مسٽر رينگانير
”پينانگ تائين ڪيترو وقت ٿو لڳي؟“ مون پڇيو مانس .
”ايڪسپريس ٽرين اٺ ڪلاڪ ٿي وٺي.“
”ڀلاٽرين ۾ سمهڻ لاءِ سڄي سيٽ جو بندو بست آهي يا نه؟“
”ڏينهن واري ٽرين ۾ ان جو بندو بست ناهي باقي رات جو هر مسافر لاءِ سڄي سڄي سيٽ رزرو ٿئي ٿي.“
”ڀلا هن ٻئي پاسي ٽرين ڪيستائين وڃي ٿي؟“ مون پڇيو.
”هتان سريمبان کان ريل ٻئي پاسي جوهوربارو بلڪه سنگاپور تائين وڃي ٿي.“
”واه!“ اها ڳالهه منهنجي لاءِ تعجب خيز هئي جو مون کي ان وقت تائين خبر نه هئي ته سنگاپور By Train به وڃي سگهجي ٿو.
”توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“ هن پڇيو.
”دل ۾ نه ڪندا. مون کي دراصل ڪيڏانهن به وڃڻو ناهي. بس ائين پنهنجي ملڪ جهڙي ريلوي اسٽيشن ڏٺم سو گهڙي پيس.“
اتي پاڻ چانهه لاءِ آفر ڪيائين ته سندس سٺي موڊ ۽ پنهنجي دل جي خواهش کي سمجهي يڪدم وراڻيو مانس؛”چانهه ته نه پر جيڪڏهن چند منٽ ڏئي سگهو ته توهان کان ڪجهه انٽرويو وٺان.“
هن کلندي بلڪل دوستاڻي نموني سان چيو؛ ”بلڪل ويهو ته سهي.“ ۽ آئون ڪرسي ريڙهي ويهي رهيس کيسي مان پنو پينسل ڪڍي ٽيبل تي لکڻ لاءِ رکيم ۽ کيس پنهنجي نالي وارو ڪارڊ ڏيندي چيو مانس؛ ”هونءَ ته ڌنڌي جي لحاظ کان جهازن جو چيف انجنيئر آهيان ۽ اڄ ڪلهه هتي ملائيشيا جي انجنيئرن کي جهاز هلئڻ لاءِ سبجيڪٽ پڙهايان ٿو.پر لکڻ منهنجي وندرآهي. توهان جي پر ڪشش شخصيت متاثر ڪيو اٿم سو توهان کان ٻه چار ڳالهيون توهان جي زندگيءَ بابت پڇڻ چاهيان ٿو.“
”ڀلي، موسٽ ويلڪم؛ هن کلي دل سان آڇ ڪئي ۽ مون کي جيڪي سوال ذهن ۾ آيا پڇندو ويس.
”توهان جو نالو؟“
”منهنجو نالو رينگانير آهي ۽ انڊين نسل سان تعلق رکان ٿو.“
”مسلمان، هندو يا ڪرسچن؟“
”هندو آهيان.“
”زبان ڪهڙي ڳالهايو؟“
”گهر ۾ تامل ڳالهايون،جيڪا مادري زبان اٿئون. مليالم به ڳالهائي سگهان ٿو، جيڪا پڻ ڏکڻ هندستان جي مشهور ٻولي آهي. ان کان علاوه ملئي ۽ انگلش ڳالهايان.“
”توهان جي زبان تامل ڀلاهندي يا اردوءَ سان ملي ٿي يا نه.“
”نه اها بلڪل مختلف آهي. ايتري قدر جو هندي يا اردو فلمون ٽي وي تي اينديون آهن ته اسان سمجهي نه سگهندا آهيون. جڏهن اسان جون تامل فلمون اينديون آهن ته اتر هندستاني گراهڪن کي سمجهه ۾ نه اينديون آهن_ جن جي زبان گجراتي، هندي، مرهٽي، پنجاپي يا ڪشميري آهي.“
”ڀلا تامل هنديءَ وانگر لکي وڃي ٿي، يا اردوءَ وانگر.“
”نه ڪي هنديءَ وانگر، نه ڪو اردوءَ وانگر.“
”ڀلا ڪجهه ڪجهه بنگالي يا ٿائي ( سيامي) وانگر؟“
”نه! پاڻ هندي ڪجهه ڪجهه بنگالي يا ٿائي سان ملي ٿي. پر تامل جي الف - بي بلڪل مختلف آهي. جيتوڻيڪ لکڻ جو نمونو ٿورو گهڻو کڻي چئجي ته هندي ۽ گجراتيءَ سان ملي ٿو.“
”ڀلا ملائيشيا ۾ توهان آيائو يا توهان جو پيءُ ڏاڏو؟“
”منهنجو ڏاڏو پر اهو پهرين ملائيشيا ۾ نه آيو هو. پهرين ڏکڻ آفريڪا جي شهر نيتال ۾ ويو هو. هو 1880 ع يا 1890 ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ پودو ڪوتائي (ضلعومدراس) کان پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي سائوٿ آفريڪا پهتو .“
”ڇو ويو - ان جي توهان کي خبر آهي؟“
”بابو ڳالهه ڪندو هو ته عيال وڏو هو. ڳوٺ ۾ هارپي مان ايتري اپت نٿي ٿي جنهن مان سڄي عيال جي پورت ٿئي، سو اسان جي پڙ ڏاڏي اسان جي ڏاڏي کي پئسي ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ هندستان کان ٻاهر موڪليو. انهن ڏينهن ۾ انگريزن کي آفريڪا جي بيٺڪن ۾ ٻني ٻاري ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٿي کتا ۽ هندستان مان ماڻهن جا جهازن جا جهاز ڀرجي پورهئي لاءِ اوڏانهن وڃي رهيا هئا.“
”توهان جي ڏاڏي اتي پهچي ڪهڙو ڌنڌو ڪيو؟“
”منهنجي ڏاڏي - سندس نالو ڪپوپ پيوهس هو، نيتال (سائوٿ آفريڪا) ۾ پهچي پهرين گاڏي تي شيون رکي وڪڻڻ شروع ڪيون. بعد ۾ هن هڪ هٽڙو کوليو، جنهن ۾ ٽڪيون، بسڪيٽ، داليون، چانور، گيهه، مسالا ۽ ٿورو گهڻو پسارڪو سامان رکي وڪڻڻ لڳو.“
”توهان جي ڏاڏيءَ سان شادي اتي ئي ٿيس يا هندستان مان ڪري ويو هو؟“ مون پڇيو مانس.
”نه شادي اتان نه ڪيائين، نه اتي هميشه لاءِ رهيو، هو ڏهه پندرنهن سال نيتا (سائوٿ آفريڪا) ۾ رهڻ بعد ڪئنڊي (سريلنڪا) هليو آيو. اتي ڪپڙي جو دوڪان کوليائين. شادي به اتي ڪيائين.
”ڪنهن سان شادي ڪيائين؟“ ڪنهن سنهالي (سلوني) ڇوڪريءَ سان .
”نه پنهنجي ذات جي تامل ڇوڪري ءَ سان.“
”مائٽيءَ ۾ هئي يا ڌارئيي هئي؟“
”ٿي سگهي ٿو ته مائٽيءَ ۾ هجي. پر هوندي به ته ڪا ڏور جي مائٽياڻي هوندي. بحرحال اتي سلون (سريلنڪا) ۾ منهنجي ڏاڏي کي ٻه ٻار ڄاوا. هڪ منهنجو پيءُ رامايا ۽ ٻيو منهنجو چاچو - جيڪو ننڍي هوندي کان ئي سلون ۾ آهي. ۽ مون کي سندس نالو ياد نه آهي. ڪجهه سال سلون ۾ رهڻ بعد منهنجو ڏاڏو سلون ۾ ڪمايل پئسو کڻي انڊيا ويو. اتي زمين ٽڪرو خريد ڪري اتي زمينداري شروع ڪيائين. پر اهو ڌنڌو صحيح طرح هلي نه سگهيو، ان ڪري ڪجهه سالن بعد جڏهن منهنجو پيءُ وڏو ٿيو ته هن وري هندستان ڇڏيو پر هن دفعي سائوٿ آفريڪا يا سلون وڃڻ بدران هيڏانهن ملايا هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ ملايا ۽ سنگاپور تي به انگريزن جي حڪومت هئي جيئن هندستان سلون تي، بلڪه سنگاپور ته الڳ ملڪ نه هو، پر مدراس پريزيڊنسي جوئي حصو هو. ان ڪري سنگاپور ۾ اڄ به مدراسي ( تامل نادو صوبي جا ماڻهو) گهڻا آهن ۽ سنگاپور ملڪ/ٻيٽ جو نالو به چيني يا ملئي نه آهي پر تامل ٻوليءَ جو آهي. تامل ۾ سنگا معنيٰ شينهن آهي. هن سنگاپور ملايا ۾ اچي هن دفعي ڪو ڌنڌو شروع نه ڪيو پر، لئبر رڪروٽنگ آفيسر جي حيثيت سان انڊيا مان مزور گهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جا جهنگل صاف ڪري رٻڙ پوکڻ جو ڪم هلي رهيو هو، جنهن لاءِ ڏکڻ هندستان جي تامل نادو ۽ ڪيرالا صوبن جي پورهيتن جي ضرورت هئي _ جيڪي هتي جي مينهوڳيءَ واري مند ۽ مليريائي علائقي ۾ محنت سان ڪم ڪري سگهن.
”ڪجهه عرصي کان پوءِ منهنجو ڏاڏو رٻڙ جي پوک Plantation جو اوورسيئر مقرر ٿيو. تيسين منهنجو پيءُ به وڏو ٿي ويو هو. ۽ هو به رٻڙ جي پوک ۾ ئي ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ ملائيشيا مان ئي شادي ڪيائين.“
”ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ سان؟“ مون پڇيو مانس.
”نه هن به ڏکڻ هندستاني تامل ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.“
”ڀلا توهان ڪٿي ڄاوا ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾؟“
”آئون ملاڪا شهر ۾ ڄايس 1935 ع ۾.“
”توهان ريلوي ۾ نوڪري ڪڏهن کان ڪئي؟“
”1956 ع کان، پر ان کان اڳ آئون ڪجهه سال اسڪول ٽيچر به ٿي رهيس. ملاڪا ۾ هڪ انڊين اسڪول هو ان ۾ آئون پهرين تامل ٻولي پڙهائيندو هوس.پوءِ مون ريلوي ۾ هڪ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ نوڪري شروع ڪئي، تن ڏينهن ۾ مونکي سوا سؤ ڊالر کن پگهار ملندي هئي پر هتي جي ڊالر جو مان اڃا مٿانهون نه ٿيو هو. سمجهو ته اها رقم ٽي سؤ روپين جي برابر هئي. پر انهن ڏينهن ۾ گهرجون گهٽ هيون. ۽ اهي پئسا گنج هئا ۽ ملاڪا ڇڏي سلينگر رياست جي شهر ڪلانگ ۾ اچي رهيس جنهن جي ريلوي اسٽيشن تي مونکي نوڪري ملي هئي. آهستي آهستي ڪلارڪ مان سينيئر ڪلارڪ ۽ سپرنٽنڊنٽ ٿيس ۽ پوءِ اسسٽنٽ ريلوي ماسٽر ۽ ماسٽر ٿيس. مون شادي به ڪلانگ شهر جي هڪ ڇوڪريءَ سان 1959 ع ۾ ڪئي.
” ڇا پڇي سگهان ٿو ته توهان ڪهڙي ڇوڪري ءَ سان شادي ڪئي _ ملئي چيني يا تامل ڇوڪريءَ سان يا اڃا به ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي ڌارينءَ سان.؟“
مسٽر رينگا مرڪي چيو؛ ” مون به پنهنجي تاملن مان شادي ڪئي ۽ هن وقت هوءَ ڇهن ٻارن جي ماءُ آهي. اسان کي چار پٽ ۽ ٻه ڌيئون آهن.وڏو پٽ توهان وانگر مرچنٽ نيويءَ ۾ آفيسر آهي _ پر هو ناٽيڪل برانچ ۾ آهي. اڄ ڪلهه سيڪنڊ ميٽ جو امتحان سنگاپور مان ڏئي هڪ نار ويجن جهاز تي روانو ٿيو آهي. توهان کان پاڻ اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا سنگاپور بدران اهو توهان وٽان ملاڪا مان اهو ڪورس ڪري سگهيو ٿي؟“
”ها.بلڪل. پاڻ اسان جي اڪيڊمي سمنڊ جي ڪناري تي ۽ شهر کان پري هجڻ ڪري پڙهڻ ۽ سکڻ جا وڌيڪ موقعا فرهام ڪري ٿي.پر جيئن ته هو ڌارئين شپنگ ڪمپنيءَ مان آهي، ان ڪري کيس في پاڻ ڏيڻي پوندي جيڪا هزار کن ڊالر (ڇهه هزار روپيا) ماهانه آهي. هاڻ جيئن ئي توهان جو پٽ سمنڊ جا ايڪيهه مهينا Sea-Time پورا ڪري ته چيف ميٽ جي ڪورس لاءِ کيس اسان جي اڪيڊميءَ ڏي ملاڪا موڪلجو. سچ ته مونکي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته توهان جو پٽ محنت ڪري ننڍي عمر ۾ ئي سٺي پوسٽ تي پهچي ويو آهي ۽ ناروي وارن جا جهاز پيو هلائي. ڀلا توهان جا ٻيا ٻار ڇاڪن؟“
”ٻيو نمبر پٽ هتي جي نيول فوج ۾ ليفٽيننٽ آهي. ٽيون نمبر پٽ، چوٿون نمبر ڌيءُ ۽ ٻيا ٻار ننڍا آهن. ۽ اڃا اسڪول ۾ آهن.“
”ڀلا تون ڌيئن کي ڇا پڙهائڻ جو ارادو رکين ٿو؟“ مون پڇيو مانس.
”سندن مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. ان سلسلي ۾ آئون سڀني ٻارن کي چوندو آهيان ته جنهن کي جيڪا لائين پسند اچي اهو اها کڻي ۽ ان لاءِ محنت ڪري. هونءَ منهنجي ڌيءُ جو لاڙو انگي حساب ۾ گهڻو آهي. ۽ هوءَ ايڪنامڪس، ڪامرس جهڙا سبجيڪٽ کڻي اڳتي هلي اڪائونٽنسيءَ ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.“
مسٽر رينگا کان چند منٽن جي موڪل وٺي يڪو ويهي رهيس. ان وچ ۾ رکي رکي چيني يا ملئي مسافر ٽڪيٽ بدلائڻ لاءِ يا ڪنسيشن ٽڪيٽ ٺهرائڻ لاءِ پئي آيا، تن سان هن ملئي ۾ ڳالهائي هر هڪ کي ڪجهه وقت ٻاهر ترسڻ لاءِ چيو ٿي. جيڪي پوءِ رکي رکي در مان ليئا پائي رهيا هئا. ۽ مون کي نڪرڻ لاءِ اکين ئي اکين ۾ چئي رهيا هئا. سو نيٺ سريمبان ريلوي اسٽيشن جي انگريزن جي ڏينهن کان هلندڙ تامل ريلوي عملدار مسٽر رينگانير کان موڪلائي ٻاهر نڪتس.