سنگاپور ۾ پکي گهڻا جانور گهٽ آهن
سنگاپور جو ٻيٽ خط اسطوا جي ويجهو هجڻ ڪري ٻار هوئي هڪ جهڙي اونهاري واري موسم رهي، سيارو ته بنهه نه ٿئي. سڄو سال گرميءَ جي ڊگري پنجويهه ۽ستاويهه جي وچ تي رهي. هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳيءَ جي ڪري ان کان وڌيڪ گرمي ورلي ڪا ڪڏهن ڪڏهن ٿئي _ سا به چند ڪلاڪن لاءِ. جيڪا گهُٽ ۽ گرمي مينهن پوڻ کان اڳ اڪثر پاڻ وٽ به ٿيندي آهي. ٿوري دير بعد جهڪ يا هوا جي چر پر سان سخت مينهن يا بوندا باندي شروع ٿي ويندي آهي سئيٽر يا ڪوٽ جي ته سڄو سال ضرورت نه پوندي آهي. ڪوٽ جي ضرورت فقط ڪڏهن ڪڏهن پاسپورٽ سائيز ڦوٽو ڪڍرائڻ جي لاءِ پوندي آهي، سو ان لاءِ اڪثر هتي جي هر ڦوٽو گرافر وٽ ٻه ٽي پراڻيون سراڻيون سنگهون لڳل ٽائيون، هڪ ڏندن ڀڳل مر لڳل ڦڻيءَ سان گڏ هڪ عدد ڪوٽ پڻ رکيل هوندو آهي. هتي ذري گهٽ ڏهاڙي مينهن وسي ٿو ۽ سال ۾ هڪ سؤ انچ (اڍائي ميٽر کن) مينهن وسي ٿو.يعني هتي جي مينهن جي پاڻيءَ جو نيڪال پاڻ وانگر خراب هجي ته سال اندر سڄو ٻيٽ ٻڏي وڃي. سنگاپور جي سڄي ٻيٽ تي ماڻهن جي آبادي ۽ عمارتون وڌڻ ڪري گس پنڌ تي ڪو ورلي اڻ پاليل جانور ملي _ سواءِ ڊگهي پڇ واري ڀولڙي (Macaque) جي _ يا رات جي وقت ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ گدڙ يا ڳورپٽ جهڙي جانور جي.باقي هتي پکي جام آهن _ سي به طرح طرح جا. ٻهراڙي وارن بچيل ٽڪرن تي نانگ بلائون ۽ سانڍا چچيون پڻ موجود آهن.