سنگاپور باءِ روڊ
اسان به پاڪستان کان جيئن ئي ملاڪا رهڻ لاءِ آيا سين ته اچڻ سان آنڌ مانڌ ٿي ته پهرين فرصت ۾ سنگاپور ضرور گهمڻ هلجي، جنهن جهڙي ڊيوٽي فري پورٽ لاءِ جهاز تي نوڪري ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ پڻ هميشه آتا هوندا هئاسين. سنگا پور ۾ جهاز ٻن چئن ڪلاڪن لاءِ بيهندو هو ته به غنيمت سمجهندا هئاسين. ۽ جهاز پهچڻ کان اڳ جهيڙا شروع ٿيندا هئا. ته اندر بندرگاهه ۾ پهچي ڪير ڊيوٽي ڪندا ۽ ڪير گھمڻ ويندا – ڇو جو هڪ ئي وقت سڀ همراهه به جهاز کي ڇڏي نٿا سگھن - ۽ پوءِ جڏهن جهاز فقط چئن پنجن ڪلاڪن لاءِ ترسندو هو، ته ظاهر آهي سڀ نه ويندا هئا، فقط اهي ويندا هئا، جيڪي ڊيوٽي ڪري ان وقت واندا ٿيندا هئا. پوءِ اهو چار پنج ڪلاڪ آرام وارو سمورو وقت هل هلان ۾ گذاري وري ساڻا ٿي جهاز تي اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهندا هئا. ۽ جن کي موڪل نه هوندي هئي، اهي به ذهني طرح ٿڪ محسوس ڪندا هئا. نتيجي ۾ جهاز جڏهن سنگاپور کان نڪرندو هو ته ڪي ڪلاڪ بلڪه ايندڙ ڏينهن تائين سڀ ٿڪل هوندا هئا. پر هاڻ اسان جو هيءُ پهريون دفعو سنگاپور وڃڻ ٿي رهيو هو، جنهن ۾ پٺيان جهاز يا ان تي ڊيوٽي ڪرڻ جو فڪر نه هو. جيتري دير وڻي اوتري دير دڪانن تي خريداريءَ ۾ لڳائي ٿي سگهياسين. بلڪ وقت جي کوٽ يا ڊيوٽيءَ جي ڊپ کان تڙ تڪڙ ۾ خريداري ڪرڻ بدران آرام سان سوچي سمجھي ضرورت جي شئي وٺي سگھياسين ٿي. جهاز وارن ڏينهن ۾ جي ڪنهن شيءِ جي ضرورت نه هوندي هئي ته به وٺبي هئي ته متان ان شيءِ جي ضرورت پوي يا متان اها ٻئي ملڪ مان نه ملي. پر هن دفعي اسان جو سنگاپور وڃڻ ٻئي نموني جو هو. هن دفعي چرين وانگر هر شيءِ تي لامارو هڻي خريداري ڪرڻ بدران فقط ضرورت جي شيءِ وٺڻ جو سوچيو هئو سين. جو ڪنهن وقت به ضرورت پوڻ تي اچي وٺي ٿي سگهيا سين جو ويٺائي هتي آهيون. بلڪه ڪيتريون ته سنگاپور واريون شيون ملائيشيا ۾ به ساڳئي اگهه تي عام جام ملن ٿيو. ڪن شين تي قيمت جو فرق ضرور آهي. جو سنگاپور ۾ نه برابر ٽئڪس آهي ۽ ملائيشيا ۾ ڪجهه گهڻو آهي. خاص ڪري اليڪٽرڪ جي شين وي سي آر، ريڊيو، ٽي وي، وغيره تي.