سنڌ جي سونهن: ذوالفقار سيال: هدايت بلوچ
خوش پوشاڪ،
ڊبل گهوڙا بوسڪي
جهڙو گورو ۽ ملايم رنگ ۽ ملايم
کلڻو، ملڻو
اڪثر خوش مزاج
ڪاوڙ جي ته هن پرين
چهري تي سدائين شرارتي مرڪ سجايل
ٽهڪ ڏئي ته ڇڙڪائي وجهي
يارن جو يار ۽ سدا مددگار
ڪيئي ڪتابن جو خالق
ڪيئي ڪلامن جو مالڪ
ڳالهائي پيو
ڳالهائجي پيو
هو ڪٿي نه آهي
سنڌي ادبي سنگت جو روح رطن
ٽي ڪمپرنگ ۾ سدا جوان
سوشل ورڪر
ڊاڪٽري واري پاسي جا سندس گُڻ
ته ڄڻ اسان جي سامهون ئي ناهن
هو ڊاڪٽري ۾ ادب جو ڪم پيو ڪري
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جي سڳنڌ آهي. دوستو، هڪ دفعو ٻيهر ٻڌو، مان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي خوشامد نه پيو ڪريان هرگز نه، ذوالفقار سيال قديم ۽ جديديت جو سنگم آهي. ٻاراڻو ادب ڏاڍو لکيو اٿس. طبيعت به معصوم ٻارن جهڙي اٿس پر هو ٻار ناهي. سنڌ جي هن وقت بزرگ ۽ اڏول اديبن/مها ڏاهي سوڀي گيانچنداڻي، سنڌ جي سارتر سائين ابراهيم جويي ۽ سنڌ جي هڪ ٻي گوناگون شخصيت جنهن جو سدائين مولا تي ننگ هوندو آهي، شمشير حيدري کان وٺي اسرندڙ اديبن درميان هو هڪ پل آهي. تڏهن مون چيو ته سنڌ جي سڳنڌ آهي ۽ رات جي راڻي آهي. ذوالفقار لاءِ رات جي راڻي چوڻ ۾ جيڪڏهن گرامر جي غلطي آهي ته ڀلا ايئن چئجي ته رات جي راڻي جي خوشبوءَ ۾ اوتيل هو ڏينهن جو راڻو آهي.
مون کي ته لڳي ٿو ذوالفقار تي ڳالهائڻ وقت وڃائڻ آهي. سنڌ ۾ کيس ڪير نه سڃاڻي جو اسان ويٺا سندس سڃاڻپ ڪرايون. اچو تاڙيون وڄايون. ڪيڪ ڪاٽيون، کلون لائون ۽ کيس وڏي آواز سان ڪورس جي انداز ۾ چئو، هيپي برٿ ٽو يو يا جنم ڏينهن مبارڪ.
انهي دعا سان ته سنڌ جون مائرون اهڙا ٻچا ڀل پيون ڄڻن.