سنگاپور هلڻ لاءِ ٽئڪسي
۽ ٿيو به ائين. ٻئي ڏينهن آصف سان سندس ڪار ۾ ذوالفقار ۽ آئون آفيس وڃي رهيا هئا سين ته پارڪنگ ۾ آصف جي ڪار ڀرسان هڪ پراڻي ڪار بيٺي هئي، جيڪا ڪو همراهه خريد ڪرڻ لاءِ ڏسي رهيو هو. وٺڻ لاءِ اسان کان به صلاح ورتائين ته ذوالفقار چيس: ”او ويري گڊ ڪار _ اسپيشلي فار پائريٽ جاب“ يعني ٽئڪسي ڪري هلائڻ لاءِ سٺي ڪار اٿئي. همراهه وراڻيو ته هن کي واقعي کپي به ان ڪم لاءِ ۽ ٻڌايائين ته پاڻ ٽئڪسي ڊرائيور آهي.
اهو ٻڌي ذوالفقار يڪدم چيس: ”سنگاپور هلندين؟“ اسان ڪجهه دوست ٽئڪسي ڪري هلڻ ٿا چاهيون. گهڻو ڀاڙو وٺندين؟ ٽي سؤ ڊالر اوٽ جا ۽ جي واپس به ايندائو ته ٽي سؤ ڊالر موٽ جا- ڪل ڇهه سؤ ڊالر“ - يعني ساڍا ٽي هزار روپيا کن ٿيا.
ذوالفقار نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيس: ” نه سائين اهي تمام گهڻا آهن. ”محل! بوليح ڪرا نگڪان هرگا:“ ( گهڻي اگهه کي ملئي زبان ۾ محل ٿا چون. ۽ هر گا معنيٰ اگهه. يعني ڪجهه اگهه گهٽائي سگهندين.
”تون ٻڌاءِ“ ڊرائيور پڇيو.
”اسان پنج ڄڻا آهيون هر هڪ پندرنهن ڊالر ڏيندءِ. يعني اوٽ موٽ جو ڀاڙو نوي ڊالر ملندءِ قبول اٿئي.“ ذوالفقار جيئن ئي ائين چيس ته مون چيو مانس ته ڀاڙو ايترو به ته گهٽ نه ڪرينس - اهو ته بس جي ڀاڙي کان به گهٽ ٿيو. سو به ملاڪا بس اسٽاپ کان سنگاپور تائين جو. يعني هتان گھر کان ملاڪا بس اسٽاپ جو ڀاڙو به بچت ٿيو. پر ذوالفقار مون کي اشارو ڪري چيو ته ماٺ ڪرهي پاڻهي هلندو. آخر ڏهه پندرنهن منٽن جي بحث بعد همراهه ٻه سؤ ڊالرن تي سنڌي ڪنوار واري هلڪي ڪنڌ ڌوڻ ڪري رضامندي ڏيکاري ۽ جمعي ڏينهن صبح جو ڇهين بجي اسان کي گهران کڻڻ جو وعدو ڪيائين. اسان به خوش ٿيا سين ته کيپ کٽيسين.
جڏهن هڪ ٻه ڏينهن جمعي ۾ وڃي بچيا ته سڀني کي اهو اچي فڪر ٿيو ته هاڻ جي اهو ڊرائيور نه ٿو اچي ته اسان جو ته سڄو پروگرام دربدر ٿي ويندو. مون چيومانس ته يار ان ڊرائيور کان ويهه پنجويهه ڊالر کن ڊپازٽ وٺي رکون ها. جيئن دادوءَ ۾ اسٽيشن وڃڻ وارا ماڻهو ٽانگي واري کان ٻه ٽِي روپيا اڳواٽ وٺي رکندا آهن. اهي پئسا ان ڳالهه جي گيرنٽي هوندا آهن ته ٽانگي وارو ريل اچڻ کان اڳ وقت تي توهان کي فجر کان اڳ گهران کڻي اسٽيشن تي پهچائيندو. ٻي صورت ۾ اهي پئسا ضبط.. ڳالهه ته سڀني کي وڻي پر هاڻ ڇا ٿي سگهيو ٿي، پر اتفاق سان خميس جي ڏينهن اهو ڊرائيور اسان کي ملي ويو. اسان هڪ هٽڙيءَ وٽ بيٺا هئا سين ته ان ڊرائيور پاڻ اچي پڇيو ته سڀاڻي هلڻ جو پروگرام ته پڪو آهي يا نه، اسان کان ته دراصل سندس شڪل ئي وسري وئي هئي. سو پهرين ته چيو سين ته الائي ڪير آهي. پر پوءِ يڪدم سڃاڻي خوشي ٿي پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو سين صبح جو ڪيڏي مهل ايندين.
”ستين وڳي“
”اڙي بابا ستين وڳي نه پر ڇهين وڳي“ اسان درستي ڪندي چيو. ”ڇهين چڱو آئون دوست کي چئي ڇڏيندس ته ڇهين بجي توهان کي کڻي. دراصل مونکي هتي ڪم آهي سو آئون ته نه هلندس، پر منهنجو دوست نورالدين توهان کي وٺي هلندو. هن جي نئين ۽ وڏي گاڏي آهي. اهو سڌو سنگاپور توهان کي وٺي هلندو.“
اسان وري به هن کي پارت ڪئي ته ڇهين وڳي اصل هليا هلندا سون جيئن ته سنگاپور جلدي پهچي سگهون.
رات جو سڀ گهڙيال ٺاهي پنهنجن گهرن ۾ ستا سين ۽ پنجين بجي اٿي جلدي جلدي تيار ٿي آصف جي گهر پهتاسين. پاڻ سان سامان ڪو گهڻو نه کنيو سين. اهو ئي سوچي ته ڪپڙا خراب ٿي ويا ته هڪ ٻه وڳو جيڪو سنگاپور مان وٺندا سين ان مان ئي ڪڍي پائيندا سين. بس رڳو پاسپورٽ امئگريشن جو ڪارڊ ۽ شيونگ جو سامان کنيو سين.