ملائيشيا ۽ سنگاپور
سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ فقط سمنڊ جو ٽڪرو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بارڊر طور ڪم اچي ٿو. ان سمنڊ جي ڳچيءَ/ ٽڪري مٿان پل ٺهيل آهي. جيڪا سنگاپور ۽ ملائيشيا کي ڳنڍي ٿي. اها پل بلڪل دادو موري پل جهڙي ۽ جيڏي ٿيندي _ جوهوربارو شهر کان ان پل تائين بس جو ويهه سينٽ (هڪ رپيو) کن ڀاڙو آهي. پل وٽ لهي اميگريشن جو فارم ڀري، پاسپورٽ تي ٺپوهڻائي، ٻئي پاسي بيٺل سنگاپور جي بس ۾ ماڻهو چڙهي پوندا آهن _ جيڪا ان پل کان سنگاپور جي آخري پوڇڙ تائين اسي سينٽ (پنج روپيا کن) ٿي وٺي. پوءِ ڀلي ماڻهو ڪٿي به لهي پوي وڻيس ته بارڊر وٽ وڊلئنڊس جي علائقي ۾ لهي پوي يا اڳتي هاءِ اسٽريٽ پيپلز، پارڪ، آرچرڊ روڊ يا شينٽن وي وغيره تي. يعني هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين اوٽ موٽ جو ڀاڙو ڪل ٻارنهن روپيا ۽ اهڙا ڏهه روپيا ٻيا کن خرچ ڪري فلم شو به ڏسي سهگي ٿو ته پٽاٽا چپس وغيره کائي مانيءَ جي اؤن به لاهي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ سنگاپور ۽ ملائيشيا جي شهر جوهورباروءَ جي رهاڪن لاءِ هڪ ٻئي جا ملڪ گهمڻ، جيترو سستو ٿو پوي اوترو وجهه دنيا ۾ ٻيو ڪنهن کي نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسڪول جون بسون ٻارن کان ٽي ڊالر (ويهه ويهه روپيا کن) وٺي هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻيو ملڪ گهمائي ڦيرائي وٺي اينديون آهن.
هتي ملائيشيا ۾ ڇنڇر اڌ ڏينهن موڪل ٿئي ۽ آچر سڄو ڏينهن جيئن پنهنجي ملڪ ۾ پهرين هو. جمعي ڏينهن وري جمعي نماز لاءِ ٻارهين بجي کان ٽين بجي تائين _ ٽي ڪلاڪ موڪل ٿئي. جوهورباروءَ جا ماڻهو ته جمع نماز سنگاپور ۾ پڙهي شاپنگ ڪري انهن ٽن ڪلاڪن اندر موٽي ايندا آهن. ان بندوبست لاءِ سنگاپور جي سياڻي حڪومت بارڊر وٽ ئي هڪ وڏي مسجد ٺهرائي ڇڏي آهي. ۽ اتي ئي وڏا ڊيوٽي فري شاپنگ سينٽر پڻ ته جيئن ملائيشيا جي ماڻهن کي بس جا وڌيڪ اسي سينٽ ڀري پري به نه وڃڻو پوي. اتي ئي نماز جي نماز ۽ شاپنگ جي شاپنگ ٿي وڃي.
ملائيشيا جو جوهوربارو شهر ته ٿيو بلڪل ئي سنگاپور جي ويجهو ، پر سڄي ملائيشيا جي ماڻهن لاءِ سنگاپور گهمڻ ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄامشورو ۽ پيٽارو جي ماڻهن لاءِ حيدرآباد. بس پاسپورٽ ۽ ڪجهه ڏوڪڙ کيسي ۾ هجن پوءِ جنهن وقت موڊ ٿئي ته هڪ ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ ۾ وڃيو نڪرن. ملائيشيا جي ماڻهن جي پاسپورٽ تي ٻئي ڪنهن ملڪ جو ٺپو هجي يا نه پر سنگاپور جي ٺپن سان سڄو پاسپورٽ سٿيو پيو هوندو.
اسان جي شهر _ ملاڪا کان سنگاپور ايترو پري آهي، جيترو موري کان ڪراچي، ۽ سنگاپور کان ڪوالا لمپور ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان سکر. هتي جا رستا صاف سٿرا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان وانگر سڌا نه آهن جو ملائيشيا سنڌو ماٿريءَ وانگر سڌو ۽ لسو ناهي، پر ٽاڪرون ۽ هيٺ مٿانهون ملڪ آهي. سو لاهيون چاڙهيون ۽ ڦيرا گهڻا آهن - جيئن ڪوهه مري پاسي رستا آهن. پر هتي اها چڱي ڳالهه آهي ته هڪ ته موسم هميشه جهڙالي آهي تنهن ڪري گرمي يا ٿڪ محسوس نٿو ٿئي ۽ چوڌاري وڻ ٽڻ ۽ سرسبز ساوڪ هجڻ ڪري ڊرائيونگ ۾ ويتر فرحت محسوس ٿئي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه ته جنهن تنهن رستي تي نشان لڳل آهن، جنهن موجب ڊرائيورن کي گاڏي حفاظت ۾ هلائڻي پوي ٿي. ملڪ ۾ پئسو جام آهي تنهن ڪري گاڏيون لاريون توڙي ٽرڪون نيون آهن. ۽ سڀ هڪ ئي رفتار سان هلن ٿيون. ۽ ڪنهن ٽرڪ کي رستو نه ڏيڻ يا آهستي آهستي گاڏين کي ذري ذري اوور ٽيڪ ڪرڻ ڪري وقت نه ٿو وڃي. ان ڪري ڪوالا لمپور کان سنگاپورتائين جو سفر ايترو نٿو ٿڪائي. جيترو ڪراچيءَ کان سکر شڪارپور تائين جو.
ملاڪا جو شهر، ڪوالا لمپور ۽ سنگاپور جي وچ ۾ ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ ۽ سکر جي وچ ۾ مورو. سو ملاڪا جا ماڻهو موڪلن ۾ ڪوالالمپور به وڃن ته سنگاپور به، پر گهڻو سنگاپور ڏي رخُ رکندا آهن.جو سنگاپور ۾ سستي خريداري آهي. مسجدون مندر به آهن، ٻارن جي گهمڻ لاءِ چڙيا گهر ٽائيگر بام گارڊن جهڙا باغيچا به آهن. شاگردن لاءِ هر فيلڊ جا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. فلمون آهن، وغيره وغيره.