شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

مون جيئن سمجهيو سيال کي! : پريل دايو

هن لاءِ جيڪڏهن ڪير تعارف ڪرائڻ لاء چوي ته موٽ ۾ سندس نالو اچارڻ ئي ڪافي آھي ....سندس بنيادي سجاڻپ ان ڪري به انتهائي سگهاري آهي جو سندس قلم جون پاڙون ڌرتي جي دل ۾ کتل آهن .....هو هن کان اڳ به سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل رهيو آھي هن ئي سنگت کي ويب سائيٽ تي سڀ کان پهريان آندو ۽ سنگت جي رجسٽريشڻ بحال ڪرائي ، پنهنجي پر ۾ مٺڙو مزاج رکندڙ هي ماڻهو خوددار، سچو۽ کرو آهي، مزاج جي ابتڙ ڪو عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ڏاڍو سخت طبع جو مالڪ پڻ آھي، هن ڪاموري جي حيثيت ۾ وڏا وڏا عهدا ماڻيا پر ڪٿي به پنهنجي سوچ ء سنڌيت جي معاملي تي شاعر ۽ قلمڪار طور ڪنهن به قسم جي مصلحت کان ڪم نه ورتو، هر قومي چر پر جو گهڻي ڀاڱي حصو بڻجندو پئي آيو آھي ۽ سرڪاري آفيسري دوران ان جي ڪا به پرواھ نه ڪئي، هو شاعر هجڻ سان گڏوگڏ ڀلوڙ ڪالم نگار پڻ آهي ...روزاني هلال پاڪستان ، روزاني آفتاب جي اوج واري دور کان ويندي اج جي عوامي آواز تائين سندس ڇپيل ڪالم موجوده دور جي سماجي ، ادبي توڙي سياسي تاريخ جو آئينو آھن.
ڪراچي ۾ گهڻو وقت هجڻ ڪري کيس ريڊيو ، پي ٽي وي تي پروگرام ڪرڻ جا مستقل موقعا مليا جنهن ۾ سندس صلاحيتن جو وڏو عمل دخل آهي جو هن پي ٽي وي لاء ڳائيڻدڙ گلوڪارن ، راڳين لاء ججهي شاعري ڪئي ۽ ڳارائي .... ٻن ٽن سالن کان نج تخليقڪارن وارو محاورو ميدان ۾ اچڻ کان پوء مان اڪثر ڪچهرين ۾ چوندو پئي رهيو آھيان ته اسان پنهنجن همراهن واري نج تخليقڪاري واري ماڻ ماپي ۾ اچون به ٿا الائي نه .... باقي ڪنهن به حوالي سان ڊاڪٽر ذوالفقار بابت ته اهي ڪا ٻي ٻولي ٻولڻ جي همت به نه ڪندا ڇو ته اهي جڏهن اڃان سکي رهيا هئا تڏهن ڊاڪٽر صاحب ميڊيا جي عروج جو وارث والي بڻيل هو، پي ٽي وي تي تڏهن سندس ڌاڪو هو جڏهن اسان کي ڪو سنڌي پروگرام ڏسڻ لاء پورو هفتو انتظار ڪرڻو پوندو هو ۽ هيئن هر گهر ۾ ٽي وي عام نه هئي ...ملڪ جو ڪو آھي اهڙو وڏو ٽي وي يا ريڊيو سنگر جنهن ڊاڪٽر ذوالفقار کي ڳاتو نه هجي .،استاد محمد يوسف، وحيد علي، سجاد يوسف، زرينا بلوچ، غلام علي صنديلو،برڪت علي ڀٽ، حميرا چنا، ديبا سحر ، انور حسین وسطڙو ۽ ٻين سڀني سڄاڻ فنڪارن کيس خوب ڳايو آهي، مهدي حسن ته کيس سنڌي ۾ به ڳايو جن مان هڪ ٻول '' سوا تنهنجي ساجن نه جي ٿا سگهون " ڏاڍي مقبوليت ماڻي. ان کان علاوه اردو ۾ بيحد مقبوليت رکندڙ فنڪارن غلام علي (غزل جي گائڪي جي حوالي سان خاص سڃاڻپ رکندڙ)، شاهده پروين، خليل حيدر، محمد علي شهڪي، رحيم شاه، شاريا حسين، علي رضا، شبنم مجيد، سجاد علي، عالمگير ۽ منصور ملنگي ۽ اهڙن اردو جي سڄاڻ فنڪارن کيس خوب ڳايو آهي جن جا پيرائتا حوالا ڏبا، سندن راڳداري ۽ ٻولن جي فني ۽ فڪري خصوصيتن تي لکبو ته هڪ ڌار ڪتاب جڙي پوندو، جنون گروپ، بينجمن سسٽرس سميت گهڻي ڀاڱي اردو فنڪارن جا سمورا گروپ کيس ڳائين ٿا ۽ اهي گيت ۽ نغمه خاص طور ريڊيو ۽ پي ٽي وي تان نشر ٿيندا رهن ٿا. اهڙي ريت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال موجوده دور اهو اهم واحد شاعر آهي جنهن جي شاعري ٽن زبانن سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ ڳائجي ۽ نشر ٿئي ٿي،سرائيڪي ٻولي جو ميٺاڄ ئي نرالو آهي جنهن ۾ آسيه ثمن، پروين نظر ته کيس بيحد ڀلي انداز ۾ ڳائي من موهين ٿا.
ڊاڪٽر سيال ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هجڻ سان گڏوگڏ ڊبل پي ايڇ ڊي آھي. ڊاڪٽر جي شاعري جا معياري ڪتاب ڇپبا پئي رهيا آھڻ ..تحقيق جي حوالي سان سندس وڏو ڪم آھي پر رڳو سندس ٻارن لاء ڇپيل ڪتابن واري ڪم کي ڏسجي ٿو ته اهو ڪو ٿورو ڪم نه آهي، تخليقي ڪم جو اهو هڪڙو پاسو ئي کيس سنڌ جي کوڙ سارن روايتي اديبن کان اتاهون ڪري بيهاري ٿو. تازو سمبارا سندس ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب "ننڍڙا فرشتا پياريون پريون" ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي جنهن کان پوء ڳڻپ جي حساب سان سندس ٻاراڻي شاعري جا رڳو ڏھ ڪتاب ٿين ٿا، ان حوالي سان اهو چئي سگهجي ٿو ته ذوالفقار سيال سنڌ اندر سنڌي ۾ ٻارن جي شاعري جو وڏي ۾ وڏو سرجڻهار آهي، مون هتي علمي ادبي حلقن جي ڄاڻ ۽ ٻاراڻي ادب تي پڻ تحقيق ڪندڙن لاء اها ڳالھ ضروري واضع ڪرڻ گهران ٿو ته ڏهن پندرهن پنن وارين چوپڙين کي ڪتاب طور نه ٿو ڳڻي سگهجي باقي ڪنهن جي به پورهيي کي رد ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي، ڪو سرجنهار ٻارن جي حوالي سان ڪا سٺي سٽ سرجي ٿو ته ان جو به تحقيق جي تقاضا موجب پنهنجي جاء تي قدر هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر سيال ابتدا کان اڄ تائين ٻاراڻي ادب ۾ جيڪو به ڪم ڪيو آهي، ان ۾ ڪو دهراء يا ورجاء ناهي هو نوان موضوع کڻي اچي ٿو پر جيڪڏهن ڪٿي موضوع جي حساب سان ٻني ساڳي آهي ته هو ان ۾ نوان ٻج ڇٽي ٿو ۽ سندس ڏات جي ڏاهڻن ۾ نيون نيون ٽاريون، لامون، ٽامون اسرن اڀرن ٿيون ۽ جڏهن انهن ۾ گل ڦٽن ٿا ته اهي ٻارن جي ادبي واڙي کي واسي وجهن ٿا ۽ اهو واس جيڪو ڊاڪٽر پنهنجي تخليقي صلاحيت سان عطا ڪري ٿو، ان سان ئي اسان جي آئيندي ۽ ايندڙ سماج جي اڏاوت ٿئي ٿي. مان پاڻ بنيادي طور ٻارن جو شاعر آهيان، مونکي اهو احساس آهي ته ٻارن لاء لکڻ ڪيترو اوکو آهي، هر شاعر ٻارن لاء ٻول نه ٿو لکي سگهي، پر ڊاڪٽر صاحب سدائين ٻارن جي اندر جهڙا اجرا خيال سنڌي ٻاراڻي ادب کي ارپيندو رهيو آهي، سچ اهو به آهي ته مون به ڊاڪٽر سيال صاحب ۽ ان ٽهي جي شاعرن جا ٻاراڻا ٻول پڙهي پنجين درجي ۾ پڙهڻ وقت ٻاراڻي شاعري لکڻ شروع ڪئي هئي منهنجو ان وقت لکيل ٻاراڻو ٻول "نانو نورو ليکو پورو" جي عنوان سان ساٿي ٻارڙا سنگت جي رسالي" ساٿي " ۾ ڇپيو هو، منهنجي خيال ۾ اهو 1982 يا 1983 جو دور هو،هن وقت ڀارت ۾ رهندڙ اسان جي پني عاقل بلڪ سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ساٿي ايس جي ڀاڳيا تازو فيس بڪ تي ان رسالي تان تصوير ڪشي ڪندي رکيو هو ۽ اهو دور ياد ڏياريو هو جڏهن ٻارن جي ادبي ۽ سماجي طور ساڃھ جي حوالي سان ٻاراڻيون تنظيمون ڪم ڪنديون هيون توڙي جو ساٿي ٻارڙا سنگت جي رسي / ڏور کاٻي ڌر وارن (ڊي ايس ايف), سجاڳ ٻار تحريڪ جي ڏور عوامي تحريڪ ۽ لطيف سنگت وارن جي ڏور جيئي سنڌ جهڙين سياسي ڌرين وٽ هيون پر سندن ڪرايل علمي ادبي سرگرمين توڙي ٻارن ۾ ادبي لاڙو پيدا ڪرڻ واري ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ذوالفقار سيال ان دور کان ئي ٻارن جو نمائنده شاعر بلڪ سنڌي ٻاراڻي ادب جي سرواڻي وارو ڪردار اد ڪندو پيو اچي تڏهن اسان جون سنڌي اخبارون ٻارن لاء هفتيوار صفحا ڪڍنديون هيون، هلال پاڪستان 'گلن جهڙا ٻارڙا " روزاني آفتاب' ' ٻارن جي دنيا" ۽ سنڌ نيوز "گلستان " جي نالي سان جمعي يا آچر واري ڏينهن صفحو شايع ڪنديون هيون، ڏسجي ته اهو دور اڄ جي ڀيٽ ۾ گڏيل طور ٻاراڻي ادب جو شاهوڪار دور هو، سنيئر شاعرن ٻارن لاء هڪ اڌ ڪتاب لکي بعد ۾ انهن لاء لکڻ ڇڏي ڏنو . مون ته ريڊيو کي ماضي جي حوالي سان اهو اهم ادارو سمجهان ٿو جنهن نه فقط عام و خاص ماڻهن تائين معياري نثر ۽ نظم پهچايو پر ان سان گڏوگڏ کوڙ تخليقي ذهنن جي ذهني آبياري ڪئي ۽ ڪافي اديب ۽شاعر ريڊيو جي ڪري ئي تخليقي طور اڳتي آيا، مان ته ان دور کان ئي استاد بخاري ۽ ٻين شاعرن سان گڏوگڏ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري کي ريڊيو توڙي پي ٽي وي تان ٻڌندو ۽ پسند ڪندو پئي آيو آهيان.
مون لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بابت شعوري طور لکڻ ڏاڍو ڪٺن آهي، مان هن بابت لاشعور مان ڏاڍو سهڻو لکندو ۽ ڳالهائيندو پئي رهيو آهيان ڇو ته سندس شخصيت ئي شاعري جيان ڄڻ ته الهامي آهي. مان سندس ان طرح دلي عزت ڪندو آهيان جيئن ڪو پنهنجي گهر جي وڏي، بزرگ يا ڪنهن روحاني هستي آڏو ڪجھ اظهارڻ ۾ به محتاط رهندو هجي . مون وٽ هن لاءِ اهو احترام ڪنهن به قسم جي لفاظي ۽ دنيا داري جي هروڀرو واري وڌاء کان صاف شفاف آهي. ان جو سبب اهو به آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار خود شخصي طور صاف گو انسان آهي ۽ مون کيس ڪنهن به موضوع، مسئلي يا مامري تي به آزاداڻي نموني پنھنجو موقف ڇنڊي ڦوڪي پيش ڪندي پئي ڏٺو آهي. انتهائي حساس دل رکندڙ هي شخص حقيقت ۽ سچائي جي ابتڙ ڪجهه به محسوس ڪندي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا ويرم ئي نه ٿو وجهي. منهنجي خيال ۾ گهڻن ئي ويجهن ماڻهن سان تعلقاتن ۾ وٿي يا وڇوٽي جو سبب ئي سندس اهو عمل بڻجي ٿو.
هتي مان ڊاڪٽر جي ڪتابن، ڪالمن، ۽ ڪٿائن جا حوالا ڏئي عام روايتي انداز ۾ لکڻ بدران هن متعلق جيئن جو تيئن لکڻ کي ترجيح ڏيڻ گهران ٿو. چاهيان ٿو ته مون جيئن کيس ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن ئي کيس هن ننڍڙي لکڻي ۾ پيش ڪريان ٿو.
سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادبي سنگت اسان جي وجود جي رڳ رڳ ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر پڻ سنڌ ديس، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادبي سنگت سان بي پناھ محبتون رکي ٿو پر سندس شخصيت سنڌ جي سرحن تائين محدود ناهي هو جڏهن، اقبال، فيض ۽ سنڌ جي سچل ۽ مير علي نواز ناز سميت ٻين شاعرن جي اردو شاعري تي ڳالهائي ٿو، هند ۽ سنڌ جي فارسي ۽ اردو شاعريءَ جا پنهنجي اڀياس جي آڌار تي حوالا ڏئي ٿو ته ان محفل يا ڪانفرنس ۾ ويٺل اردو جي وڏن وڏن اديبن کي ڏندين آنڱريون اچيو وڃن ٿيون ان ۾ سندس شاعراڻي طبع سان گڏوگڏ تحقيقي ذهن ۽ سندس ڪيل تحقيقي ڪم جو ڪمال آهي.
هو بنيادي طور تي زميندار گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، الله جي ذات کيس ڳوٺ سميت وڏن شهرن ۾ جايون جڳهون عطا ڪيون آهن ۽ انٽرنيشنل پاسپورٽ هجڻ سبب جڏهن جاڏي به سندس دل چاهي ٿي ته هو سفر ڪري ٿو، ماضي ۾ ته ان ريت سفر ڪرڻ جو سهولتون ميسر نه هيون ان ڪري مان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي موجوده دور ۾ جڳ جهان جو سيلاني تخليقڪار ۽ محقق سمجهان ٿو، هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گهمي ٿو ۽ جنهن ملڪ ۾ به وڃي ٿو ته اتان جي ڌرتي اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، مصروفيتن ۽ اتان جي سماج جي موجوده حالتن، ادب ۽ تاريخي اهڃاڻن جو گهرو مشاهدو ڪري ٿو. مان سمجهان ٿو ته عالمي ادب ۽ تاريخ تي رڳو مطالعي جي بنياد تي نه ٿو ڳالهائي يا لکي پر هن پاڻ جڳ جهان جا اڪثر ملڪ گهمي پنهنجي نظر سان گهري مشاهدي جي بنياد تي گهڻ رخي روشني وجهي ٿو. ان حوالي سان به سندس شخصيت منفرد مقام ماڻي ٿي، مطلب ته ڊاڪٽر سيال صاحب جي سنڌي ۽ اردو ۾ ڳايل شاعري، شاعري جي ڇپيل مجموعن جو فني فڪري جائزو يا اڀياس، ٻاراڻا ٻول ۽ ٻارن لا۽ ڪيل شاعري جو جائزو، ڊاڪٽر سيال جو ادبي سنگت لاء ڪيل ڪم، ڊاڪٽر سيال جو سنڌ ۽ سنڌيت جي قومي هلچل ۾ هڪ تخليقڪار طور حصو، ڊاڪٽر سيال هڪ ڀلوڙ ڪالمسٽ، ڊاڪٽر سيال جا اخبارن جا ترتيب ڏنل ادبي صفحا " جهڙا موضوع کڻي هڪ هڪ موضوع تي ڌار ڌار پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي، وقت ۽ حالتن ساٿ ڏنو ته" ذوالفقار سيال هڪ شخصيت هڪ ادارو " جي نالي سان پيرائتي نموني ڄاڻايل موضوعن تي ڀاڱيوار ترتيب وارو ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪبو.
مان ڌڻيء در دعاڳو آهيان ته هو پنهنجي طبع ۽ مزاج موجب پنهنجن چپن تان سدائين مرڪن جا پوپٽ اڏاريندو رهي ،،،پنهنجيون علمي ادبي خدمتون جاري رکي ادبي سنگت جي بقا ء ڪارج لاء مخالفن توڙي موافقن ء دوستن کي گڏ کڻي هلي ..