قداور، سهڻو، سريلو “ٽهڪن ۽ عشق جو ٺهيل مسيحا”: ڪوثر ٻرڙو
هڪ ڏينهن صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان ئي مون کي گردي ۾ سخت تڪليف ٿيڻ لڳي ٿي ۽ اها تڪيلف مون لاءِ ان حد تائين اذيتناڪ بڻجي وڃي ٿي جو بلڪل نڍهال ٿي وڃان ٿو. الاهي بخش ۽ ناز سهتي وارا مونکي سول اسپتال حيدرآباد وٺي وڃن ٿا. مان ڪجهه ڪلاڪ هڪ مسيحا جي مسيحائيءَ هيٺ رهڻ کان پوءِ درد کان نجات حاصل ڪيان ٿو ۽ سامت ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي ڀرسان هڪ خوبصورت، کلمک نوجوان ڇوڪري کي بيٺل ڏسان ٿو. ساڻس واقفيت ڪرڻ بجاءِ کانئس پنهنجي دوستن بابت معلوم ڪرڻ لڳس ته خبر پئي ته هو ڪافي وقت اڳ پنهنجي ڪم ڪار سان هليا ويا آهن ۽ مون کي ان مسيحا جي حوالي ڪري ويا آهن جيڪو دوا سان گڏ جملن سان منهنجي مسيحائي ڪري رهيو آهي. ان وقت کان وٺي اڃا تائين سندس ڳالهائڻ جو انداز ۽هٿن جا چلتا مونکي اڃا ساڳيا لڳن ٿا. ان واقعي کان پوءِ منهنجي ان مسيحا سان نه رڳو واقفيت، نه رڳو دوستي پر پڪي دوستي ٿي وڃي ٿي. شايد اها دوستي ايترو جلد نه به ٿئي ها پر هو ان لاءِ مونکي موقعا فراهم به پاڻ ڪري ٿو. مثلا هو وري ٻئي ڏينهن تي ريڊيو اسٽيشن تي مونکا طبيعت به پڇڻ ۽ حال احوال وٺڻ به اچي ٿو. پوءِ ته منهنجي به ڳهيلي طبيعت، هُو مون مان ۽ مان هن مان ڦاسي وڃان ٿو، بلڪه اها دوستي عمر قيد ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هُن کي مان جيئن جيئن قريب ايندو ٿو وڃان ته هن جي لڇڻن جي خبر پوندي ٿي وڃي. مون کي اها حقيقت سمجهه ۾ ايندي وڃي ته هُو مسيحائيءَ جي ميدان ۾ نهايت هڏ ڏوکي ۽ رحمدلي جو مالڪ هر اڙئي اُڌي جو مددگار ماڻهو آهي، مان محسوس ٿو ڪيان ته هو محبت ۽ پيار جي پوک پوکي ان کي پاڻي ڏيڻ ۽ سار سنڀال ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿو. آهستي آهستي هُن جي شخصيت ۽ ذاتي زندگيءَ جا ڪيترائي راز مون اڳيان عيان ۽ پڌرا ٿيندا وڃن ٿا. مون کي اهو سمجهڻ ۾ بلڪل به دير ڪونه ٿي لڳي ته هي مسيحا ته بلا جو حُسن پرست آهي. اسان ۾ اها مشترڪه خوبي اسان کي اڃا به هڪ ٻئي جي قريب آڻڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ اسان وچان تڪلفات جون ديوارون دور ٿينديون وڃن ٿيون ۽ ريڪارڊنگ ۾، ڇوڪرين سان هجان يا ڪنهن فنڪشن ۾، فون تي يا روبرو هُو مونکي رڳو “ڇوٽُو” سڏڻ لڳي ٿو ۽ مان سندس اِهو لفظ ٻڌڻ چڙڻ بدران خوش ٿو ٿيان. وقت گذرندو ٿو وڃي مان ڏسان ٿو ته اهو ماڻهو رڳو مسيحائيءَ جا ڪم ئي ڪونه ٿو ڪري پر هو مونکي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي روپن ۽ حوالن ۾ نظر اچڻ لڳي ٿو. هڪ سٺو شاعر، هڪ سٺو ڪالمنويس، هڪ سٺو سيلاني، هڪ سٺو سماجي ڪارڪن ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ سٺو انسان جيڪو جيڪڏهن ڪنهن سان محبت ڪري ٿو ته ان جو اظهار به برملا ڪري ٿو ۽ اگر ڪنهن کان نفرت ڪري ٿو ته اها به واضح ۽ کليل به بانگِ دهل. ان معاملي ۾ هو عام ماڻهن وانگر منافقيءَ جو سهارو ڪونه ٿو وٺي. مونکي هُو کليل ڪتاب وانگر نظر اچي ٿو. دوستن جو دوست ۽ دشمنن جو دشمن. هُو مونکي بصر وانگر ڪونه ٿو لڳي. مان محسوس ڪيان ٿو ته هُو جتي به رهي ٿو پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿو. مُئلن وانگر نه پر زنده دل ماڻهن وانگر رهي ٿو. بحث ۾ خوب حصو وٺي ٿو ۽ محفل کي ٽهڪن سان سجائي رکي ٿو. هو بنيادي طور محبتي ماڻهو آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته آفيس هجي يا اسپتال هو ڊيوٽيءَ تي هُجي نه هُجي هُو تنها رهي ئي ڪونه ٿو سگهي. دوست سندس ڪمزوري آهن ۽ دوستن جي هُو ڪمزوري آهي. هُو برداشت جو مادو به ڏاڍو ڌاري ٿو. دوستن جي سخص کان سخت جملن کي به کلي برداشت ڪري ٿو. ٽهڪن جو واپاري ماڻهو. مان کيس اڪثر ڪري چوڻ لڳا ٿو. چوانس ٿو ته “دنيا سڌري ويندي پر تنهنجو تلفظ ڪونه سڌرندو.” حيدرآباد کان بدلي ٿيڻ کان پوءِ ورهين جا ورهيه ساڻس منهنجي ملاقات ڪونه ٿي ٿئي. ٽي وي ۽ ريڊيو تي سندس بيشمار ڪلام ٻڌندو رهان ٿو ۽ نشر به ڪندو رهان ٿو. اخبارن ۾ ڪالم دلچسپيءَ سان پڙهندو رهان ٿو. وڏرن ۽ ننڍڙن لاءِ لکيل سندس شعري مجموعا نظرن مان گذرندا رهن ٿا. ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي سندس سرگرميون، ساڻس رچيل رهاڻين ۽ سندس ڪتابن جي مهوريت وارين تقريبن جون رپورٽون اخبارن ۾ پڙهندو رهان ٿو ۽ کيس جس ۽ شابس ڏيندو ٿو رهان ته هُو ڪيڏو نه جاکوڙي، محنتي ۽ مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ انسان آهي. ڪمال آهي ته هو پنڌ ڪندي ٿڪجي به ڪونه ٿو! طوفانن ۾ به ڏيئا ٻارڻ جي سگهه رکي ٿو! هو مخالفتن کان به بي پرواهه ۽ بي نياز ٿي پنهنجي ڊگر تي هلندو ئي رهي ٿو.
ورهين پڄاڻان مان وري ساڻس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ وڃي ملان ٿو جتي هو اعليٰ عهدي تي فائز آهي، مان پنهنجي نياڻيءَ جي طبي چڪاس لاءِ وٽس وڃان ٿو. اُهي ئي ڇوڪرين جا ٽولا، شيشون هٿن ۾ سندس ڀرپاسي طواف ڪندي نظر اچن ٿا، مان کيس سواليه نگاهون کڻي ڏسان ٿو ۽ آهستي چوان ٿو ته مسيحا “تون نه سڌرندي” مخصوص انداز ۾ ٽهڪ ڏئي وراڻي ٿو، “ڇوٽو’ ڇا ڪيان ويچارا واقف اڻ واقف هجت ۽ اميد ڪري اچن ٿا، منهن ڏيڻو پوي ٿو.” ۽ ائين سندس هٿ فون جي ڊائل گهمائين ٿا ۽ مختلف وارڊن ۾ فون ڪري هُو ڪنهن کي ڪنهن جي پارت ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي سفارش. پوءِ جلد ئي سڀ ڪم ڇڏي مون سان گڏ وارڊ ۾ هلي ٿو ۽ مان محسوس ڪري رهيو آهيان ته منهنجي نياڻيءَ ڪائنات جو کيس ايترو اُلڪو ۽ خيال آهي جيترو کيس پنهنجي سڳي نياڻيءَ جو هُجي! هو مونکي خدا حافظ به ائين ئي ٽهڪن سان ڪري ٿو جيئن ٽهڪن سان آجيان ڪئي هئائين. مان واپسيءَ تي سوچيندو اچان ٿو ته اهو مسيحا ٽهڪن جو ٺهيل آهي يا عشق جو!