آير حطام
سنگاپور کان ملاڪا يا ملاڪا کان سنگاپور ويندي هر ڪو آير حطام تي ترسي ٿڪ ڀڃي ٿو. هن شهر جي بيهڪ ائين آهي جيئن سڪرنڊ شهر جي. جتي نه فقط ڪراچي ۽ لاهور جو نيشنل هاءِ وي پاسي کان اچي ٿو. پر نواب شاهه پاسي کان پڻ اچيو رستو پوي يعني ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن وانگر جنڪشن جو ڪم ٿو ڏئي. ٻي ڳالهه ته آير حطام شهر جي بس اسٽاپ واريون هوٽلون روڊ تي ئي آهن. ۽ پارڪنگ جي به ڪافي جاءِ آهي. ان ڪري ڪو به شهر ۾ اندر وڃڻ تي وقت ضايع نه ٿو ڪري پر اتي ئي بيهي ماني ٽڪي کائي روانو ٿيو وڃي. جيئن پاڻ وٽ بس اسٽاپ واريون هوٽلون وڌيڪ هلن ٿيون.
ان کان علاوه آير حطام شهر واري بس اسٽاپ تي انڊين، ملئي هندو ۽ مسلمانن جي سوادي کاڌن جون هوٽلون آهن ته چيني کاڌن جون پڻ. وڏي ڳالهه ته هي هوٽلون چوويهه ئي ڪلاڪ کليون پيون آهن. ان ڪري هاءِ وي تان لنگهندڙ کي ڪنهن وقت به کٽڪو ناهي ته آير حطام شهر ۾ هوٽل کليل هوندي يا نه. ماني چيني يا ملئي قسم جي هوندي يا نه. ڪار بيهارڻ لاءِ چڱي خاصي جاءِ هوندي يا نه.
اسان جنهن هوٽل تي اچي ڪار بيهاري ان تي انگريزيءَ ۾ Islamic Restorant لکيل هو. ان جي هيٺان لکيل هو.Selamat Detang بلڪه اهئي لفظ انگريزيءَ جا ته نه ٿا چئي سگهئون، پر ملئي ڀاشا جا ٿيا. جو ملئي به انگريزيءُ وارن اکرن اي بي سي ڊي سان لکي ويندي آهي.ملئي زبان ۾ ريسٽورنٽ کي ريسٽوران چئبو آهي. (جيئن پاڻ بس اسٽاپ کي بس اسٽان سڏيون ۽ اسٽيشن کي ٽيشن.) سلامت داتنگ معنيٰ ڀلي ڪري آيائو. ڀر ۾ نيو ڪئٿي نالي هڪ ٻي هوٽل چينين جي هئي ۽ ان کان ٿورو پرڀرو D&D Restoran نالي هوٽل_ ٻئي پاسي بانس ڪاٺ ۽ ڪکن مان هٿ جا ٺهيل رانديڪا ۽ ٻيون هتي جون شيون دڪان ۾ هيون_ جيڪي ڌارين ٿي خريد ڪيون_خاص ڪري آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان آيل ٽوئرسٽن. اهي شيون ائين هيون جيئن هالا يا ملتان جي بس اسٽاپن جي دڪانن تي جنڊيءَ، ڪاشيءَ يا اٺ جي کلن جا ٽيبل لئمپ ۽ گلدان رکيل هوندا آهن..
اسان اسلامڪ ريسٽورنٽ ۾ اندر گهڙيا سين جنهن جي ٻمڀي وٽ ساڄي پاسي کان پئسن وصول ڪرڻ جي دخل پويان ڪيرالا_ ڏکڻ هندستان جو عبدالله بن ورين ڪوٽي _ هوٽل جو مالڪ ويٺو هو. ۽ کاٻِي پاسي هڪ وڏي تئي_ اٽڪل چار فٽ ڊايا ميٽر ۽ اڌ انچ کن ٿلهو - تي سندس ٻيو نمبر پٽ عبدالرزاق مئدي جا ست پڙا اڦراٽا پچائي رهيو هو. اٽي جي پيڙي کي ڪاٺ جي ٽيبل تي پکيڙي اخبار جي اڌ جيتري سنهي چادر ٿي ٺاهيائين. پوءِ ان کي رومال وانگر ويڙهي سيڙهي چورس اڦراٽا ٺاهي تئي تي پکيڙيل تيل مٿان پچڻ لاءِ ٿي وڌائين. تئي جي ٿولهه ۽ گيهه جي ڪري اوڦراٽو سڙيو نه ٿي.ڀرسان کليل ديڳڙين مان ڪن ۾ رڌل ڪڪڙ هو، ڪن ۾ ڀاڄي، ڪنهن ۾ ڳائو يا ٻاڪرو گوشت، اونهين ٿالين ۾ تريل ڀاڄيون، قسمين قسمين مڇيون ۽ بيضا هئا. ڪجهه مٺاين جا قسم پڻ رکيل هئا جيڪي سڀ ناريل ۽ ڏونگهيءَ مان ٺهيل ٿي لڳيون. ڪجهه سڪل مڇيون پٽاٽن جي چپس وانگر پڻ تريل هيون ۽ ڪجهه گانگٽن جا ٻوڙ پڻ.