“آئينا ۽ عڪس” جو مطالعو: رضا ڏاهري
آءٌ سمجهان ٿو ته ذوالفقار سيال جي ادب سان پراڻي وابستگي کيس وڏي سُڃاڻ ڏني آهي. سندس ادب سان لڳاءَ شاعري جي سفر کان وٺي ٻاراڻي ادب مضمون نگاري ۽ ٻين ادبي صنفن تي پاڻ خوبصورت لکيو اٿن.
موجوده ڪتاب “آئينا ۽ عڪس” به سندن اندر جو هڪ اهڙو آواز آهي، جنهن ۾ ذوالفقار سيال سماج جو هڪ بهترين معالج ۽ مصنف ٿي لکيو آهي.
مون پنهنجي ڪتاب لڙڪ الزام ٿيندا ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته:“عهدا ماڻهو کي عارضي وڏو ڪندا آهن پر ماڻهوءَ جو ڪردار ۽ ماڻهپو کيس سدائين وڏو ڪري ڇڏيندو آهي”، اِهو ماڻهپو مون ذوالفقار سيال ۾ ضرور ڏٺو آهي پر آءٌ هينئر سندس ڪتاب “آئينا ۽ عڪس” تي صفا مختصر چوندس، هن ئي ڪتاب جا ڪالم پڙهندي ڪنهن سگهاري دوست کيس چيو هو ته ايتري وڏي سچ لکڻ جي همت ڪيئن ساري اٿو. جو سچ اسان جي هڪ خاص طبقي کي وڻندو ئي ناهي ۽ مون پاڻ جڏهن هي ڪالم پڙهيا ته ان نتيجي تي پهتس ته جس آهي اوهان کي ذوالفقار سيال.
مون ڏٺو آهي ته زندگي ۾ ماڻهو ٿورا سچ ۽ گهڻا ڪوڙ ڳالهائيندو آهي پر هنن مضمونن ۾ الاهي سچ ۽ الاهي درد آهن.
هي پياري سنڌ جنهن کي اسان پنهنجي ماءٌ ٿا چئون ان ماءٌ سان ذوالفقار هنن اخباري ڪالمن ۾ هڪ غيرتمند پٽ بڻجي پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، تنه کي استحصالي قوتون ۽ استعماري قوتون پڙهنديون ته يقينن شرمائجنديون ۽ پنهنجا ڪنڌ جهڪائينديون. نه صرف سازشي قوتون پر اهي سنڌ جا هروڀرو جا نعرا هڻندڙ نام نهاد قومپرست پڻ جڏهن ڊاڪٽر جي پورهئي کي هڪ نظر سان ڏسندا ته پنهنجي مجرماڻي خاموشيءَ تي شرمنده ضرور ٿيندا_ هنن اخباري ڪالمن ۾ ڪي اهڙا ڪالم به آهن. جن کي پڙهي اِئين محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سڀ ڪجهه هوندي به نيٺ ايڏا ننڌڻڪا ڇو ٿيا آهيون نه قانون آ نه انصاف ٿو ملي نه روزگار ٿو ملي نه اجهو آ نه تعليم نه ڪا ميرٽ هتي ايوانن ۾ ويٺل اڪثر ڪرپٽ، بيرو ڪريٽ، چونڊيل نمائندن جا ڇاڙتا ٺيڪيدار وردين ۾ ويڙهيل وحشت پکڙيندڙ قانون ۽ ملڪ جا رکوالا سڏائيندڙ ڏاڍو خوش آهن ۽ هي ملڪ ئي ڄڻ انهن لاءِ ٺهيو هو ته توهان کائي پي ڍو ڪيو، توهان کان نه ڪو حساب وٺڻ وارو هوندو نه ئي ڪو رنڊ روڪ ڪندو پر جي ڪو پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ نڪري نروار ٿيندو ته ان کي ملڪ دشمني جا قلم هڻي بنا جواز ماري رستي تي سندن لاش اڇلايو يا مٿن ڪوڙا ڪيس مڙهيو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هڪ اهو ڏات ڌڻي آهي، جنهن ان انياءَ تي تڙپي مارن جي داد رسي ڪرڻ چاهي آهي. سکي ستابي سنڌ جي پيٽ بکايل بي پهچ غريبن جون مائرون پنهنجي ٻچن کي اڻ هوند سبب زهر وٺي ڏينديون ته هو کائي مري وڃن.
پر هنن جا ٻچا عيش سان رهندا ۽ شهر جي شيشي جي محلن جهڙي اسڪولن ۾ پڙهندا پر مسڪينن جي ٻچن لاءِ نه ڪا سڄي بيچ نه ڪو شاندار اسڪول نه فراسي نه استاد هوندو.
اهڙين درد ڀريل سچين ڪهاڻين جهڙيون کوڙ ڳالهيون ذوالفقار سيال جي ڪالمن ۾ توهانکي پڙهڻ لاءِ ملنديون جيڪي هڪ ئي وقت سنڌ جا درد به آهن ته سوال به آهن.
نور الدين سرڪي، علڻ فقير ۽ حسين شاهه جهڙن ٻين سنڌ جي سڄڻن کي ياد به ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي حقن جي لاءِ آواز به اٿاريو ويو آهي. هن ڪتاب جي ڪن مضمونن ۾ سفر نامي جهڙا لوازمات به آهن. جن کي پڙهي گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. توڙي جو ڪجهه ڪالم 3 ڏهاڪا اڳ جا لکيل به آهن پر پوءِ به ائين ٿو لڳي ته اڃان اسان ان ئي جاءِ تي بيٺا آهيون. جتي 3 ڏهاڪا اڳي هئاسون ان گهاڻي ۾ وهندڙ ڍڳي جيان اتي گول پيا ڦرون. جيڪو پنڌ ته سڄو ڏينهن ڪندو آهي پر هوندو اتي جو اتي آهي.
اِئين سنڌ به اڃان اتي جو اتي آهي. جيڪو گهڻي جو مالڪ ٿئي ٿو اِهو رڳو ڪجهه ڍڳا بدلائي انهن جون اکيون ٻڌي ٿو ڇڏي. باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. آءٌ ذوالفقار سيال کي آئينا ۽ عڪس ڪتاب ۾ دليري سان لکڻ تي داد ڏيان ٿو ۽ سندس هن ڪتاب ته مبارڪ به هي ڪتاب ادب جي دنيا ۾ هڪ واڌارو آهي. جنهن کي دل سان قبول ڪريان ٿو.
(آئينا ۽ عڪس ڪتاب جي مهورت پريس ڪلب نوابشاهه ۾ پڙهيل)