مڙسي منجهس نه، ڏوهه ڪنوار جو
جيئن ئي ٻاهر پهتاسين ته رسيپشن وٽ ٻي در کان آيل خالد جميل جهڙي همراهه اچي اڙدوءَ ۾ کيڪاريو کلي چيو مانس؛ ”ميان اسان به چئون ته بلڪل جميل جهڙو هتي ڪٿان اچي ويو؟“
”سر! مان ته توهان کي پهرين سڃاڻي ويس جيتوڻيڪ ٿورو شڪ ضرور ٿيم ته توهان ملائيشيا ۾ رهيل هتي سنگاپور ۾ ڪيئن؟“
”بس گهر لاءِ ڪجهه سامان وٺڻو هو. ملائيشيا ۾ شيون مهنگيون آهن. ڏياريءَ جي موڪل هئي سو هيڏانهن سنگاپور هليا آياسين. تون ڪر خبر؟“
”بس سر امتحان ڏنم پهرين دفعي ئي سڀ سبجيڪٽ پاس ڪري ويم. ان بعد سوچيم ته رهڻو ته هونئي سمنڊ تي آهي، پوءِ ڇونه ڪنهن اهڙي جهاز ران ڪمپنيءَ جا جهاز هلائجن جيڪا گهڻو پگهار ڏئي _ پوءِ کڻي ان ڪمپنيءَ جا ڪهڙا به جهاز هجن، ڪهڙي به ملڪ ويندا هجن ۽ جهاز تي رهڻ جون حالتون ڪهڙيون به هجن. پنهنجي ملڪ جي ڪمپنيءَ کي جهازن جي مقابلي ۾ انجنيئر ايترا ته گهڻا ٿي ويا آهن، جو پاس ڪيل عهدي کان ٻه رئنڪون هيٺ نوڪري ٿا ڏين. يعني سيڪنڊ انجنيئر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ مون کي فورٿ انجنيئر ٿا رکن ۽ پگهار به ايترو گهڻو نه آهي. اهو سو فائدو ضرور آهي _ ۽ هڪ خيال کان وڏو فائدو آهي ته پنهنجي ملڪ جي جهاز ران ڪمپنيءَ کي نوان ۽ سٺا جهاز آهن. عملو گهڻو آهي ان ڪري ڪم جو آرام آهي. ان کان علاوه هر سفر (Vovage ) بعد جهاز پنهنجي ملڪ اچي ٿو، سو هڪ ته ماڻهو مائٽن مٽن سان مليو تازو ٿيو وڃي ۽ ٻيو پنهنجي لاءِ پڻ ٽي وي، فرج، واشنگ مشين جهڙي ڳري خريداري ڪري سگهي ٿو. پر آئون اڪيلو سرآهيان، اهو سوچي ولايتي جهاز ران ڪمپني اختيار ڪئي اٿم تازوگوڪل صاحب جي جهاز ران ڪمپنيءَ ”گلفايسٽ“ جي هڪ جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر جي ضرورت هئي، سو اشتهار ڏسي مون اپلاءِ ڪيو ۽ هنن مون کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڏيئي سنگاپور موڪليو آهي. ڪالهه کان هتي هن ڪلب ۾ رهيل آهيان.جنهن جو بندوبست ايئرپورٽ تي پهچڻ سان گوڪل صاحب جي هتي جي آفيس وارن ڪرايو آهي. جنهن جهاز تي مونکي رکيو اٿن اهو پرينءَ يا ارينءَ بئنڪاڪ کان هتي پهچڻو آهي.“
منهنجي خيال ۾ ته سٺو ڪيئي، پنهنجي ملڪ جي ڪمپني به اهو ئي چاهي ٿي ته هن وقت ڀلي ڪجهه انجنيئر ۽ نيويگيٽر ٻاهر هليا وڃن، جيئن بار هلڪو رهي، “مون چيو مانس.
”پر سائين مون ٻڌو آهي ته جيڪو جهاز مون کي ملي رهيو آهي، اهو جهاز تمام پراڻو آهي. سندس انجڻ ۾ چڱا خاصا نقص آهن.“خالد جميل اداسيءَ مان چيو. سندس اهو خوف ليا پائي رهيو هو جيڪو ننڍي نيٽي ڪنوار جي چهري تي اڻ ڏٺل پوڙهي گهوٽ سان پرڻجي وڃڻ تي هوندو آهي. اهو خوف ڌارئين ملڪ جي جهاز تي ته ڇا، پر پنهنجي ملڪ جي هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تي ويندي وقت به ٿيندو آهي ته خبر ناهي ٻئي جهاز جو ماحول ڪيئن هوندو، ماني ڪيئن هوندي، ڪهڙن ملڪن ۽ موسمن ۾ سفر ڪندو ويتر جي پراڻو جهاز آهي، ته انجنيئر لاءِ هيڪاندو وڌيڪ خوف ته آيا ان جهاز جي انجڻ ۾ ٿورا نقص آهن يا گهڻا. اوزار گٺل اٿس يا منجهس اڃا کڙ تيل آهي، ائين نه ٿئي ته سڀان هلي ”پنهنجي مڙسيءَ سان نه“ پر ڪمپني اوڙو پاڙو چوي ته ڏوهه انجنيئر/ڪنوار جو وغيره وغيره.