مئرينرس ڪلب ڏي واپسي
سنگاپور جي پيپلس پارڪ مان ڪجهه قميصون، پتلون، چڍيون ۽ ٽوال به ورتاسين، گهڻي بحث بعد مدراسي دڪاندار گهٽ ڪري هڪ هڪ پتلون جا ٽيهه ڊالر (ٻه سؤ روپيا کن) ورتا.پر ٻئي ڏينهن هاءِ اسٽريٽ جي ”هاءِ اسٽريٽ سينٽر“ جي هڪ دڪان ۾ اها ساڳي پتلون ويهه ڊالر پئي ملي. پيپلس پارڪ مان هڪ هڪ بيگ ۽ هڪ بريف ڪيس ورتوسين. بوٽن جا ڪشا ۽ شيونگ ڪريم ورتي سين جو اهي ٻئي شيون ملائيشيا ۾ ڏکيون ٿيون ملن. ملائيشيا ۾ هر گهر ۾ بوٽ ٻاهر لاهي وڃڻ جي عادت ڪري ماڻهو ڪشن (ڪهين) وارا بوٽ ئي ڪونه پائين، جو ذري ذري ڪير لاهي ۽ ٻڌي. ان ڪري ملائيشيا ۾ ڪهين وارا بوٽ ۽ ڪهيون ورلي ڪو ملن. ملائيشيا ۾ شيونگ ڪريم يا صابڻ بدران فقط صابڻ جي گج Shaving lather استعمال ٿئي. جنهن سان ٻچي ڏاڙهي يا کنڀ کنڀ وارن وارا چيني ۽ ملئي ته آرام سان شيو ڪريو وڃن، پر اسان جهڙن ڌارين لاءِ مشڪل آهي. جن جا ڏاڙهيءَ جا وار گهڻا ۽ کهرا آهن _ جن کي ڪوڙڻ کان اڳ نرم ڪرڻ لاءِ برش سان چڱي طرح صابڻ يا شيونگ ڪريم هڻڻ جي ضرورت آهي. آصف کي Diabetes (ذيابطيس) هجڻ ڪري هن ڪجهه ڪولڊ ڊرنڪس، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ چاڪليٽ اهڙا ورتا جن ۾ کنڊ بدران سيڪرين جهڙو مٺاڻ ٿئي ٿو. بحرحال اهڙيون ڪجهه شيون وٺي واپس رهائش گهر يعني مئرينرس ڪلب ڏي آياسين.
مئرينرس ڪلب جي ڊائننگ هال ۾ ان وقت تمبولا راند جيڪا جوا جو هڪ فئشن ايبل قسم چئي سگهجي ٿو هلي رهي هئي. نمونو ڏسڻ لاءِ اسين به اندر گهڙياسين. سڀ پني تي پنهنجا نمبر ڪٽڻ ۾ مشغول هئا. اسان هڪ ٽيبل تي ڪرسيون خالي ڏسي وڃي ويٺاسين. هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنياسين ته من ڪو چانهه جو آرڊر وٺڻ لاءِ اچي يا راند جو کيڏڻ لاءِ چوي، پر ڪا پهر نظر نه آئي. ٿوري دير بعد هڪ ويٽرس ڇوڪري اچي لنگهي تنهن کي ڪجهه آڻڻ لاءِ چيوسين. تنهن ڀت ۾ لڳل لڏڪڻي واري گهڙيال ڏي اکين سان اشارو ڪري چيو ته ڪافي دير ٿي ويئي آهي. حساب ڪتاب بند ڪري ڇڏيو اٿئون. هيءَ راند به آخري هلي رهي آهي. آصف چيو اهو ته پاڻ سٺو. اسان ته هتي ويهڻ جي تڪلف ۾ ڪجهه گهرايو ٿي، جيئن ڪلب وارو اهو نه سمجهي ته بنا خرچ جي مفت ۾ اچي ويٺاآهيون .