سنگاپور ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهنگائي
ان بعد تکو تکو هاءِ اسٽريٽ ڏي ڀڳس جو وقت جو پکي سنگاپور ۾ ڪجهه تکو ئي اڏامي رهيو هو. رستي تي پيننشولا پلازا ۽ نارٿ برج روڊ تان سنڌي هندن جي دڪانن تان هلڪيون هلڪيون شيون؛ قميص، پتلون، بيلٽ، گانن جا ڪيسٽ، جوراب، ٽائيون، آرٽ لائين جون لکڻ لاءِ نيون آيل پينون ورتم، وقت جو جيترو سوچيم ٿي اوترو ئي تيزيءَ سان هٿن مان نڪرندو ٿي ويو، هر وقت واپس پهچڻ جو ڌيان هو جيئن ٻين بجي کان اڳ پهچي ٽئڪسيءَ ۾ ”باليق ڪمپونگ“ يعني واپس ڳوٺ ملاڪا پهچي سگهجي. بک به ڪافي وڌي ويئي هئي _ خاص ڪري سڄو وقت پنڌ ئي پنڌ ۽ تکو تکو هلڻ ڪري. ويجهڙائيءَ ۾ ڪا به اهڙي هوٽل مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي، اي ائنڊ ڊبليو، يا ومپي نموني جي غريب نواز ۽ اڇتائيءَ واري نه هئي. جتان جلد جلد ماني وٺي کائي ڀڄجي. هاءِاسٽريٽ پلازا ۾ يارهين ماڙ تي هڪ سنڌيءَ جي هوٽل ٽپسي ٽاپسي Tipsy _ Topsy آهي، جتي پهرين ٻه ٻه چار چار گهمرا کائي چڪو هوس، اتي پهتس. هوٽل جو سڄو هال ماڻهن سان ٽٻ هو. هڪ ٽيبل تي ٻن ڄڻن جي جاءِ بچيل هئي. هڪ تي آئون به وڃي ويٺس مانيءَ جو وقت هو ان ڪري ماڻهن جو وڌيڪ هجڻ لازمي هو. پر ڪجهه سال اڳ جڏهن هن هوٽل جي سنڌي مالڪ هيءَ هوٽل ٺهرائي هئي ته مانيءَ جي وقتن Lunch – Hour تي به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ همراهه نظر ٿي آيو. اسان جهڙا جهازن جا همراهه ڪلفرڊ پيئر کان واڪ ڪري ماني هتي کائي ويندا هئا. هوٽل جو مالڪ ور ور ڏيو لذيذ هجڻ جي پڪ پيو ڪندو هو. ويهڻ سان ويٽرس ڇوڪري مينو رکندي هئي ته پاڻيءَ جا گلاس پاڻ مالڪ ڀري رکندو هو. هاڻ ته ماشا الله اها هوٽل ايڏي وڌي ويئي آهي جو مالڪ کي ماڻهن جا بل ڪٽڻ ۽ پئسا وصول ڪرڻ کان ئي واندڪائي ناهي. هونءَ گراهڪ در تائين پهچي خالي ٽيبل ڏسي به ويهڻ يا موٽي وڃڻ جو سوچيندا هئا ۽ هاڻ رش ايڏي وڌي وئي آهي، جو گراهڪ در وٽ بيهي ٽيبل خالي ٿيڻ لاءِ واجهائيندا رهيا ٿي.
ملئي ڊريس _ سرونگ ۽ باجو ڪرونگ ۾ ڪم واريون ملئي ڇوڪريون، وڃڻين وانگر بورچيخاني کان ٻوڙ، ڀت، مانيون،پاپڙ خومچن ۾ کڻي گراهڪن اڳيان رکي رهيون هيون. بورچيخاني جو اسپرنگن وارو در پٽيو پوريو ٿي ته سامهون سک تندورچي نظر آيو ٿي، جيڪو اٽي جا لڏون ٺاهي ماني پچائڻ ۾ مشغول هو.