ذوالفقار سيال جي شخصيت جا مختلف عڪس ۽ اولڙا: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
هڪڙن ماڻهن سان سالن جا سال گڏجي ڪم ڪيو پر، ذري برابر به Understanding نه ٿيندي آهي ۽ هڪڙن ماڻهن سان ملڻ کان پوءِ يڪدم محسوس ٿي ويندو آهي ته هن همراهه ۾ ڪي چار داڻا آهن ۽ دل به مڃي وٺندي آهي ته اُن سان ڪم ڪرڻ توڙي گڏجي هلڻ ۾ ڪا خاص تڪليف نه ايندي ۽ ها هڪ سال ۽ ٻن مهينن جو گڏجي ڪم ڪرڻ، ملڻ جُلڻ سنگت جي حوالي سان هڪ اهڙي ئي شخصيت سان رهيو آهي جيڪو ظاهر ۾ به ڏاڍو خوبصورت ته اندر جو به اُجرو ۽ کير جهڙو اڇو آهي.
سندس ڪم ڪار جو طريقو ۽ مسئلن جي اُڪلاءَ جو تڪڙو ۽ مشيني حل ڪڏهن ڪڏهن مونکي حيران ڪري وجهندو آهي. مخالف کيس ضدي ۽ ڊڪٽيٽر جهڙن لقبن سان نوازيندا اهن، پر هن جي من ۾ هڪ اهڙو معصوم ٻار ويٺل آهي جيڪو Innocent به آهي ته Adult به آهي. هن جا فيصلا وقتي طور ڏاڍا ڪڙا ۽ ڏکيا محسوس ٿيندا آهن پر وقت گذرڻ سان انهن جا مثبت رنگ پاڻ مرادو ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن.
ڊاڪٽر سيال ظاهر ۾ ضدي ضرور آهي پر کيس مڃرائڻ ڏاڍو آسان آهي، هو صحيح فيصلن تي اٽل رهڻ وارو اهڙو شخص آهي جنهن کي پنهنجي ذاتي انا کان وڌيڪ اداري جو وقار ۽ دوستن جي عزت جو خاص خيال ۽ اونو رهندو آهي.
ذوالفقار سيال جي ذهن ۾ هڪ اهڙو C.P.U فٽ ٿيل آهي، جو سنگت توڙي سنڌ هڪڙو ڀيرو ئي ٽڪ ٽڪ ڪرڻ سان پني جي اسڪرين تي Script پاڻهئي اچي اُڪري پوندي اهي. هڪ ئي وقت دوستن جي خطن جا جواب، سنگت جي ويب پيج کي Update ڪرڻ لاءِ روزانو چيڪ ڪرڻ، هفتيوار ڪالم لِکڻ، هفتيوار ادبي صفحي کي ترتيب ڏيڻ، دوستن جي پاران منعقد ڪرايل پروگرامن ۾ وقت تي پهچڻ، سنگت مرڪز طرفان تاريخي ۽وڏن وڏن پروگرامن کي اڪيلي سر مُنهن ڏيڻ ۽ Organize ڪرڻ وارو منفرد ذهن رکندڙ عجيب ماڻهو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت شاعر به آهي ته ڪالم نويس به، ڊاڪٽر به آهي ته سنگت جو سيڪريٽري جنرل به مون ٿورڙي ئي وقت ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار وٽان گهڻو پرايو آهي، ڇا ته هن جا تعلقات آهن، پروگرام جو اعلان يو، ڪارڊ ڇپجي ويا، بئنر اچي ويا، موبائل ڪال سان سنڌ جون اهم ۽ نالياريون ادبي شخصيتون سنگت جي پروگرامن ۾ اچي پهچنديون آهن.
ڪٿي ڏسبو ته مرحوم حسين شاهه راشدي، ڪٿي ڏسو ته امر جليل، ڪٿي ڏسو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪٿي ڏسو ته سراج ميمڻ، حيدرآباد کان وٺي ڪراچي، شڪارپور کان وٺي لاڙڪاڻي تائين سمورو صحافين سان سندس ڪا پراڻي سنگت آهي. تمام وڏين وڏين رڪاوٽن کان پوءِ به سنگت جي اهم خبر وڏي جهيڙي کان پوءِ به لڳرائي ضرور ويندو.
هو جهيڙيڪار به آهي ته مصلحت پسند به، مون ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي چڱا ڀلا همراهه ڪَنَ هڻندا آهن. پر پٺ ڦوڪٽ پيا ڇڏيندا، سامهون ايندا ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي ان راز کي سمجهڻ لاءِ جڏهن مون غور ڪيو ته سندس هٿ ۾ نه لٺ هوندي آهي نه چٺ، بس جيڪڏهن هُن وٽ آهي ته سچ جي واٽ ۽ منهن تي چئي ڏيڻ واري زبان، هونءَ به اها هڪ حقيقت آهي ته ڊڄجي، اُن ڳالهه کان جنهن ۾ ماڻهوءَ جي ڪا غلطي هجي. هو هروڀرو ڪو شعوري طور غلط ڪم ڪندو ئي ناهي، باقي لا شعوريءَ ۾ غلطيون ته هر انسان کان ٿين ٿيون.
ڏسڻ وائسڻ ۾ اوشاقي پوشاڪي ماڻهو سنگت جي پروگرامن ۾ وڃڻ مهل کائڻ پيئڻ جي سلسلي ۾ ڪي به خاص فرمائشون ڪري ئي ڪونه، سادو سودو پر صاف سٿرو کاڌو، سنگت سان گڏجي کائڻ وارين اهڙن ماڻهن مان آهي، جيڪي کائي ڪڏهن به گلا ناهن ڪندا.
اسان معاشري ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجن انائن ۽ مفادن جي پورائي لاءِ قومي خدمت بجاءِ ٺڳيءَ جا ٺاهه نوان خدمت بجاءِ ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺاهي نوان نوان فارمولا تيار ڪندا آهيون، اسان وٽ ادارن بجاءِ شخصيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شخصيتن جي ذاتي مفادن جي پورائيءَ لاءِ ادارن کي ڪمزور ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي هڪ روايت قائم ٿي وئي آهي. شال نه ڪنهن چڱي مڙس جي نڪمي پٽ يا ڌيءَ کي سندس غلطيءَ جي نشاندهي ڪندي ڪو ادارو تنبيهي نوٽيس جاري ڪري پوءِ ادارن ۽ اداري جي سربراهن خلاف اخباري بيانن جو طوفان جاري ٿي ويندو آهي.
اسان وٽ چندا خورن، ادبي تقريبن جي صدارت ڪرڻ ۽ اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپرائڻ جي شوقينن جي هڪ چڱي ڀلي لسٽ آهي، پر ڊاڪٽر ذوالفقار نه ته چندا خور آهي نه ئي ظاهري ڏيکاءَ جي شوقين، بس هو هڪ عملي شخص، ڌرتيءَ، ٻولي ۽ ماڻهن سان پيار ڪندڙ کلڻو ملڻو، يارن جو يار، هر وق ڪم سان جنبيل اهڙو Perfect Person آهي، جنهن وٽ اهي سڀ قاعدا نه صلاحيتون آهن، جيڪي ڪنهن تنظيم جي سربراهه ۾ هُجڻ کپن.
بس هُن ۾ خرابي اها ئي آهي ته هو منهن تي چئي ڏيندو آهي. ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي، ڊپلوميتڪ ناهي، جهڙو اندر آهي تهڙو ٻاهر آهي. ڏاڍو سمجهائيندو آهيانس ته، “يار پاڻ کي تبديل ڪر، ماڻهن جهڙو ٿي وڃ، پر هو ماڻهن جهڙو ٿيڻ بجاءِ ‘ماڻهو’ ٿيڻ کي ترجيح ٿو ڏئي.”