شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

اڻپورو اڀياس

شاعري ۾ گهري فڪر کي خوبصورت لفظن جي ويس سان گڏ شاندار لئي جي ضرورت هوندي آهي، خاص ڪري غزل م انهي لئي/ موسيقيت جي اهميت جسم لاءِ روح جيتري ٿيو وڃي، باقي مواد جي لحاظ کان يا مضمون جي لحاظ کان غزل جو هر بند پنهنجي اندر هڪ مڪمل نظم رکي ٿو ۽ نظم جي سنواري سينگار لاءِ تشبيهه، استعاري، محاڪات، منظر نگاري ۽ لفظي سٽاءُ ۾ لڄاءَ جي ضرورت رهي ٿي، جيستائين پڙهندڙ يا ٻڌندڙ ڪنهن بند تي لُڇي نٿو پوي ته پوءِ ان بند جو ڪو ڪمال نه ليکبو. هڪ سٺي شاعر ۾ سمورا شاعراڻا لوازمات هجڻ، ان جي فطري ذوق ۽ اعليٰ فڪر جي عڪاسي هجن ٿا، فڪر جي گهرائيءَ کي جيڪڏهن مناسب لفظ نه ٿا ڏجن ته اهڙي شاعري گلن جي ٽوڪريءَ بجاءِ ڪنڪريٽ جي ٽرالي نظر ايندي، جنهن مان پڙهندڙ/ٻڌندڙ کي اهو مزو/مقصد حاصل نه ٿيندو، شاعر اهڙي من موهيندڙ شاعري ڪري سگهي ٿو، ته جواب ايندو نه ڇو ته ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم ته کڻي ڦاٽل جهول ۾ هجي به، ته به ڏاتِ جي وسعت، ڪنهن ڪنهن وٽ ٿئي ٿي.
شاعريءَ ۾ شاعر جي اندر جا احساس، امنگون، ڏک، پيڙائون، ويل، وڇوڙا محبتون، سوز گداز، ارمان، حسرتون ورلاپ توڻي تبديليءَ لاءِ جاکوڙ جا انداز، داخلي يا خارجي، سندس روح ۾ ٻڏي ٻاهر نڪرن ٿا ته ڄڻ سمورن ماڻهن جي اندر جا ڀاسجن ٿا ۽ ماڻهو اهڙيءَ شاعري کي پنهنجو ذاتي ڏک، پيار، محبت، ارمان، حسرت يا سوز گداز سمجهن ٿا ۽ هجڻ به ائين ئي گهرجي.
ذوالفقار سيال به شاعريءَ جي دنيا جو مسافر آهي، وٽس به ٻڌندڙ کي ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي موهي وجهڻ جو ڪافر انداز آهي، سندس شاعريءَ ۾ درد پيار پاٻوهه توڻي انقلابي احساس جا اڻ مڻيا ڀنڊار آهن، هن مايوسين کان اميدن ڏانهن سفر پئي ڪيو آهي ۽ انهي راهه سان گلابن جا ڪيئي ٻوٽا پوکيا اٿس ته جيئن پويان ايندڙ راهيءَ کي ڪا ٿڪاوٽ محسوس نه ٿئي ۽ واس وٺندو اڳتي وڌندو وڃي منزل تي پهچي يا وري منزل لاءِ شهادت ماڻي. اهڙن احساسن جو بنياد عشق آهي، پر جڏهن عشق کان به اڳتي وڌڻ محسوس ٿئي ته پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏجي، ڇو ته اهڙي خودڪشي به شهادت جو هڪڙو ڏاڪو آهي، بهرحال مايوس به هڪ فطري لاڙو آهي ۽ اميد به فطري سڀاءُ تنهنڪري معلوم ٿئي ٿو ته ذوالفقار سيال به پنهنجا جهڙا تهڙا احساس يا سڀاءَ چٽڻ جو شاندار فنڪار آهي، جيئن تازو آيل شاعريءَ جي ڪتاب، “چهرا چنڊ گلابن جهڙا” ۾ چوي ٿو:
جهڙي ويلي تو کان ساجن ڏينهن پراڻا وسري ويندا،
تهڙي ويلي پنهنجي سپنا خاڪ ٿي ڪائي اڏري ويندا.
غزل جي هن مطلع ۾ سندس اندر جي ڏک ۽ مايوسيءَ جي اظهاري ڪيفيت کي جهڙوڪر شاعر، مايوسين جي صحرا ۾ پريشان حال بيٺو آهي، پر ساڳئي ئي غزل جي هڪ بند ۾، مايوسين جي صحرا کي پار ڪندي، اميدن جي گلزارن ۾ پير رکي اچي بيهي ٿو:
باک ڦٽڻ جي آسَ ۾ اڄ به، رستن تي ٿي وئي آ رونق،
اهڙو ڪوئي واءُ ته ورندو، ڏينهن ڏکيا هي گذري ويندا.
اصل ۾ شاعر ئي ته آهي جيڪو ماڻهن جي روح ۾ پريشانين ۽ مايوسين کي ڏسي وٺي ٿو ۽ انهن کي وائکو ڪري، کين اميد ڀرين اظهارن سان خوبصورت آئيندي جي خوشخبري ڏيندو رهي ٿو، پوءِ ماڻهن کي اهڙو خوبصورت آئيندو حاصل ٿئي يا نه، پر هڪڙي اميد جي سهاري جيئڻ لڳي ٿو، بلڪل اهڙي ماهر ڊاڪٽر وانگر، جيڪو پنهنجي مريض کي ڪڏهن به نا اميدي نه ڏيکاريندو آهي ۽ ان جي تندرست ٿيڻ جي اميد ڏياريندو رهندو آهي، اهڙين ئي اميدن جي بلندين تي پهچي ذوالفقار سيال چوي ٿو:
هاڻ ڏوهي وري ذات ٿيندي نه ڪا،
سچ جي ماڳ تي رات ٿيندي نه ڪا،
لڙڪ سارا اکين مان، مون لاڙي ڇڏيا،
هاڻ نيڻن مان برسات ٿيندي نه ڪا.
پوءِ شاعر ته شاعر ئي آهي، تنهنڪري، ڪڏهن ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن، وارو مثال هجي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ صحيح ماڻهپي جا رُخ، محبوباڻا ماڻا ٽاڻا، ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت جو اظهار، ماڻهن جي قبيح روين تي ماتم، سياسي شِڪرن جون شڪرايون وغيره جتي ڪٿي ملن ٿيون.
ديس جي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار اجهو هينئن ڪري ٿو، سنڌ جي هر ڪنهن گهٽي، هر گام تان صدقو وڃان:
سنڌي ٻوليءَ جي حرف هر نام تان صدقو وڃان،
چاهه هن سان آهه ايڏو، ڄڻ ته جيجل ماءُ آ،
ديس جو ناهيان دروهي، نام تان صدقو وڃان.
پاڻ فڪر تي وڌيڪ ويساهه جو قائل آهي ۽ ان جي اڳيان فَنَ جي ڀيٽا ڏيندي نه ٿو ڪيٻائي، سندس شاعري ۾ سمورن شاعرن وانگي زندگيءَ لاءِ پيار جي اهميت جو احساس اجاگر آهي ۽ ان لاءِ مضبوط دليل وٽس موجود آهن:
پيار جي نگاهه ٿي ويندي،
زندگي جي پناهه ٿي ويندي.
يا
نيڻ تنهنجا وري چنڊ تارا ٿيا
مرڪ ۾ زندگي جا اشارا ٿيا
عام طور تي شاعرن، پنهنجي شاعري ۾ محبوب کي گل سان تشبيهه پئي ڏني آهي، پر ذوالفقار سيال انهن شاعرن کان منفرد احساس جو مالڪ ٿو ڏسجي ۽ محبوب جي گل سان تشبيهه کي اجهو هينئن رد ٿو ڪري:
گل سان توکي ڀيٽيان ٿو،
ڄڻ تنهنجي گهٽتائي آ.
هتان جا مطلبي ماڻهو، ماڻهن جا مطلبي اڳواڻ، جيڪي ذاتي مفادن لاءِ ۽ ضمير جو سودو به ڪريو ڇڏين ٿا ۽ سندس ۾ چالو سياسي ۽سياستدان سان هن شاعر کي ڪروڌ جي حد تائين اختلاف آهي، اهڙي صورتحال جو اظهار اجهو هينئن ڪري ٿو:
سياست جي لئه مان ٿا وڪجن،
ماڻهو، دين-ايمان ٿا، وڪجن
آهه ضميرن جو هت سودو
قوم ڏٺا ايوانِ ٿا وِڪجن
ائين لڳي ٿو مُلهه آ سڀ جو
ظرف، ضمير ۽ خان ٿا وڪجن
هڪڙي پاسي جذبا پلجن
ٻئي پاسي ڀڳوان ٿا وڪجن
سندس شاعريءَ ۾ قافئي جي آزادي واري عمل جي ڪري مقصد کي چٽائي ۽ اندر جي احساس کي ظاهر ڪرڻ ۾ سولائي حاصل رهي آهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ننڍا وڏا وزن نڀائي ڄاڻي ٿو، تاهِم منهنجي نظر ۾ سندس غزل کان، سندس گيت ڪر کنيو بيٺا آهن ۽ سندس هيءُ گيت ته پنهنجي سمورين گهرجن ۽ خوبين سان جهنجهه پيو لڳيۡ:
زندگيءَ جي حسين شام گڏجي هلو
پيار مون کان وٺو
پيار مون کي ڏيو
ڇا رکيو آهن طعنن ۽ تڪرار ۾
مسڪرائي ملو
۽ سدائين ملو
تون اچڻ جا ڪرين روز واعدا نوان
تون نه آئين وري
توکي ڇا ٿي ويو؟
ذلف جي هر گهڙي آهه تو ساڻ گڏ
ڪي گهڙيون قرب جون
ان کي ڏيندا ڪريو
البته هڪڙي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته سندس شاعري ۾ سندس فڪر، پنهنجي پَڳَ مَٽُ يارَ فَنَ جي ڪمزوري يا هيڻائي تي ڏاڍو ڏکارو آهي، جيڪڏهن انهيءَ پاسي توجهه ڏيئي سگهجي ٿو ته ضرور ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ٻُڌڻ وارا اکيون توڙي ذهن ڦوٽاريون بيٺا هوندا آهن ۽ تذڪرو نه ٿي پوي فَنَ جي کوٽ جو!
مثال طور:
اسانکي جيون جي ناهه ڳڻتي، فڪر اسان کي انهيءَ جو آهي،
جلاد بيٺو اڃا درن تي، اڃا ڪنڌ ڪرندا اڃان ڪوس ٿيندا.
هتي پوئين سٽ جو پويون اڌ، اڃان ڪنڌ ڪرندا اڃا ڪوس ٿيندا. پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ/شهر جي پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪتل، خانا بدوش ٿيو بيٺو آهي ۽ فعول فعلن جي بجاءِ “مفاعيل فعلن” ۾ گم پيو ٿئي ته پوءِ ٻئي جي گهر ۾ بنا اجازت وڃڻ وارا ساڌ نه پر چور ليکبو آهي.

سرڪش سنڌي