سنگاپور شهر ۾ ننڍڙو هندستان
هونءَ به سرنگون روڊ اهڙو روڊ آهي جتي هندستان جي هر شيءِ ملي ٿي _ مرچ مسالي کان وٺي پڪوڙي، کيچي، بجئي، ۽ مٺائي تائين. مٿي ۾ هڻڻ وارو سندور ۽ آريٺا، ۽ نرڙ تي لڳائڻ لاءِ تلڪ کان وٺي گنگاجل ( گنگا نديءَ جو پاڻي)، راکي ۽ منگل سوترتائين، کٽين (رنگريزن) جي ڇر واري ساڙهين ۽ پورن کان وٺي آر جي ڪمن وارن اڳٺن ۽ ابوڇڻين تائين، ڪاٺ جي ڏوئين، ٺڪر جي ڏيئن ۽ جمنين کان وٺي رڪ جي ديڳڙين، ٽامي جي دلن ۽ پتل جي باردين تائين، مستي، ڳڙ، بيسڻ کان ميٽ،سوپاري، ڦٽڪيءَ تائين هر شيءِ ملندي. اسان وٽ مخدوم کي ٻار ڄائو ته بوندي لڏون ورهايائين. ابا ڪٿان آندءِ هي لڏون؟ چي سرنگون روڊ تان، ظهور جي پروموش ٿي ته بنگالي برفي ۽ چم چم ڏياري موڪليائين. پڇيومانس ته ڇا ڪنهن بنگلاديش کان آندي آهي. وراڻيائين؛ ”سرنگون روڊ تان.“ هر اها شيءَ جيڪا هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملندي هجي، اها سنگاپور جي سرنگون روڊ تان ٿوري مهنگي اگهه تي پر نج ۽ تازي ملي ويندي. سرنگون روڊ تي هندن جا مندر ۽ ڌرم شالا پڻ نظر ايندا. سڀ ۾ پراڻو مندر ڪالي امن جو مندر آهي، جيڪو 1904ع ۾ اٺن ٻانهن واري ديوي ڪالي _ امن جي نالي تي ٺهرايو ويو هو ۽ ان کان به پراڻو سري نيوا سا پيرو مل مندر آهي.جيڪو 1855ع ۾ ٺهيو هو. ان کي نئينءَ سنئينءَ جو ڙايو ويو آهي. ڏهه کن سالن بعد هڪ هندو امير واپاري پنج لک ڊالرن جي خرچ سان هڪ ڏکڻ هندستان جي عمارتن جي ڊزائن جو ٽاور ان مندر ۾ ٺهرايو. سنگاپور ۾ پهريون همراهه جيڪو هندستان کان آيو. اهو ڏکڻ هندستان جو نارائنا پلائي هو، جيڪو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ جنرل ڪلارڪ طور ڀرتي ٿي آيو هو. پر پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ هن اها نوڪري ڇڏي عمارت سازيءَ جي ڌنڌي ۾ حصو ورتو ۽ چڱو سکيو ستابو ٿي ويو. هن کان پوءِ جيڪي انڊين اچڻ لڳا، اهي هن سرنگون روڊ واري علائقي ۾ واپار وڙو ڪرڻ لڳا ۽ 1850ع تائين سرنگون روڊ هندستان جو ئي ڏيک ڏيڻ لڳو. جيڪو اڃا اهو ئي ڏيک ڏيندو رهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور جي هن سرنگون روڊ کي سمال انڊيا Small _ India سڏين ٿا.