الطاف شيخ ڪارنر

سنگاپور ويندي ويندي

الطاف شيخ جو لکيل هي سفرنامو ”سنگاپور ويندي ويندي“ سنگاپور بابت هڪ ڊائريڪٽري جي حيثيت رکي ٿو۔ جنهن ۾ سنگاپور جي رستن کانوٺي روڊن، دڪانن، اتان جي ماڻهن، رهني ڪهڻي سميت هر شيء جي ڄاڻ ڏنل آهي۔ ڪتاب جو مهاڳ محترم عنايت بلوچ لکيو آهي ۽ هي سفرنامو ملائيشيا کان سنگاپور روڊ رستي ويندي لکيل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 3922
  • 1055
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنگاپور ويندي ويندي

مهاڳ

جنوريءَ جو مهينو هو. نيٺ ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ باهه جي مچ جي چوڌاري سٿيل پلال جي ڪُوئنري پاٿاريءَ تي تڏو پيل هو ۽ مٿان رليون وڇايل هيون. ويهارو کن ماڻهو ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا، ست اٺ پڙهيل لکيل (ڪجهه اکر سڃاڻڻ وارا ته ڪجهه وڌيڪ سلجهيل ۽ ڳچ پڙهيل) باقي اڻ پڙهيل هئا. پر انهن مان ڪي ته ڏاهپ ۽ سرت ۾ پڙهيلن کي دعويٰ سان ”اکر پڙهي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءِ“ چوڻ وارا جوان به موجود هئا. سياري جو ٻهراڙيءَ ۾ لانڍيءَ هيٺان ٻريل مچ تي جيڪو به ڪڏهن قسمت سانگي ڪنهن ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيو هوندو. ته فقط اهو ئي ڪچهريءَ جي ڪوڏين جي قربن، ڏاهپ جي گفتن، وندر ورونهن جي ٻولن سوچ ۽ سرن جي دليلن بيتن، ڏوهيڙن ۽ ڳجھارتن جي ڳولڻ ۽ ڳجهارت يا ڏور جي ڀڃڻ تي داد ڏيندڙن جي واه واه مان لطف اندوز ٿيو هوندو. هڪ اهڙي ئي ڪچهري ۾ يارن دوستن سان چار چؤنڪ ڳالهين جا پئي هليا. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون، ڀانت ڀانت جا موضوع، ڳالهه مان ڳالهه، ڪڏهن هالاڪو ۽ هٽلر بحث هيٺ آيا ته وري وارو آيو ڪرنل قذافي جو ۽ محمد علي ڪِلي جي واکاڻ جو. محمد علي ڪِلي جي بهادريءَ جو شايد ڪرشمو هو يا سندس بدبختي هئي جو فوراً ڳالهه اچي پئي ڌاڙيلن ۾. روزانو اغوا جي وارڌاتن، ڏينهن ڏٺي جو قتل، رهزني، ڌاڙن ۽ ڦرن تي ڪافي گرما گرم بحث ٿيو. اها ئي گهڙي جو ٿوري دير بعد ڳالهه ئي ٻي.
هاڻي بحث سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي شروع ٿي ويو تان جو معاملو ”پنج ند“ پار ڪري وڃي ڪالاباغ ڊيم تي پهتو. جڏهن يارن کي ڊيم جي ٻاڙي موضوع مان مزو نه آيو ته هاڻي ڪاهي پيا دنيا جي وڏن شهرن ۾. لنڊن، نيو يارڪ، پئرس، هانگ ڪانگ، لاس اينجلس، شڪاگو، سنگاپور، وغيره. هڪ شخص چيو ”اڄ ڪلهه جي تيز رفتاريءَ جي دور ۾ ساڳئيءَ ڏينهن تي ماڻهو وڃيو لنڊن، پئرس يا ڪنهن به ڏورانهين هنڌ وڃيو نڪري ۽ خبر تڏهن پئي جو ٻئي ٽئين ڏينهن ساڳيو ماڻهو ولايت کان پنهنجي ماڳ موٽيو اچي. جڏهن سڄي دنيا ذري گھٽ پاڻ ۾ ڳنڍجي وئي آهي ته پوءِ اڄ ڪلهه سفر نامن لکڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي. سفر ناما ته تڏهن ڪارگر هئا جڏهن ملڪن جي وچ ۾ مفاصلا اڻ کٽ نظر ايندا هئا. ۽ آمدرفت جا ذريعا ايترا وسيع ۽ تيز نه هئا.“
ڪچهريءَ ۾ ويٺل هڪ همراهه اعتراض ڪندڙ کان پڇيو: ”ٻڌاءِ تون ۽ مان ڪهڙي ولايت کان ٿي آيا آهيون. يا دوستن جي اڄوڪي هن ميڙ ۾ هڪ ڄڻي کان سواءِ ٻڌاءِ ته اسان مان ڪيترا اهڙا آهن جيڪي ٻاهرين دنيا جو سير ڪري آيا آهن.؟ هزارن ماڻهن مان هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو خوش نصيب اهڙو ٿو نڪري جيڪو فارين وڃي ٿو باقي اسان ته ڄائي ڄم کا چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اتي ئي پيا ڦرون، خدا ڀلو ڪري الطاف شيخ جو جيڪو گهر ويٺي اسان کي ملڪن جا سير ٿو ڪرائي. دلچسپ ۽ عجيب و غريب معلومات ويٺو ڏئي ۽ اسان جي دل ويٺو وندرائي .“
اسان جو هڪ دوست جيڪو تازو جاپان مان ٿي آيو هو ۽ ڪچهريءَ ۾ موجود هو تنهن فوراً وراڻيو: ”يارو! سفر نامن لکڻ جي جيتري هاڻوڪي دور ۾ ضرورت آهي، اوتري شايد اڳ ڪڏهن به نه هئي.جاپان جي سڄي شهر ۾ منهنجي جيتري رهنمائي الطاف شيخ جي سفر نامن ڪئي اوتري اتان جا فقط گائيڊ ئي ڪري رهيا هئا. نه ته مان الطاف شيخ جي سفر نامن جي غير موجودگيءَ ۾ شايد انهن سڀني جاين جڳهين تي نه پهچي سگهان ها جتان هاڻي چڪر هڻي آيس.
ٽوڪيو يا جاپان جي مکيه هنڌن (Tourist Attraction Spot) جن جو ڏس الطاف جي سفر نامن ۾ ڏنل هو، اتي ويس ۽ اتفاق سان ئي سي ماڳ مڪان وڌيڪ مشهور ۽ معروف هئا. جو جاپاني گائيڊس به، ٿوري ڦير گھير کان سواءِ ساڳين ئي هنڌن گهمڻ جو مشهورو ڏنو هو.“
هڪ نوجوان جيڪو چڱو خاصو پڙهيل ٿي لڳو تنهن ٺهه پهه اعتراض ڪيو، ”گذري ويا الطاف شيخ جي سفر نامن لکڻ جا ڏينهن. هاڻي رڳو تڙ تڪڙ ۾ سفر جي ڊائري لکڻ تي گذارو ڪيون ويٺو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر ساڳين ساڳين شهرن ۽ ملڪن جي باري ۾ الطاف وري وري ويٺو لکي، ائين هو اڄڪلهه پڙهندڙن ۽ سندس سفرنامن جي خريدارن سان انصاف نه پيو ڪري.“ اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍيون هڪ ڪرڙوڍ جانٺو جوان جيڪو هن وقت تائين چپ چاپ ويٺو هو، تنهن پنهنجا چپ چوريا:
”يار ٿڌو ٿيءُ. ساڳين ملڪن جي باري ۾ ساڳيون ڳالهيون ٿوروئي لکيون هوندائين ٻه مهينا ٿيا مان ۽ جڙيل رڳو ڪراچيءَ جو چڪر هڻي آيا آهيون ته جيڪي ڳالهيون ڪراچيءَ جي باري ۾ دوستن کي مون ٻڌايون آهن ته جڙيو وري نيون ڳالهيون پيو ڪري. مون سوچيو ياربلي! گهميا سون ته گڏ ٿي پر هر ڪنهن جي نظر جدا جدا نظارا پئي ڪيا. ٻيو ته ٺهيو پر پاڻيءَ جي واري تي جڏهن گهران نڪرندو آهيان ته ساڳين ئي رستن تان لنگهندي ڪڏهن لنڊيون پيو لتاڙيندو آهيان. ڪڏهن ڪاريهر ڪر کنيون مرحبا پيا ڪندا آهن. ته ڪڏهن وري کُپرن سان به کيڪر ٿي ويندي آهي. ڪڏهن وري قسمت سانگي ساڳين ئي رستن تي پياري پرينءَ سان به ملاقات ٿي ويندي آهي. رستو ساڳيو پر روز نوان نوان لقاوَ پيو ڏسندو آهيان. الطاف صاحب ته ملڪان ملڪ پيو گهمي ۽ نوان تَڙَ پيو اورانگهي. منهنجو پٽ مونکي الطاف شيخ جا سفر ناما پڙهي ٻڌائيندو آهي _جس هجي سنڌڙيءَ جي انهيءَ سيلانيءَ کي جيڪو اسان کي گهر ويٺي پيو پرڏيهه جا شهر گهمائي، ملڪن ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن جا ڏس ڏئي ته ڪيئن ٿا رهن، کائن پيئن ۽ زندگي گذارين. آخر ته ليکڪ جڏهن به وڏن شهرن ۾ ويندو ته هر دفعي نيون ڳالهيون ڏسندو، نوان نّظارا ڪندو، نون ماڻهن سان ملندو ۽ نت نوان تجربا پرائيندو.“
سياري جي انگهندڙ رات جي اڌ رات لڙي چڪي هئي. سيءَ به هاڻي زور اچي ڀريو. مچ ۾ ڪاٺيون سوريندڙ به وڃي سوڙ ڀيڙو ٿيو هو، ڪچهريءَ مان ماڻهو هيڪڙ ٻيڪڙ ٿي اٿندا ويا ۽ اسان ”جيئي الطاف“ جو نعرو لڳائي وڃي بستري داخل ٿيا سين. ننڊ ته ڄڻ سيرانديءَ کان ئي ستي پئي هئي،سمهڻ شرط وڪوڙي وئي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الطاف سفر نامن جو سرواڻ آهي. کيس سنڌ جو سند باد، ابن _ بطوطه ۽ مارڪو پولو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته کيس گهمڻ ڦرڻ، دنيا کي ڏسڻ ۽ عام محاوري ۾ ست سمنڊ اورانگهڻ جو جيڪو موقعو مليو آهي ته ان کي هن ضايع ٿيڻ نه ڏنو آهي.پر انهن پنڌن ۽ ڏورانهن ڏيهن ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو وائٺو پسيو ۽ پرجهيو اٿائين ان مان نه رڳو پاڻ گهڻو ڪجهه پرايو اٿس پر پنهنجن تجربن جو نچوڙ سفر نامن جي صورت ۾ سنڌ واسين آڏو رکيو اٿائين ته اوهان به پڙهو ۽ پرايو. جتي به وڃي ٿو پنهنجن اکين کان ڏسڻ جو پورو ڪم وٺي ٿو. سندس نظرون هيڏي هوڏي، جاڏي ڪاڏي، چؤ طرف ۽ چوڌار هر ڏسڻ جهڙي شيءِ کي فوڪس ۾ آڻي سندس ذهن جي پردي تي پنهنجون تصويرون ٺاهينديون رهن ٿيون.
فرست جي گهڙين ۾ الطاف قلم کڻي، سندس ذهن جي ڪئنوس تي چٽيل منظرن جي اهڙي تي هو بهو عڪاسي ٿو ڪري جو ڄڻ پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي پيو گهمي ڦري. ڪيترن ماڻهن جي برعڪس هو اکين هوندي، پنهنجون اکيون ٻوٽي نه ٿو هلي پر سدائين پنهنجيون اکيون کليل ٿو رکي. اکين سان فقط نهاري ڪونه ٿو پر مشاهدو ٿو ماڻي.سندس مشاهدي جي قوت (Power of Observation) تمام وسيع نظريي واري آهي. لاکيڻي لطيف، ماڻهن جي ظاهري ڪنن، جيڪي هر ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏين ٿا، جي باري ۾ چيو آهي؛
هي ڪَنَ گاڏا وڪڻي، ڪن ٻيا ڳنهيج،
تنين ساڻ سڻيج، سپريان جي ڳالهڙي.
الطاف ڀٽائي بادشاهه جي ان بيت تي عمل ڪندي، پنهنجن اکين کان سرسري ۽ سطحي ڪم نه ٿو وٺي، پر هر شيءِ کي اندر جي اک سان پوري طرح جاچي جوچي وٺي ٿو. ساڳي وقت هو پنهنجي ديس جي محبت کان سواءِ هو پنهنجي بيان کي اڻ پورو ۽ اڌورو ٿو سمجهي تنهن ڪري جڳهه جڳهه تي پرديس ۾ مختلف هنڌن ۽ ماڳن جون تشبيهون ۽ مثال اچيو سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۽ واهڻن سان ملائي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ لاءِ اڪيرجي اظهار سان ڄڻ پنهنجي سڪ جو پورائو پيو ڪري. سندس هر سفرنامي ۾ اهڙيون تشبيهون اڪيچارون موجود آهن. موجوده سفر نامي ”سنگاپور ويندي ويندي“ ۾ هڪ اڌ تشبيهون ڪجهه هن طرح ڏنيون اٿائين:
اسان جي شهر _ملاڪان کان، سنگاپور ايترو پري آهي جيترو موري کان ڪراچي ۽ سنگاپور کان ڪوالا لمپور ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان سکر“ يا ”سڄي ملائيشيا جي ماڻهن لاءِ سنگاپور گهمڻ ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄام شورو ۽ پيٽارو جي ماڻهن لاءِ حيدرآباد“
الطاف ڳالهين ڳالهين ۾ وندرائڻ جو ته ماهر آهي ئي آهي.”سنگاپور ويندي ويندي“ هر ماڻهو ان تجسس ۽ انتظار ۾ هوندو ته الطاف سنگاپور ۾ پهچندو به سهي يا کين راهه ۾ رولي ڇڏيندو.اڃا ته روانو ڪٿي ٿيو آهي. بس هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ اهڙو ته پيو وندرائي جو دل پئي چئي ته ڀلي في الحال پنهنجي بيان کي جاري رکي. ملائيشيا کان سنگاپور ويندي ويندي وري ٿورڙي ئي پنڌتي پاڻ سان گڏ اسان کي به بيهاري ڇڏي ٿو. ٿورو انتظار ۽ بي چيني وڌي ٿي ته سنگاپور جو سير الائي ڪهڙي وقت ڪرائيندو ته اوچتو اسان جي ملاقات سريمبان جي اسٽيشن ماسٽر رينگا سان ڪرائي ٿو جيڪو هندستان جو تامل هندو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ مسٽر رينگا پنهنجي سڄي رام ڪهاڻي ٻڌائي ٿو جيڪا پڙهندڙ لاءِ ڪافي دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ٿي ۽ سنگاپور پهچڻ جي اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ عارضي طور جهڪي ٿي وڃي ٿي . اڳتي هلي وري ”ناني ڪي دوڪان“ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو پڙهندڙ لاءِ بيحد دلچسپ ۽ معلوماتي آهي. اهڙيءَ طرح سنگاپور ويندي ويندي، رستي تي قسطين ۾ ساهيون پٽيندي ۽ فلئش بئڪ ۾ ڪي مزيدار ڳالهيون ۽ دلچسپ واقعا ۽ قصا ٻڌائيندا ته الطاف پنهنجي پڙهندڙ سميت سنگاپور پهچي ويو آهي. جتي پاڻ به گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي سفرنامي جي ساٿين کي به ڪافي معلومات ڏني اٿائين، سنگاپور جي تاريخ، جاگرافي،ثقافت، صفائي سٺائي، تعليم، صحت، ماڻهن جون ريتون رسمون، اٿڻي ويهڻي، انهن جون دلچسپيون، مطلب ته هر لحاظ کان ۽ هر زاويي کان سنگاپور جي باري ۾ ٻڌايو اٿائين _ڪتاب ۾ جڳهه جڳهه تي مکيه جاين ۽ هنڌن جا اسڪيچ ڏئي پنهنجي بيان جو ڄڻ ”تصويري خبر نامو“ پيش ڪيو اٿس.
سنگاپور جو پيپلس پارڪ هجي يا رئفلس اسڪوائر، سينتوساٻيٽ هجي يا ان جو ڦوهارو (Musical Fountain) جنهن جي ذڪر ڪرڻ سان ليکڪ کي ڪراچيءَ جو رنگ به رنگي ڦوهارو ياد ٿو اچي. جيڪو ميٽرو پول هوٽل يا ريڪس سئنيما (جا اڄ ڪلهه هاشو آڊيٽوريم آهي.) جي ڀر واري چونڪ ۾ لڳل هو، جنهن مان ميوزڪ ۽ پاڻيءَ سان گڏ مختلف رنگن جي روشني پڻ نڪرندي رهندي هئي. ڪراچيءَ واري ڦوهاري جي ماضيءَ جي سونهن، رنگ ۽ رونق ڄڻ الطاف جا چاڪ چڪايو وجهي.
سنگاپور جو زولاجيڪل گارڊن هجي يا مانگر مڇن جو فارم، چيني ۽ جاپاني باغيچا هجن يا پکين جو پارڪ، مونوريل جو ذڪر هجي يا ڪئبل ڪار جو تذڪرو يا وري ملائيشيا کان سنگاپور ويندي بارڊر جي آخري شهر جو هور بارو ۽ سنگاپور ۾ داخل ٿيڻ شرط ”وڊلئنڊس“ جي باري ۾ الطاف جو تفصيلي ذڪر نه رڳو مانائتو آهي پر ڪافي معلوماتي پڻ آهي.وڊلئنڊس (سنگاپور) ۾ هڪ خوبصورت مسجد جو تذڪرو به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪري ٿو ته هر جمعي تي ڪيئن نه ملائيشيا جا ماڻهو هڪ تير سان ٻه شڪار ڪن ٿا. يعني وڊلئنڊس جي مسجد ۾ نماز به پڙهن ته ساڳئي وقت خريداري به ڪري وٺن، عبادت ۽ خريداري ٻئي گڏوگڏ.
سنگاپور جو دلچسپ احوال پڙهي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي سنگاپور جو سير ڪندي محسوس ڪيم، جتي 1980ع ۾ ڪوالا لمپور (ملائيشيا) ۾ ”ايشيا-پئسفڪ انسٽيٽيوٽ فار براڊڪاسٽنگ ائنڊ ڊولپمينٽ“ (A.I.B.D) ۾ ٽرئننگ دوران فقط ٻن ڏينهن لاءِ سنگاپور ويو هوس ۽ پنهنجي سفرنامي ”پرين جي پرديس“ ۾ تمام مختصر احوال ڏنو اٿم ڇو ته فقط ٻه ڏينهن قسم کڻڻ لاءِ ته صحيح آهن ته ”سنگاپور ڏسي آيو آهيان“ پر گهمڻ ڦرڻ ۽ اطمينان سان سنگاپور کي ڏسڻ وائسڻ لاءِ نهايت ناڪافي ۽ اڻ پورا آهن.
ٻين احوالن سان گڏ الطاف جيڪو سنگاپور جي ڪسٽم وارن جو احوال لکيو آهي اهو به واهه جو دل سان لڳو. مون ته سنگاپور جي ڪسٽم وارن جو احوال ”شل ڪو ڳڙو پئين“ جي عنوان سان لکيو هو، سنگاپور جي هرشيءِ سٺي پر اتان جا ڪسٽم وارا نه رڳو راشي آهن پر ساڳئي وقت غير مذهب پڻ آهن جيڪي هر چڱي مٺي سان ساڳيو غير شريفاڻو سلوڪ ڪن ٿا ۽ سختيءَ سان پيش اچن ٿا.
الطاف کان جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي ته اهاته سفر دوران پنهنجي اندر جو حال اوريندي جڏهن ڪنهن ٿيٽر، نائيٽ ڪلب، ڊسڪو ٿيڪ يا ڪنهن ڇوڪريءَ جو ذڪر ٿو ڪري ته اتي الطاف، گوهي کائي، کسڪي اسان کان وڃائجي ٿو وڃي.
پڙهندڙ پريشان ته الطاف ته هاڻي هاڻي اسان سان گڏ هو، ويو ڪيڏانهن، پر مجال آ جو هو ڳوليو به لڀي. هاڻي اهو ڪو ٻيو ماڻهو آهي جيڪو الطاف جي اوٽ ۾ اسان سان مخاطب آهي. ۽ فقط ايتري دير تائين اسان سان گڏ رهي ٿو جيتري دير نائيٽ ڪلب، ڊسڪوٿيڪ يا ڇوڪريءَ جو ذڪر پورو ٿئي . تيستائين الطاف يا ته ڪنهن مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪرڻ ويو آهي يا مسجد ۾ نماز نيتي ٿي بيهي رهيو آهي. اهڙن موقعن تي جيڪڏهن اسان سان مخاطب ٿئي به ٿو ته بيحد محتاط، ٿي ڪري اڻ چٽو، ابهم ۽ دٻيل دٻيل انداز ۾ منهنجي خيال ۾ ڪيترا واقعا، حادثا، ۽ منظر هر حساس ليکڪ اُهي بيان ڪندو آهي جن جو پاڻ هڪ اٽل حصو هوندو آهي. يا جن واقعن سان هو پاڻ Identify ڪندو آهي. مون کي يقين آهي ته الطاف به اهڙن کوڙ واقعن ۽ حادثن مان گذريو هوندو جن سندس جيءَ کي جهنجهوڙيو هوندو: ڪٿي ميلاپ ملاقاتون، ڪٿي وڇوڙي جا ورلاپ، ڪٿي هجر جا هاڃا، ڪٿي پيار ۾ بي اعتداليون ۽ ان سلسلي ۾ نه بخشجڻ جهڙيون سحوون پڻ سرزد ٿيون هونديون، پر اهڙن موقعن تي هو پنهنجي سفر نامن ۾ پڙهندڙن کان اهڙو ته اٽڪل تي پاسيرو ٿي وڃي ٿو جو کانئس پڇي به نٿو سگهجي ته ”يار هاڻي هاڻي تون اسان سان گڏ هئين، انتظار ۽ تجسس جي گهڙين ۾ ڪيڏانهن گسائي وئين؟“ ان وقت پڙهندڙ کي هوند لذيذ ۽ سوادي مضمون ۾ ڪجهه ڦڪائي ۽ ٻاڙائي محسوس ٿئي ٿي توڙي جو سندس هن ڪتاب ”سنگاپور ويندي ويندي“ ۾ ڪٿي به اهڙو واقعو ڪونه لکيو اٿائين پر تنهن هوندي به سندس اڪثر سفرنامن ۾ مون کي اها شڪايت ضرور رهي آهي. ساڳئي وقت معصوميت ۽ اڻ محسوس ٿيندڙ طريقي سان نازڪ معاملن ۾ سندس نٽائڻ، لنوائڻ ۽ اصل حقيقت کي اڻ سڌيءَ طرح بيان ڪرڻ جي ٽيڪنڪ تي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي به نٿو سگهجي.
الطاف جي قلم ۾ وڏي جاذبيت آهي، ڏانءُ به اٿس ته ڏات به. واقعن کي خوبصورت طريقي سان بيان ڪرڻ جي خوب مهارت اٿس. محاورن مثالن ۽ تشبيهن جو ڄڻ ڪو خزانو پاڻ سان گڏ کيسي ۾ کنيون گهمندو وتي، موقعي ۽ مهل تي انهن کي فٽ ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو ۽ پڙهندڙ کي وندرائي ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي به کيس پوري سگهه آهي. البت هاڻي اونو اهو اچي لڳو آهي ته الطاف، جهاز راني (Sailing ) ڇڏي ملاڪا ۾ هڪ ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ وڏي ٽيبل ۽ ڪرسيءَ تي وڏو صاحب بڻجي ويهي رهيو آهي. سندس عهدو کيس ۽ اسان سڀني کي مبارڪ هجي پر سيلاني هجڻ واري ڪيفيت مان ڦري سندس هڪ هنڌ ويهڻ واري صاحب ٿيڻ مان انديشو اهو آهي ته اڳتي هلي ڪٿي الطاف جي نون سفر نامن کان محروم نه ٿيڻو پوي: پر مونکي اميد نه پر يقين آهي ته ائين نه ٿيندو. سندس اندر وارو الطاف کيس ڪجهه نه ڪجهه لکڻ تي ضرور اڪسائيندو ۽ آماده ڪندو رهندو ۽ جڏهن وڃڻ شرط پڇبو ته ”ڀائو! آهي ڪو الطاف جو نئون سفرنامو؟“ ته اسان کي اميد ته بوڪ سيلر مايوس نه موٽائيندو.

عنايت بلوچ
حيدرآباد
30 جون 1986ع