شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

شاعري جو سرمايو! : امتياز دانش

“اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو!”
سنڌ جي مهين جي دڙي واري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال انتهائي محبتي ماڻهو آهي. هي سڀني سان پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو آهي. هن ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي نه اهي، سندس بهار جي پهرين جهوٽي جيئن وڻندڙ شخصيت خواجه حيدر علي آتش جي هن شعر:
محبت سي بنا ليتي هين اپنا دوست دشمن ڪو،
جهڪاتي جي هماري عاجزي سرڪش ڪي گردن ڪو.
جي مترادف آهي، ساڻس هڪ دفعو ملڻ بعد وري وري ملڻ تي دل مجبور ڪريو ڇڏي. هو جڏهن ڳالهائيندو آهي ته سندس زبان مان نڪتل هر لفظ گلاب هوندو آهي، ٻڌڻ وارو انهيءَ لفظ جي واس سان واسجي ويندو آهي! هو ڪهڙين به ڏکين حالتن ۾ نااميد ٿيڻ بدران پراميد ٿي پنهنجي چهري تي مرڪن جا گلاب سجائي زندگيءَ کان نااميد ٿي خودڪشي جي ڏيهه ڏانهن فراريت ڪندڙن کي زندگي جو فلسفو سمجهائي کين جيئڻ جو حوصلو ڏيندو آهي، بقول مرزا غالب ته:
گنگ افڪار ڪو توني هي صدا بخشي هي،
توني فنڪار ڪو جيني کي ادا بخشي هي،
معترف هي تيري عظمت ڪا هر اڪ اهل نظر.
توني هر عهد کي چهري ڪو رضا بخشي هي،
1970ع کان هن وقت تائين لڳاتار انسانيت سميت ادب جي پڻ خدمت ڪندو پيو اچي. انهيءَ عرصي جي تناظر کي ڏسجي ٿو ته هي ڪٿي به انهيءَ خدمت ڪرڻ کان نه تنگ ٿيو ۽ نه ئي وري ڪٿي سهڪيو آهي، هر جدوجهد جي موڙ تي ڀٽائيءَ جي هن شعر جي مترادف لڳندو آهي ته:
ڪرڪڻا لاهي، سک ۾ ستا ڪڏهين
اوسيئڙو آهي، ڪاهوڙين کي پنڌ جو،
جڏهن حق ۽ سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ طارق اشرف کي جيل موڪليو ويو ۽ “سندس سهڻي” رسالي کي بند ڪيو ويو، تڏهن کانئس سمورن ليکڪن منهن موڙي ورتو پر انهن ڏکين حالتن ۾ به غلام نبي مغل ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ساڻس توڙ نڀايو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي پنهنجي ليکڪ دوستن سان اهڙين کوڙ سارين وفادارين جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي! سندس سنڌي ادبي سنگت ۾ سيڪريٽري جنرل شپ دوران خاص ڪري 1990ع واري صورتحال تناظر ۾ موجود سنڌي ادبي سنگت جي صورتحال کي ڏسجي ٿو ته علامه اقبال جو اهو شعر چوڻو ٿو پوي ته:
جگنوئي روشني هي ڪاشانه چمن مين،
يا شمع جل رهي هي پهولون ڪي انجمن مين،
آيا هي آسمان سي اڙڪر ڪوئي ستاره،
يا جان پڙگئي هي مهتاب ڪي ڪرن ۾.
هي پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ بلند مرتبو رکي ٿو. محبتي ماڻهو هئڻ ڪري محبت سندس شاعري جو سرمايو آهي، پاڪ-هنڌ جي ليکڪن سندس شاعراڻي عظمتن جو اعتراف ڪيو آهي ۽ سندس فن کي ساراهيو آهي، سندس شاعري جي مقبوليت جو سبب جذبات جي سچائي ۽ سادگي سميت ٻوليءَ جي سلاست پڻ آهي! جتي سندس شاعري ۾ رومانس ۽ درد واري ڪيفيت سمايل آهي، اتي مزاحمت ۽ انقلاب واري پڻ...! سندس شاعري ۾ زندگيءَ جا تجربا ۽ سماج جي جيتري جاڳندي تصوير آهي، سندس شاعري ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ۽ سماج جي عڪاسي ڪري ٿي، سندس شاعري مقصديت سان ٽمٽار آهي، سندس شاعري کي پڙهندي روح مان اها رڙ نڪري ويندي آهي ته:
يه شاعر هي الاهي يا مصوري پيشه هي ڪوئي،
نئي نقشي نرالي صورتين ايجاد ڪرتي هي،
اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، اڄوڪي هن ڏينهن تي کيس واڌايون هجن ۽ کيس دعا پڻ آهي ته پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ٻولي جي هميشه وانگر خدمت ڪندو رهي، ناصر ڪاظمي چواڻي ته:
دلون ڪو فڪر دو عالم سي ڪرديا آزاد
تيري جنون ڪا خدا سلسله دراز ڪري.