل آزاد نظم پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هن سڄي مجموعي ۾ مٿانهين نظر پئي اچي.
سيال جي شاعري ۾ ۽ مضمون بندي جي ڦڪائي گهڻين ڀاڱين موجود آهي. انهيءَ هوندي به هي نئون نڪورو شاعر ڪيترن ڪورن شاعرن کان سڄاڻ اهي جيڪي ڪلراٺي زمين ۾ ڇٽيل ٻج جي. سلن جئان بي ثمر شاعري ڪند اهن ٿا.
(“رڻ سڄو رت ڦڙا”، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، 1977ع)
نياز همايوني