سنگاپور ڪيئن هلجي
ذوالفقار اسان سڀني ۾ ننڍو آهي. پر خريداريءَ ۾ ڪنهن پروگرام ٺاهڻ ۾ يا ڪنهن فنڪشن ڪاڄ جي بندوبست ۾ سڀني کان سرس آهي. تنهن صلاح ڏني ته صبح جو سوير جيڪر هلجي ۽ سڄو ڏينهن سنگاپور ۾ رهي شام جو موٽي اچجي. صلاح ته سٺي هئي. اسان جي اڪيڊمي _جتي رهيل آهيون، ان کان ملاڪا شهر جو بس اسٽاپ چڱو پري آهي. پهچڻ لاءِ ڪلاڪ سوا کپي ۽ سواري پڻ _ جيڪا صبح ساڻ ملاڪا جي بس اسٽاپ تائين ڇڏي اچي. ذوالفقار چيو ته ان جو بندو بست ٿي ويندو. هتان هڪڙيون پائريٽ Pirate _ چوريءَ جون ٽئڪسيون (يعني بنا پرمٽ ٽئڪسيءَ تي هلندڙ پرائيويٽ ڪارون) مسجد تاناح ڳوٺ تائين هلن ٿيون. اتان پوءِ ٻي قانوني ٽئڪسي ملاڪا جي بس اسٽاپ تائين ڪري سگهجي ٿي.
اسان جي اڪيڊمي ائين آهي جيئن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مالاڪا شهر ائين سمجهڻ کپي جيئن حيدر آباد جو شهر ڪئڊٽ ڪاليج پٽارو کان ۽ مسجد تاناح ائين آهي جيئن ڄامشورو _۽ ذري گهٽ مفاصلو به ايترو ئي ٿيندو. هتي جيڪي ٽئڪسيون بنا لائسنس جي هلن ٿيون، انهن کي پائريٽ ٽئڪسي سڏجي ٿو. (اهڙي طرح بنا لائسنس جي گانن سان ڀريل ڪئسٽن کي پائريٽ ڪئسٽ سڏين.)
مٿيون ٺهيل پروگرام وري ٻئي ڏينهن ڪئنسل ڪري ڇڏيوسين جو ڪنهن هتي جي ماڻهوءَ ٻڌايو ته ڏياريءَ جي ڪري بسن ۽ ٽئڪسين ۾ رش ٿي ٿئي ۽ اڳواٽ سيٽ رِزَرِوڊِ ڪرائڻ کپي. ۽ رزروڊ ڪرائڻ بعد وقت تي ماڻهو نه پهتو ته بس به وئي ته سيٽ جو ڀاڙو به چٽ
نيٺ اها صلاح ڪئيسين ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ يعني خميس ڏينهن شام جو ئي ملاڪا جي جالان منشي عبدالله (روڊ) تي يا جالان بندر تي هلار تي ڪنهن هوٽل ۾ هلي رات رهجي، جتان بس اسٽاپ ويجهو آهي. ۽ صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان پيرين پنڌ بس اسٽاپ تي پهچي ويندا سين. اهڙيءَ طرح ڪلاڪ ٻه وقت به بچي پوندو، پر پوءِ سگهو ئي اهو عقل اچي ويو ته سنگاپور ۾ رات نه ٽڪي جيڪي پئسا بچائي رهيا آهيون سي ته ساڳيا ملاڪا جي هوٽل ۾ رهڻ سان خرچ ٿي ويندا.جي اهو خرچ ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ ڇو نه سنگاپور ۾ هلي ڪنهن هوٽل ۾ رات رهجي ۽ ٻئي ڏينهن به سنگاپور گهمجي.