سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار جو ڪِرڻ
ڪيبل ڪار هڪ ننڍڙي ڏولي ڇهه کن ماڻهن جي ويهڻ جيتري ٿئي ٿي، جيڪا تمام مٿي بلنديءَ تي ڇڪيل لوهي رسي تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين گهرڪي هلي. جن ملڪن ۾ جبل ٿين ٿا اتي هڪ جبل جي چوٽيءَ کان ٻئي جبل جي چوٽيءَ تائين اهي ڪيبل ڪارون هلن. جيئن جپان ۽ سئٽزرلئنڊ پاسي. پاڻ وٽ اسلام آباد ايوبيه ۾ آهي. هتي سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار سنگاپور جي وڏي ٻيٽ کان مسافرکڻي سمنڊ ٽپائي ٻئي پاسي سينتو سا نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي وڃي لاهي ٿي. سنگارپور پاسي هيءَ ڪيبل ڪار مائونٽ فيبر _ فيبر جبل تان شروع ٿئي ٿي _ جيڪا سندس پهرين اسٽيشن سڏجي ٿي. اها فيبر روڊ تي آهي. شهر کان ڏهه پندرهن منٽن جو مفاصلو آهي ۽ ٽئڪسي جو ڀاڙو پنج ڇهه ڊالر ٿئي ٿو. هونءَ شهر کان ڪيتريون ئي بسون پڻ وڃن ٿيون. جيئن ته ڏهون، ويهون، ٽيهون، ايڪٽيهون ۽ هڪ سؤ پنجويهون نمبر بس. فيبر جبل جي چوٽيءَ تي فقط بيهي سڄي سنگاپور ٻيٽ ۽ ڀر پاسي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ئي هڪ دل لڀائيندڙ شيءِ آهي. پر ڪيبل ڪار ۾ ويهي سنتوسا ٻيٽ تائين وڃڻ ۾ اوسي پاسي جو ٻين ننڍڙن ٻيٽن ۽ چوڌاري سمنڊ جو نظارو غور سان ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. هونءَ ته سنگاپور پاڻ به هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. پر سندس اوسي پاسي ان کان به ننڍا ننڍا _ ڪي ته کٽ جيڏا به، چوونجاهه ٻيٽارا آهن. ان کان علاوه ڪيبل هڪ اهڙي هنڌان به لنگهي ٿي، جنهن هيٺان سمنڊ جو اونهو چئنل آهي ۽ پاڻيءَ جا وڏا جهاز سنگاپور ڏي ايندا ويندا نظر اچن ٿا. ڪيبل ڪار وارو رسو جهازن جي کوهن کان گهڻو مٿي ڇڪيل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جهاز جا کوها وڏا آهن ته ان کي هن پاسي کان لنگهڻ جي اجازت نه آهي. پر گذريل سال هڪ دردناڪ حادثو ٿيو.مرمت لاءِ هڪ جهاز (Antiwetok نالي) جنهن جا پنهنجا کوها (Masts) هتان لنگهڻ وقت اتاهان نه هئا، سو ڪيبل ڪار جي رسن هيٺان 1981ع ۾ لنگهي سنگاپور جي ڪيبل شپ يارڊ ۾ ويو. مرمت کان علاوه پروگرام موجب هن جهاز ۾ ڪيتريون ئي وڏيون رتوبدليون Conversion پڻ ٿيون، جيئن ئي هو ٻئي ڪارگو کان علاوه ڊرلنگ مشينون (سمنڊ تي تيل کوٽڻ جا اوزار ۽Rigs) پڻ کڻي سگهي بهرحال اهو ڪم ائين هو جيئن گهر جو ڪجهه حصو ڊاهي، ڀتيون ۽ ڇتيون مضبوط ڪري ماڙ اڏائجي. اهو ڪم ٻه سال کن هلندو رهيو ان بعد جڏهن جهاز شپ يارڊ (ورڪشاپ) مان نڪتو ته هڪ ته ان جي اوچائي ٿوري وڌيل هئي، جيڪا لهندڙ وير (Ebb) ۾ ڪيبل ڪار جي رسن کي بلڪل نه ڇُهي سگهي ها، پر جهاز جنهن وقت لنگهي رهيو هو ان وقت High _ Tide وڏي وير چڙهيل هئي جنهن ڪري جهاز ڪجهه مٿڀرو ٿي ويو ۽ سندس کوها ڪيبل ڪار جي رسيءَ ۾ وچڙي پيا، جهاز جيئن جيئن اڳيان رڙهندو ويو تيئن تيئن رسو ڇڪبو ويو ۽ آخر گهڻو سيٽجڻ ڪري وڍجي پيو ۽ ست کن ڪيبل ڪارون جيڪي ان وقت هلي رهيون هيون هيٺ ڪري پيون. ڪي سمنڊ ۾ ڪريون ته ڪي سنگاپور جي رستن ۽ گهاٽن وڻن ۾ ٽڙي پکڙي ويون. جيتوڻيڪ مدد لاءِ هڪدم فائربرگيڊ، هيليڪاپٽر، ۽ اسپيڊ لانچون پهچي ويون، پر ان هوندي به ست ماڻهون اڦٽ مري ويا ۽ تيرهن سخت زخمي ٿي پيا. هڪ ننڍو ٻار جيتوڻيڪ سمنڊ ۾ اچي ڪريو پر هيليڪاپٽر ذريعي ان کي ٻڏڻ کان بچايو ويو.