“ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون” جو تنقيدي اڀياس: ملهار سنڌي
سهڻا سهڻا ننڍڙا ننڍڙا،
ڌرتيءَ جا هي تارا آهن،
ٻار سڀئي پيارا آهن،
ايندڙ لمحن جا رکوالا،
مستقبل جا هي ته حوالا،
ڀاڳ نصيبن وارا آهن،
ٻار سڀئي نيارا آهن.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اهو شاعر ۽ اديب آهي، جنهن سموري زندگي ٻارن لاءِ لکيو آهي. سچ ته پيار ڀريو پورهيو ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ڪونهي. ٻارن لاءِ ڇپيل ڪتابن ۾ “مکڙين مالها”، “گلڙن جهڙا گيت”، “گل ۽ مکڙيون”، “منهنجي ديس جا ٻار”، “لفظن جا رانديڪا”، “دعائون”، “گيت کيڏوڻا”، “اکر اکر سرهاڻ” ۽ “پنهنجي ٻولي نياري ٻولي” شامل آهن. جڏهن ته سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران سندس ڇپيل نئون شعري مجموعو “ننڍڙا فرشتا پياريون پريون” پڻ سنڌي ادب ۾ شاندار اضافو آهي. سندس ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ خُوبصورت نظم شامل آهن، جن ۾ موسيقيت، رواني ۽ سُهڻيون سُهڻيون نصيحتون سمايل آهن. سندس هڪ نظم ۾ پاڻي جي خُوبين تي حسنائتي انداز ۾ لکيو آهي:
پاڻي اهڙي نعمت آهي،
جيڪا صحتمند بنائي،
گهڻو پاڻي پيئڻ وارو،
بيمارين کان پاڻ بچائي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب ۾ اهڙا ته اعليٰ ۽ فڪر انگيز نظم ڇپيل آهن جو ٻار اُنهن جو مطالعو ڪري صحيح معنيٰ ۾ اُنهن تي عمل ڪن ته سندن زندگي سنورجي وڃي ۽ اُهو سندس فن ۽ فڪر جو ڪمال آهي:
علم ته اهي هيرن کاڻ،
پڙهي پرائي پاڻ.
علم سڏي سڀني کي چئي ٿو،
آءُ تون پنهنجي منزل ماڻ.
ٻار ان ئي شاعريءَ کي وڌيڪ دلچسپي سان پڙهندو آهي، جنهن ۾ رواني هوندي آهي، جنهن جي ٻولي سليس ۽ سندس ذهني سطح وٽان هجي، ڪتاب ۾ شامل اڪثر نظمن جي مطالعي کان پوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته شاعر سمورا نظم ٻارن جي نفسياتي توڙي ذهني سطح کي ڄاڻندي تخليق ڪيا آهن. ڪتاب ۾ شامل جهرڪي جي عنوان سان لکيل نظم شاهڪار آهي، جيڪو عام فهم ٻولي ۾ ڇا ته نصيحت آموز آهي:
سهڻي سهڻي مار نه جهرڪي،
پياري آھ اڏار نه جهرڪي،
تنهنجي آھ گليل غضب جي،
ڳوڙهو ماري کار نه جهرڪي،
ننڍڙيءَ کي ڇو قيد ڪيو ٿي،
پڃري ۾ تون ڌار نه جهرڪي،
سڀني کي هت مرڻو آهي،
پر تون منهنجي مار نه جهرڪي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هڪ فرض شناس قلمڪار جي حيثيت سان ٻارن لاءِ مسلسل لکيو آهي، ڇو ته کيس اونو آهي ته ٻارڙا بهتر انداز ۾ ذميوار فردن جي حيثيت سان ڪردار ادا ڪري سنڌ وطن جي خدمت ڪن. هِن ڪتاب ۾ شامل اڪثر نظم ايترا ته دلفريب آهن جو دل ٿي چوي ته گهڻو ڳالهائڻ بدران فقط اُها شاعري پڙهندو رهان:
اي خُدا! تُون ٻار پيدا ئي ڪر،
منهنجي نيڻن جا ٺار پيدا ئي ڪر،
ٻار آ زندگي ۽ خوشيءَ جو نشان،
اهڙا لاثاني ڪردار پيدا ئي ڪر.
*
مينهن پيو آ چم چم،
هر جا ٿي وئي رم جهم
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ٻولي جو انتهائي سهڻو شاعر آهي. سندس هِن ڪتاب ۾ پوپٽ جي پرن ۽ گلاب جي گلن جهڙا نظم شامل آهن، جن جي مطالعي کانپوءِ اندر جو جهان معطر ٿيو وڃي، ڇو ته سندس دعائون نه صرف ٻارن جي روشن مستقبل بڻائڻ خاطر آهن، پر سموري دنيا کي گل گلزار بڻائڻ لاءِ آهن:
دنيا جي هِن باغيچي ۾،
پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکيون،
دنيا کي گلزاريون.
(روزاني “ارادو” لاڙڪاڻو، 10 ڊسمبر 2019ع)