آئيندي جي معصومن لاءِ: زرينه بلوچ
آس اٿم ته ڊاڪٽر ذوالفقار سدائين ننڍڙن ونئڻن جي گوگڙن مان ڦٽي نرم ريشم جهڙي تازي ملائم ڪپهه جهڙن پيارن سنڌي ٻارڙن لاءِ اورچ ئي پنهنجي ڊاڪٽري جهڙي ڏکئي پيشي مان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي لکندو رهندو ۽ پتڪڙا ڪارڙا ڪمارڙا ٻهراڙي توڙي، شهرن جا ٻار پڙهندا ۽ پروڙيندا رهندا.
پر ها سچي! پڙهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ بنيادي شرط سنڌي ٻولي (يعني مادري ٻولي) آهي، جنهن جي خلاف هر روز نت نوان ڪات ڪهاڙا کنيا پيا وڃن. ٻيو ته ٺهيو پر معصوم ٻارن کان سندن ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جو حق کسڻ جا سانباها پيا ڪيا وڃن، شل سنڌي ٻار سندن وڏا ۽ سندن شاعر ۽ سندن سنڌي ڪهاڻيڪار جيڪي يا ته لکن ڪونه ٿا يا لکن ٿا اٽي ۾ لوڻ برابر پر اهي سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ شال پنهنجو تاريخي فرض نڀائي سگهن:
مان هڪ سينيئر فنڪاره جي ناتي، هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ان راءِ تي پهتي آهيان ته هن ۾ شامل لفطن ۽ گيتن ۾ خوبصورت لهجا ۽ ڪمال جو ردم آهي. جن کي خوبصورتيءَ سان ڳائي سگهجي ٿو ۽ سنڌيءَ ۾ لاجواب نين ڌنين جو اضافو ڪري سگهجي ٿو.