هتي جي چانهه
صبح جا اٺ ٿي ويا هئا ڏياريءَ ڪري سڀني کي موڪل هئي سو اسڪولن، آفيسن،۽ فيڪٽرين جون بسون يا ٻارن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ هئي. هڪ ٻه ملبارين ۽ چينين جون هوٽلون کلي چڪيون هيون، جن مان هڪ تان ٽي گلاس چانهه جا وٺي پيئڻ لڳاسين. هتي چانهه نه کير پتي ٿئي، نه اسپيشل نه ڪڙڪ، نه سنگاپوري - هتي چانهه جو هڪ ئي نمونو ٿئي. چوٿون گلاس دٻي جي گهاٽي مٺي Condensed کير سان ڀري مٿان چانهه جي پتيءَ وارو ڇاڻيل پاڻي وجهي ڏيندا آهن. کيرٿڌي ۽ گهاٽي هجڻ ڪري هڪ ته چانهه ٿڌي ٿيو پوي ۽ ٻيو ته هيڪاندو کير مٺو هجڻ ڪري چانهن ايتري ته مٺي ٿيو پوي جو اسان جهڙن مٺاڻ کائڻ وارن جي به ايتري مٺي چانهه پي، دل پئي ڪچي ٿيندي آهي. اها هڪ ئي نموني جي چانهه ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ساڳي هلي. جوهر کان ڪيڊاح تائين ۽ ترگانو کان سلينگر رياست تائين، نه فقط ملائيشيا ۾ پر سنگاپور ۾ پڻ ساڳي چانهه هلي.
بحرحال بيٺي بيٺي چانهه جون چسڪيون ڀرڻ لڳاسين، ايتري ۾ ڊرائيورن جو شريف انچارج اچي نڪتو ۽ اچي چوڻ لڳو ته اسان ڪنهن ٽئڪسي واري سان سنگاپور وڃڻ جو وعدو ته نه ڪيو هو. اسان جي هائو ڪار تي ٻڌايائين ته هتي جو هڪ ڊرائيور توهان کي اڪيڊميءَ ۾ ڳولڻ ويو آهي. سندس ڀاءُ ٻڌايو آ ته اجهو ته موٽيو.