زندگي رڻ هئي “ذلف” کيڙي ويو
وري به ڇا اهڙي به ماڻهوءَ کان مهاڳ لکرائجي جيڪو مسلسل ايئن چئي انڪار ڪندو رهي ته شاعري وڻندي ته لکندم!! ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڏاڍو مستقل مزاج، ضدي ۽ ڪجهه ڪجهه هٺيلو پڻ آهي ته، “ڀلي ڇا به لک، ڀلي تعريف نه ڪر، تنقيد ڪر پر لک ضرور!”
اهڙي ٻاجهاري ماڻهوءَ بابت وڌيڪ ڇا چئجي سواءِ قلم کڻڻ جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪنهن شاعر يا شاعريءَ سان رغبت رکندڙن کي ڪجهه ٻڌائڻ يا ٻين لفظن ۾ ليڪچر ڏيڻ آهي ته ڏکيو پر اهڙو ڪلاس ضرور هئڻ گهرجي، جتي اهڙي تربيت ۽ سکيا ڏني وڃي ته، شاعري ڪيئن ڪجي؟ ۽ ان جا قائد ۽ قانون ڪهڙا اهن.
آئون آڪاش تي جرڪندڙ سڀني تارن کي پنهنجي خواب سمجهندي آهيان جنهن جو اظهار پڻ پنهنجي شعري مجموعي “رولاڪ خواب” جي هڪ غزل ۾ ڪيو اٿم، غزل جو پهريون بند هي آهي ته:
تون ڪنهن اٻالي اداس ناريءَ جا نيڻ جا ٿل ڏسين ته لکجانءِ،
يا ڪنهن ڳليءَ ۾ اُڀي ڪهاڙي يا اهڙي هلچل ڏسين ته لکجانءِ.
انهيءَ غزل جو آخري بند هي آهي ته:
ڏسين جي آڪاش تي ستارا اهي منگاڻيءَ جا خواب آهن،
لطيفرح جو سُنهن اٿئي، انهن ۾ هُجي ڪو گهايل ٿئين ته لکجانءِ.
انهن ئي جرڪندڙ ستارن جهڙن خوابن ۾ هڪڙو اهو به خواب آهي ته شاعري سکڻ/سيکارڻ ۽ انهيءَ “فن” جا گُرَ سمجهائڻ لاءِ ڪو اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ ڪنهن اڪيڊميءَ جو هئڻ ضروري آهي. “ڏات” کڻي ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي نه ئي ڪو استاد ڏات ڏيڻ تي دسترس رکي ٿو! جڏهن بي پرواهه لطيفرح پاڪ فرمائي ٿو ته:
“ڏات ناهي ذات تي، جو وهي سو لهي”، يعني ڏات ڪنهن به ذات (يعني سيد يا لنگهي) لاءِ مخصوص ٿيل ناهي، پر جيڪو محنت ڪندو اهو حاصل ڪري سگهندو. جڏهن ته منهنجو خيال اهو آهي ته “ڏات” هڪ الهامي تحفو آهي، جنهن کي ملي، ان جو تعلق ذات پات سان نهاي پر ڳالهه وري به محنت ڪرڻ ۽ سکڻ جي آهي ته، “جيڪو وهي سو لهي”.
سکڻ سان نه رڳو شاعريءَ جا ڳڻ ۽ گُرَ سمجهي سگهبا پر اهي سڀيئي آسانيون جن ۾ بحر، وزن ۽ گهاڙيٽا شامل آهن، اهي هڪ شاعر تمام سهوليت سان ميڙي چونڊي کڻي سگهي ٿو، پوءِ مرحلو آهي “خيال” جو جيڪو هر ڪو پنهنجو هَٽَ مطابق هوڪو ڏيئي سگهندو. اها ٿي ذهني ايپروچ جي ڳالهه، جنهن جي سوچ وڏي ۽ وسيع، جنهن جو مطالعو ۽ مشاهدو لامحدود ان جو “خيال” به طاقتور هوندو. جيئن شاعريءَ کي “خيال” ۽ “فن” جو اتحاد سڏجي ٿو. يعني، شاعري اگر هڪ “فن” آهي ته “خيال” ان جو ساهه آهي. نه ته “ساهه” کان سواءِ شاعري بي جان لفظن جو هڪ اڻوڻندڙ ڌوڌو (ڍڳ/انبار) هوندو.
ڏات هڪ خدا داد صلاحيت هوندي آهي پر ڏانءُ ماڻهوءَ جي هٿ وس جي وٿ آهي، جيئن وتائي فقير چيو هو ته “ها ٺيڪ آهي سڀ ڳالهيون الله جي وس ۾ هونديون آهن پر ٻه ڳالهيون امان جي وس ۾ به آهن ته وڻينس ته ڀت رڌي وڻيس ته ماني پچائي”.
سچ به خدائي ڏات کي ڏانءُسکڻ/اچڻ سان سينگاري سنواري سگهجي ٿو، جنهن جي ريت وري اسان وٽ اڻ هوندي جهڙي اهي. ايئن هر ڪو شاعريءَ جا ڪتاب ڇپائي ان ۾ دوستن کان تعريفون لکائي ڪتاب ڪچ ۾ کڻي سگهندو، هر ڪنهن جي مٿي ۾ هڻندو وتي، اهو سڀ چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته ڪنهن کي به شاعري ڪرڻ نه ايندي آهي پر ايئن به ڪونهي ته هر ڪنهن کي شاعري ايندي به آهي.
جيئن شاعريءَ لاءِ “خيال” جو هئڻ ضروري آهي، ڀلي شعر ۾ بحر وزن پورو هجي، رديف ۽ قافيا سٺا هجن پر جي ان ۾ ڪو “خيال” ناهي ته پوءِ اهو شعر ٽڪي مهانگو ۽ رڳو ڀرتي وارن لفطن جو بٺو ٿي پوندو آهي تيئن ئي شاعريءَ لاءِ ضروري آهي ته شاعر وٽ لفطن جو ذخيرو هجي بلڪه لفظن جي اڻ کٽ کاڻ هجي، مون وٽ هر ڳالهه لاءِ مثال رڳو لطيف رح پاڪ ئي آهي، جيڪو مڪمل آهي، پرفيڪٽ آهي.
هاڻي به اهو مثال آهي ته، لطيفرح کي ڏسو، پڙهو! وٽس نه رڳو اڻ ڳڻيا “خيال” آهن پر لفظ ۽ لهجا به اڻ مڻيا آهن، جڏهن به کيس پڙهبو آهي ته هر هڪ اهو بيت جيڪو اڳ ئي پڙهيل هوندو آهي، اهو نئين معنيٰ سان ڪَرُ کڻي بيٺل نظر ايندو آهي، اهو ان ڪري جو لفظن جون هڪ نه، ڪيئي معنائون هونديون آهن، جنهن ڪري هر ڀيري هو نئون نظر ايندو آهي، تنهن ڪري ئي آئون لطيف سرڪار کي “پُراسرار” شاعر چوندي آهيان، ڇو ته هن وٽ لفظن جي کوٽ ناهي، هن سڄيءَ سنڌ جا لفظ ۽ لهجا پنهنجي رسالي واري ڪاڻ ۾ ڪٺا ڪيا آهن.
مغرب جو عظيم شاعر بئلس سيمنڊ ڊراس جنهنجا نظم جديد شاعريءَ جي پيڙهه لکيا وڃن ٿا، اهو ان ڏس م چوي ٿو ته، “جيئن ته مان شاعر آهيان، ان ڪري ٻوليءَ جي معاملي م ڏاڍو حساس آهيان، لکڻ کان اڳ ڊڪشنرين مان لفطن جو ذخيرو ٺاهي رکندو آهيان.” نه رڳو نون لفطن کي واپرائجي پر انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم کان پڻ مڪمل واقفيت رکندو هي، ايئن نه ته رڳو ٻين کان ٻڌل يا ٻين جا واپرايل لفظ بنا سڃاڻپ جي کجن (کڻجن) ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀرتي ڪري ڇڏجن، بنا ان پرواهه جي ته ان شعر جو مطلب ۽ معنيٰ ڪهڙي ٿي نڪري!
ڪالرج چوي ٿو، “آئون پنهنجي لفظن جي معنئان ۾ بظاهر موجود مفهوم سان گڏمفهوم کي لاڳو ڪرڻ ضروري سمجهندو آهيان جيڪي انهن لفظن سان لاڳاپيل آهن. “جڏهن ته جرمن شاعر رلڪي اڃان به اڳاهين پنڌ جون ڳالهيون پيو ڪري ته “شاعر لاءِ ضروري آهي ته هو ڪائنات جي اڻ ڇهين ڪنڊن کي پنهنجي مشاهدي ۾ آڻي، هو شهر، بر، بحر، جبل ۽ ماڻهو ڏسي، ٻوليون ٻڌي ۽ سمجهي، ڏکن، سکن جي هر رنگ کي پنهنجي اندر ۾ اوتي، اهو سڀڪجهه ڪرڻ بعد به هو شاعر نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين هو انهن کي پنهنجو يادون نه ٿو بڻائي ۽ صرف ياد ڪرڻ سان به شاعري ڪونه جَنمِبي، ڇاڪاڻ ته يادن جون ٻوڏون هڪ عام وهنوار آهي. شاعري اهڙي ٻوڏ ۾ ڦاسي ته يادون وساري ڇڏي صرف احساس کي پنهنجو ڪري پنهنجي رت ۾ ملائي ڇڏي.
شعاري رڳو احساسن جي اظهار جو نالو ناهي. اهو ڏٺل تجربو آهي جيڪو شاعر جي رت پونءِ ٿي پوي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن اڪيلي اوچتي پور ۾ ياد جي ڪا چڻنگ چُري ٿي پوي ۽ وسريل احساس ڪَرَ موڙي اٿي ٿو ۽ فطري انداز ۾ اظهار، شاعريءَ جي ڪا دلربا سٽ جوڙي ٿو، رلڪي هڪ ٻي هنڌ اهو به چيو آهي ته، “ڪجهه به لکڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ کان پڇو ته نه لکندس ته ڇا ٿيندو؟ جڏهن اهو ڀانيو ته، “نه لکندس ته مري ويندس! ته پوءِ ضرور لکو.
ائين تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو پنهنجي ذهن جي مڪمل قوت سان ڪجهه ڪرڻ جي سوچ رکي ۽ اهي خيال، جيڪي ڏک يا سک ڏين ٿا انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري يا پر ڪيف يادن مان پرخمار ٿي سگهي، پوءِ ئي هو ڪجهه نه ڪجهه تخليق ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي سگهي ٿو ۽ اهو ئي وقت هوندو آهي، جڏهن ڪا اڻ ڇهي ۽ انوکي سِٽ جنم وٺندي آهي. جڏهن ته ڪالرج شاعريءَ کي حقيقت مڃي ئي نٿو! چوي ٿو ته “شاعريءَ جو مقصد حقيقت جي بجاءَ خوشيءَ جي تخليق آهي.” پر ڇا ،خوشيءَ” حقيقت ناهي؟ منهنجو خيال ڪالرج جي خيال کان مختلف آهي ڇو جو شاعريءَ جو مقصد حقيقت آهي جنهن ۾ خوشيءَ کان وڌيڪ ڏکن جي گهڻائي آهي.
هڪ سچو شاعر خوشيءَ ۾ پنهنجو اظهار جهڙيءَ ريت ڪري ٿو ان کان ٻيڻو اظهار هو ڏک مهل ڪندو آهي، جڏهن سنس اندر اڌ ٿي اٿلي پوندو آهي ۽ اظهار لاءِ وٽس ڪنهن به ٻي واڌو شيءَ جي محتاجي نه رهندي آهي. مثال لاءِ اسان جي تاريخ ۾ ‘سهرا ۽ راڳ’ جي آهن ته ‘پار ۽ اوسارا’ وڌيڪ پاور فل طريقي سان موجود آهن، جن جا اظهار گيتن ۽ مورن جي صورت ۾ موجود آهن، هتي ڳالهه آهي طاقتور خيال ۽ جي رلڪي جي ان ڳالهه جي ته، لکڻ کانسواءِ جڏهن ٻي ڪا واٽ نه ملي تڏهن لکو! اهو ئي درست طريقو ۽ وڏو سچ آهي، جي ائين نه هجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي ڪتابن جي ڀرمار ضرور سنڌي شاعريءَ کي ڪنهن دڳ لائي ها. پر ائين ڪونهي! اسان وٽ هر بڇڙي ريت سان گڏ انهيءَ ڪُسري ريت پڻ ڪَرُ کنيو آهي ته جيترا گهڻا ڪتاب ڇپبا اوترو گهڻو نالو ٿيندو. اهڙيءَ هل اها سوچ رکڻ به ضروري آهي ته اهو نالو “هاڪ” (سٺي مشهوري) هوندو يا “خاڪ” هوندو!
اها غلط ريت ۽ غلط رويو سنڌي شاعري لاءِ جنم وٺي چڪو آهي (جيڪو هاڪاري ناهي!) “ڳالهه ٺهي نه ٺهي وٽ رينگٽ کي....” وارو انداز سٺي لفظن ۾ ياد ڪرڻ جهڙو تاريخ جي ورقن ۾ نٿو رهي سگهي. انهيءَ ڳالهه تي سوچجي ته سٺو، نه ته هرڪو مرضيءَ وارو آهي. هونئن به هرڪو مرضيءَ وارو، جو ڪتاب ته ڇپائي ٿو پر اهو به چاهي ٿو ته ڪتاب ۾ سندس باري ۾ 13-12 تعريفي مضمون به هجن! ٺيڪ آهي، هو 12-13 مضمون لکائي سگهي ٿو ۽ لکجن به پيا پر ڇا اهڙي طرح سان پڙهندڙن جي سوچن ۾ ڪا هاڪاري تبديلي به آئي آهي؟ يا اچي سگهي ٿي؟ پڙهندڙن جي سوچن ۾ تبديلي اهي 12-13 تعريفي مضمون نه، پر شاعر جي اها شاعري جيڪا ڪتاب ۾ موجود آهي اها آڻي سگهي ٿي جي ان ۾ اها طاقت ۽ ٻل آهي ته، ٻيءَ صورت ۾ اهي تعريفي مضمون، لکندڙن کي به، ته شعر کي به کلڻ هاب ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا.
اهو سڀ ضروري آهي، ڊاڪٽر سيال لاءِ به ته مون لاءِ به! هونئن به هو ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر آهي ۽ کيس چڱيءَ ريت خبر آهي ته ڪڙي دوا فائدو ڏيندي آهي. ڊاڪٽر سيال صاحب پنهنجي هر ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ انهيءَ ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي چوندو رهيو آهي (ٿورا آهن سندس) جنهن لاءِ مون وٽ سواءِ لفظ “مصروفيت” جي ٻيو ڪوبه نه هوندو آهي . سچ به آئون نه رڳو “لکڻ” ۾ مصروف آهيان پر انهيءَ کان وڌ “ڏکڻ” ۾ به گهڻي مصروف رهي آهيان. “لکڻ” منهنجو جياپو آهي ۽ “ڏکڻ” انهيءَ جياپي ۾ رڪاوٽ جو سبب بنجي ٿو! تنهن جي باوجود اهو منهنجي پنهنجي ذات جو ڪمال آهي ته ڏک به مونکان لکڻ وارو جياپو کسي نه سگهيا آهن. جياپي جي سگهه ڄڻ ته ڏکن کي دڙڪو ڏيندي رهي آهي ته:
“اڳيان ٽڪر ٽر، متان روهه رَتيون ٿئين”.
اهو ئي هيٺ مٿي وارو حساب ڪتاب مونسان گڏ گڏ رهندو اچي. جڏهن ڏک تازو آهي تڏهن جياپو جهيڻو ٿي پوندو آهي ۽ قلم رڳو نهاريندو رهندو آهي ته ڪڏهن ٿيون آڱريون کيس کڻن. هاڻي وري جڏهن ڪتاب “ماڻهو اُجرا رستا ميرا” جو مهاڳ لکڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب چيو ته سچ به آئو هر بار، نه، نه “ڪندي ڦڪي ٿيڻ لڳيس ته ان ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪهڙو ڏوهه آهي! يا ٻين انهن سڀني جو ڪهڙو ڏوهه آهي! جيڪي مونکان پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ لکرائڻ چاهيندا آهن ۽ آئون کين اها ئي “مصروفيت” واري ورندي ڏيندي رهي آهيان. حقيقت ۾ ڏوهه ڪنهن جو به ڪونهي، منهنجو به ڪونهي، ڏوهه رڳو انهن حالتن جو آهي جيڪو لمحي لمحي مون لاءِ ڄڻ ته ساهه ٻوساٽيندڙ رهيون آهن. مائٽن، ڀائرن، ڀينرن جو وڇوڙو ساهه ويڙهيندڙ نه پر ساهه ڪڍندڙ هوندو آهي ۽ آئون به شايد سسئيءَ وانگيان اهڙي “گوندر وَلِ جي گُرِي، آهيان جنهن لاءِ ڄڻ شانڪار (للڪار) بنجي ٿا اچن ۽ وري اٿيو بيهو ٿي رهان. اها ڳالهه آهي ته تازي ڏک ۾ دل جي رفتار گهٽ ٿيو پوي (اي سي جي رپورٽ مطابق) ۽ قلم جهليندي به ٿڪيو پوان پر لطيف رح تي ڪم ڪرڻ ايڏو ٻل ڏنو اٿم جو قلم آڱرين مان ڪرندي ڪرندي به وري آڱرين ۾ جَڙجي ٿو پوي ۽ دل ۽ قلم جي رفتار وري به نارمل ٿيو پوي ٿي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال شاعر ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي. اهو سندس پورهيو سالن کان وٺي سڀني جي اڳيان آهي ۽ سندس باري ۾ ڏنل رايا به گهٽ اهميت وارا ناهن. هو ادب جي ميدان ۾ مسلسل بيٺو رهيو آهي. پنهنجي ڪم سميت اهو به ڪو گهٽ ڪارنامو ڪونهي، يعني قلم سندس ساٿ ڏيئي پيو ۽ هو لکي پيو، اها ڳالهه عام ناهي. باقي هو ماڻهو ڪيئن آهي؟ اهو شايد سندس ويجهن کان وڌيڪ ٻيو نه ڄاڻندو هوندو يا ٻيو گهٽ ڄاڻندو هوندو يا اهي جن جون هن مددون ڪيون آهن، ساٿ ڏنو آهي، اهي کيس سڃاڻندا هوندا، مون کي هي سادو، سچو ۽ باغ بهار طبيعت جي شخصيت لڳو، سنس ٽهڪن جي گونجار سندس اڇي اندر جي ساکي لڳيم. هو وڏن عهدن تي رهيو پر غريبن سان سندس واسطو ۽ ناتو هميشه ڳنڍيل رهيو، هو انهن جون تڪليفون دور ڪندو رهيو. هاڻي جڏهن سندس چانڊڪا مان ٽرانسفر ٿيو ته ڪنهن غريب کي رت ۽ دوا جي ضرورت پيئي. انهن مونسان رابطو ڪيو. مون کي سندس ٽرانسفر ٿيڻ جي خبر هئي پوءِ به کيس چيم ته، “لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن غريب کي رت ۽ دوا جي ضرورت آهي پر تون ته اتي ناهين!!” هن هڪدم جذباتي ٿي چيو، “پوءِ ڇا ٿيو جو مان اتي ناهيان! ته ڇا ڪنهن غريب کي اتي رت ۽ دوا به نٿو ڏيئي سگهان”!
مون کي سندس اهو جذباتي ٿيڻ ڏاڍو وڻيو، جنهن ڪري اها ڳالهه هتي لکندي مزو آيو.
سنڌي ادبي سنگت لاءِ سندس خدمتون ۽ ڪوشسون ۽ سنڌي ادبي سنگت جي آفيس لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ پڻ سنڌي ادب لاءِ سندس پاران هڪ سوکڙي چئبي، مون سنس لاءِ جيڪو چوڻ پيچاهيو اهو هن پاڻ ئي پنهنجي هڪ مختصر بحر واري هڪ خوبصرت غزل ۾ چئي آهي ته:
مختصر زندگي،
پيار ئي مون ڪيو.
يا
ذلف اسان جو حال فقيري،
جڳ وارن کان مون گهٻرايو.
(جڳ وارن کانهن ڪيئن ۽ ڇو گهٻرايون! اها کيس ئي خبر هوندي!)
هن ڪتاب “ماڻهو اُجرا رستا ميرا” جي شاري سندس اڳ وارن ڪتابن ۾ ڇپيل شاعريءَ کان ڪجهه پختي لڳي، ضرور عمر سان گڏ تجربو، مشاهدو، مطالعو، سکڻ ۽ ٻڌڻ وڌي ٿو. نه ته شاعريءَ بابت منهنجي به سڳائي ميڪاولي واري راءِ آهي ته، “هو شاعريءَ کي هڪ اهڙو فن سمجهي ٿو جنهن ۾ لفطن جو استعمال اهڙي انداز سان ڪيو وڃي ٿو جو تخيل لاءِ فريب ڪُن هجي. جهڙيءَ طرح هڪ مصور رنگ جي استعمال سان تخيل کي بلند ڪري ٿو.
شاعريءَ لاءِ پاڻ ذوالفقار سيال چوي ٿو ته:
جذبن جو هي پورهيو آهي،
پنهنجو هٿ هٿوڙو ناهي.
سندس شاعري ۾ جيئن ته پيار جو جذبو بي انداز آهي جڏهن ته کيس ٻي پاسي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، جنهن پاسي ڏانهن هن ٿوري هٿ- سُڃَ ڪئي به آهي، سندس هي بند مو نکي سنڌ بشير خان قريشي سان منسوب لڳو:
قوم سان پنهنجو انجام پاڙي ويو،
هو ته روشن نئون سج اڀاري ويو.
يا
ظلم جي روپ جو ڪين چهرو مٽيو،
سچ پيسجي پيو اڄ به گهاڻي ڏسو.
هن ڪتاب ۾ سندس هڪ غزل سهڻي بيهڪ ۾ آهي جنهن جي هر سٽ ۾ قافيو ۽ رديف آهي. اهو تجربو سٺو لڳو:
هوائون نه روڪيو، صدائون نه روڪيو،
اسان کي سهڻ ڏيو، جفائون نه روڪيو.
سڙڻ ڏيو رڙڻ ڏيو وفائون نه روڪيو،
جي انسان آهيو، خطائون نه روڪيو.
ڀلي ڀور ٿيون پر ادائون نه روڪيو،
پِٽيو ڀل اسان کي دعائون نه روڪيو.
چڱايل کي ڪوري، عطائون نه روڪيو،
مريض محبت، دوائون نه روڪيو.
وري وار کولي گهٽائون نه روڪيو،
وري “ذلف” جون هي انائون نه روڪيو.
آئون اهڙن مهاڳن جي سدائين مخالف رهي آهيان جن ۾ هر لفظ کان پوءِ انهيءَ شاعر جي شاعريءَ جي لانڍ لڳل هوندي آهي جيئن هتي مون پاڻ به ڪئي آهي. منهنجي لاءِ مجبوري اها آهي ته مون لطيف رح کي تمام گهڻو پڙهيو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو آئون هر شاعر جي شعر ۾ خيال ڳولڻ لڳندي آهيان ۽ پوءِ اداس ٿي ويندي آهيان. منافقت ڪرڻ ٻين سان ته ٺهيو پر پنهنجي ذات سان ڪرڻ به بيواجبي سمجهندي آهيان. مون ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن به ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به نه چيو. مونکي خبر آهي ته هو هروڀرو به تعريف ڪرڻ لڳندا جيڪا آئون پنهنجي ذات سان منافقت سمجهندي آهيان.
ڊاڪٽر سيال کي سندس شاعريءَ بابت نهايت ڪڙيون ڳالهين هميشه مونکان ٻڌڻيون پونديون آهن. مون کي خوشي ٿي ته هو صابر ۽ ساهو آهي سدائين چوندو رهيو آهي ته، “جيئن وڻيئي، تيئن لک!” ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته، “جيڪو تنقيد سهي نٿو سگهي اهو زنده رهي نه سگهندو ۽ نه وري اڳتي وڌي سگهندو.” مان ڄاڻان ٿي ته هو تنقيد سهڻ جي سگهه رکي ٿو. ائين هو زنده به رهندو ۽ اڳتي به وڌندو ويندو.
شاعريءَ جي لانڍ بابت اهو ئي چونديس ته جڏهن هو ڪڙيون ڳالهيون برداشت ڪري سگهي ٿو ته مٺين ڳالهين جو هو خودبخود حقدار ٿي پوندو آهي. ايئن جڏهن ڪتاب ۾ سندس ڪجهه شعر وڻيا آهن ته سوچيم اظهار ڪريان ائين ڊاڪٽر صاحب جي صبر کي آزمايان نه.
هن ڪتاب جي نئين ڳالهه “گيت” جي گهڻائي آهي. جڏهن ته هاڻي گيت لکڻ جي ريت ميسارجي رهي آهي. اهڙي موقعي تي گيت واري صنف ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ ۽ جيارڻ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي مبارڪون هجن. باقي شاعري اها “ڪاڪ” آهي جنهن جي مومل ماڻڻ لاءِ هڪ ٽڪساٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.
ناتر جي گوهين تي نظر رکڻي پوندي، سُٽُ ۽ سوپاريون به اينديون ته کڏون ۽ کوهه به ايندا، رنگ رتا رستا به پسبا ته واس وندا پِنگا پيچرا به ملندا، شينهن جون گجگوڙيون به ٻڌبيون ته مٺيون بُسريون به چکبيون، سارو جادو نگر ڳهبو تڏهن وڃي منڊل مانڊاڻا نگاهن اڳيان ايندا!! اهو ڪو ڊڄ ڪونهي حقيقت آهي جنهن کان منهنجو خيال آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال واقف هوندو/آهي.
ڪاڪ وڻن سڻان، اوٺين گهڻو اورڳي،
هئا گُنَ (هنر) گهڻا، راڻا تي (تڏهن) روئندا ويا.
ج .ع منگهاڻي