سنگاپور _ ڪارڪردگيءَ ۾ سٺو بندرگاهه آهي
سنگاپور ملڪ، ٻيٽ، شهر، يا بندرگاهه جيڪي ڪجهه به سمجهيو وڃي _ ان جي بنيادي اهميت بندرگاهه جي ڪري آهي ۽ جاگرافيائي طور اهڙي بيهڪ اٿس جو سندس ڀرسان جهازن جو تمام گهڻو لنگهه ٿئي ٿو ۽ اهڙي بيهڪ جيتوڻيڪ سلون (سريلنڪا)، عدن، پورٽ توفيق، پورٽ سعيد، لاس پاماس، ڪيپ وردي ٻيٽن جي بندرگاهن جي پڻ آهي، پر سنگاپور جي حڪومت ايڏي ته ملڪ ۽ ماڻهن سان وفادار، گهڻي حد تائين ايماندار، هڏ ڏوکي ۽ محنتي آهي، جو هنن سنگاپور کي اهڙو ته ٺاهي ڇڏيو آهي، جو اڄڪلهه سنگاپور تمام گهڻو سهڻو، مشهور ۽ امير ملڪ ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن زماني ۾ سلون، عدن جهڙن هنڌن تي وڏي لئه هوندي هئي _ گهمڻ ڦرڻ کان وٺي واپار وڙي ۽ سونهن سوڀيا تائين، پر پوءِ حڪومتون ۽ انهن جا نمونا ڪجهه اهڙا ٿيندا ويا جو ان قسم جا بندرگاهه ور ي اڀري نه سگهيا آهن. سنگاپور جيتوڻيڪ اڄ کان ويهه سال کن اڳ تائين عدن، ڪولمبو جهڙن بندرگاهن کان گهٽ مشهور هو پر هاڻي ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جو ٻيو نمبر مشغول ترين بندرگاهه ٿي ويو آهي. اڄ کان فقط ڏهه ٻارنهن سال کن اڳ سنگاپور ۾ چوري چڪاري ايتري ته هوندي هئي جو سرڪاري بسن تي به چئني قومي زبانن؛ چيني، انگريزي، ملئي، تامل ۾ لکيل هوندو هوته کيسو ڪترڻ وارن کان خبردار ٿجو _ جنهن جو ذڪر مون پنهنجن پهرين سفرنامن ۾ پڻ ڪيو آهي. پر هاڻي حڪومت ڏينهون ڏينهن سنگاپور کي هر لحاظ سان اهڙو ته بنائي ڇڏيو آهي جو ڌاريان ماڻهو هتي ئي سلامتي محسوس ڪن ٿا ۽ گهمڻ لاءِ اچن ٿا. ڌاريان جهاز پڻ هتان ئي سودو سامان وٺڻ اچن ٿا. مثال طور اسان جي ملڪ جي جهازن جو لنگهه ته ايشيا جي ٻين به ڪيترن ئي ٻيٽن ۽ بندرگاهن وٽان ٿئي ٿو، پر ڪسٽم ۽ اميگريش جو ڊگهو طريقو، واپارن ۽ ايجنٽن جي سستي ۽ بدامنيءَ ڪري ٻين ٻيٽن تان سيدو سامان وٺڻ کان لنوائڻو پوي ٿو، يا وري گهربل پنجن شين مان ٻه ملنديون ته ٽي غائب! مصر هيڏو سارو ملڪ آهي ۽ ڀر ۾ ڪيترائي تيل پيدا ڪندڙ ملڪ اٿس، پر شل نه ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي. تيل وٺڻ لاءِ به پريشان ٿيڻو پوندو آهي، سلون، جبوتي، ممباسا، ويندي ڪراچيءَ جهڙن بندرگاهن ۾ پاڻيءَ جا ٻه اڍائي هزار ٽن خريد ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي ۽ جهاز کي ترسائي ايتري ديرڪرائي وڃي ٿي جو ماڳهين ٻيڻو نقصان، ياڪڏهن جهاز جا خلاصي بيمار هجڻ يا بدلي ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز رستي ٻئي ملڪ موڪلڻو هوندو آهي ته هفتو هفتو اڏام جو بندو بست نه ٿيندو آهي ۽ اهو عرصو ترسڻ لاءِ ڪنهن چڱي هوٽل ۾ ڪمرو ئي نه ملندو آهي. ياڪمرو ملي ويو ته هفتي اندر چوري، کيسو ڪترڻ يا کاڌي ۾ زهريات ڪري بيماريءَ جهڙن وارداتن جو انديشو هوندو آهي. پر سنگاپور حڪومت ۽ عوام هر ڪم سليقي، سٺائي ۽ اڇتائيءَ سان اڪلائڻ جو اهڙو ته سهڻو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جو روزانو سوين جهازن جي اچ وڃ ٿئي ٿي. ۽ سنگاپور دنيا جو ٻيو نمبر مشغول بندرگاهه هجڻ جي باوجود به هر جهاز جي مالڪ کي ائين لڳندو ڄڻ سندس جهاز ڏي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ جهاز جي عملي زبان تان ڪنهن ڳالهه، ڪم، مسئلي جو نالو کنيو ناهي ته ان جو تدارڪ ٿيو ناهي. جهاز تان سنگاپور پهچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ سنگاپور جي ايجنٽ کي جيئن ئي تار ڪبي آهي ته فلاڻي ڏينهن شام جو چئين بجي اسان جو جهاز سنگاپور جي پاڻيءَ ۾ پهچي رهيو آهي ته جواب ملندو؛ ”موسٽ ويلڪم پائليٽ پوڻين چئين کان توهان جو منتظر هوندو.“
”چارسؤ ٽن ڪچو تيل، سؤ ٽن ڊيزل آئل، هزار گئلن ليوب آئل ۽ ٽي سؤ ٽن تازو پاڻي کپي.“ جواب ملندو: ”بلڪل تيار ملندو.“
”هڪ جهازي سخت بيمار آهي، ان کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻو آهي ۽ مڙني جهازين کي سندن اڌ اڌ مهيني جي پگهار هتي جي سڪي ۾ کپي، ان لاءِ هيترا هزار ڊالر گهرجن، پر انهن ۾ هيترا سؤ جا نوٽ هيتراپنجاهه جا هيترا ڏهين، پنجين، ۽ هڪ هڪ جا هجڻ کپن.“ جواب ملندو؛ ”بلڪل صحيح آهي اهو به ڪم ٿي ويندو. بي فڪر ٿي هليا اچو.“
پوءِ بندرگاهه ۾ شام جو پهچڻ ڪري جيتوڻيڪ آفيسون بند هونديون پر آفيس جو ايجنٽ ڪنهن به نموني سان بئنڪ کان اسپتال تائين، جهاز جي مرمت کان اسپيئر پارٽ خريد ڪرڻ تائين جي ڪم جو بندوبست ۽ اڪلاءُ ڪرائي وٺندو. بلڪه ڪيتريون شيون ۽ مسئلا بندرگاهه ۾ پهچڻ بعد ياد ايندا يا رونما ٿيندا ته انهن جو به اڪلاءُ سنگاپوري ايجنٽ ڪرائي وٺندو.