اي رات ڌيري ٻَرُ تون!
اڄوڪي ڀونءِ واد (Globalisation) واري دور ۾ شاعريءَ جي مستقبل بابت، خاص طور تي اسريل دنيا ۾، پڪ سان ڪابه ڳالهه نٿي چئي سگهجي. ڇاڪاڻ جو اطلاع جي نون ذريعن، گهڻ پاسائين هنر، هر وارتا کي ايترو ته تڪڙو، مختصر ۽ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو شاعريءَ جهڙيون گهريون ۽ لامحدود واٽون پنهنجي پراڻي مرتبي جي حصول لاءِ بقا جي جنگ وڙهي رهيون آهن، جيتوڻيڪ يورپ، اولهه منجهه اڄڪلهه شاعري موسيقيءَ جي محتاج ٿي ڪمرشلزم هٿان ڪٺي پئي وڃي. پر ساڳي صورتحال جيئن جو تيئن اسان جهڙن سماجن ۾ لاڳو نٿي ٿي سگهي. انهيءَ اولهه ۽ اسان جون ترجيحون اڄ به مٽيل ۽ الڳ آهن. اسان کي مخصوص حالتن ۾ رهندي ڪئين محاذن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاعريءَ جي اڃا به تمام گهڻي ضرورت آهي، جيڪڏهن عظيم انگريز شاعري ورڊس ورٿ جي ڳالهه، ”شاعري قومي جذبن جي بي اختيار ڇلڪڻ جو نالو آهي،“ درست آهي ته پوءِ اهو قبول ڪرڻو پوندو ته اوڀر ۽ خاص ڪري سنڌ جهڙن نيم غلام معاشرن لاءِ شاعري هينئر به بي انتها اهميت رکي ٿي. ٻانهپ ۾ ڳهندڙ تمام گهڻيون قومون نه رڳو قومي رياست (Nation State) جو رتبو حاصل ڪرڻ ۾ اڄ تائين ناڪام ٿيل آهن، پر ترقيءَ جا جيڪي عالمي معيار آهن، تن تي به پوريون نٿيون لهن. اسان وٽ اوريجنل ترقيءَ جو ته تصور ئي سرجي نه سگهيو آهي. پر ٻين جي ٿيل ترقيءَ منجهان به اڻپورو فيض حاصل پيا ڪريون، ڇو جو انٽرنيٽ سميت ٽئڪنالاجيءَ جون جيڪي جدتون آهن، تن کان سنڌ جي هڪ سيڪڙو آبادي به واقف نه آهي. ابتريءَ جي اهڙي حالت ۾ ڳهڻ ڪري لازمي آهي ته اسين پنهنجي قومي جذبن کي ايتري تائين ڇلڪائيندا رهون، جيستائين اهي وسيع تر قومي حاصلات جي تڪميل جو سبب نٿا بڻجي پون. اسان جهڙن ڏتڙيل سماجن ۾ اهڙي اجتماعي حاصلات لاءِ آڱرين تي ڳڻڻ جوڳن ذريعن مان هڪ سگهارو ذريعو (Medium) شاعريءَ جو شعبو به ٿي سگهي ٿو.
پر سوال آهي ته اها ڪهڙي شاعري آهي، جيڪا انهيءَ تڪميل کي ممڪن بڻائي؟ اهڙا بيمقصد لفظ، جيڪي سُرن جي لئه ۽ جسمن جي لچڪ جي سهاري ڏوڪڙ ڪمائڻ جو ڪارنامو سرانجام ٿا ڏين! يا ڪوتا جي نالي ۾ ٿيندڙ حرفن جو اهو سٽاءُ جيڪو وقت پاس ڪرڻ لاءِ بنيادي محرڪ بڻجي سگهي ٿو...
ظاهر آهي ته شاعريءَ جا هي ٻئي پهلو اسان جي اجتماعي آرزوئن جا ترجمان نٿا ٿي سگهن. سنڌ کي انهيءَ شاعريءَ جي ضرورت آحي جيڪا هتان جي حالتن مناسب ترين اولڙو بڻجي سگهي ۽...... ڪڏهن اها اسانجين امنگن جيان تيز ۽ تکي هلي ته ڪڏهن وقت جي رمز کي سمجهندي نهايت ڌيمي ٿي وڃي. اهڙي شاعريءَ جيڪا ٿڪاوٽ جي احساس کي رفع ڪرڻ لاءِ نغمو بڻجي سماعتن جي پاتال ۾ لهي سگهي ۽ جبر جي خلاف جاکوڙ دوران جنگي نعري جو روپ وٺي سگهي، سنڌ اندر هن دور ۾ اهڙين شاعراڻين سٽن جي سرجنا ضروري آهي، جيڪي سٽون نيارپ جا نوان عنوان پيدا ڪري ساڳيائپ ۽ ورجاءَ جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهن، يعني ڪتا ءٌ ڪلا جي اهڙي سکڻي طلب به ڪانهي، جو مڙئي قومي امنگون هڪ اڻوڻندڙ رٽي کان وڌيڪ اهميت نه رکن ۽ تصوراتي ڌٻڻ ۾ ترڪندڙ انهيءَ نظم جي گهرج به ڪانهي، جيڪو نظم رڳو زلفن، وڇوڙن ۽ آلاپن جي ور چڙهيل هجي، سنڌ جي ڪوتا کيتر ۾ ٿيندڙ لاتعداد تجربن جي مانڌاڻ ۾ هڪ اهڙي اعتدال جي تلاش آهي، جيڪو سنڌ جي سماجي زندگي ۽ ان سان لاڳو حالتن جي حقيقي منظرڪشي ڪندي فڪر، تخيل، تجربي، مشاهدي ۽ تجربي جي وچ ۾ ڪنهن بيمثال تال ميل جو باعث بڻجي سگهي، شايد اهو سوچيندي ئي سنڌ پوئين صديءَ ۾ اياز، استاد، شمشير، راشدي، نياز ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جنم ڏنو، جن پنهنجي شعر کي ٻين سماجن جو بي مقصد نقل بڻائڻ بجاءِ سنڌ جي حالتن جو اصلوڪو آئينو بڻائڻ ۾ سوڀ حاصل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ئي ڪنهن حد تائين اجتماعي جاڳرتا ممڪن بڻي.
اهو پسمنظر ذهن ۾ رکندي اسين چئي سگهون ٿا ته عبدالغفار تبسم جي شاعري پڻ پنهنجي دور جي تقاضائن ۾ ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ هڪ اهم ترين تخليقي عنصر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گذريل ويهن سالن کان تبسم نه رڳو فارسي زده شاعري سرجڻ وارو واڍڪو ڪم نه ڪيو آهي، پر هن تمام وڏن راڪاس جهڙن ڪوتاڪارن جي وچ ۾ پنهنجي وجود کي شدت سان محسوس ڪرايو آهي، تبسم سنڌ جي سماجي زندگيءَ کي اصلوڪي صورت ۾ چٽڻ سان گڏ ان کي ريڊيو، ٽيليويزن، ڪئسٽ، ڪتابن ۽ سي ڊيءَ جي ذريعي ٽئڪنالاجيءَ جي نون رخن سان سلهاڙي هر گهر، هوٽل، اوطاق ۽ آستاني تائين پهچائڻ ۾ بي حساب سرسي ماڻي آهي... ۽ اهڙي طرح خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. ائين به ڪونهي ته سندس تخليق ۾ ڪئسيٽي شاعرن واري اها روايتي ڇسائپ، اگهاڙپ ۽ سطحي پڻو ڇانيل آهي، جيڪي انساني جذبن ۾ عارضي هيجان پيدا ڪري تڪڙي شهرت جو سبب ٿي پون ٿا. بلڪه تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.... ٽئڪنالاجيءَ ۽ تخليق جي انهيءَ خوبصورت سنگم جو ئي نتيجو آهي جو تبسم عام توڙي پڙهيل حلقن ۾ هڪ ئي وقت قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي متوازن تخليق ڪندي هن ڄڻ ته ”ڪالريج“ جي شاعريءَ بابت هنن خيالن کي تعبير جي نويد آڇي آهي، ڪالريج چوندو هئو: ”بهترين لفظن جي استعمال کي نثر چئجي ٿو، جڏهن ته بهترين لفظن جو بهترين استعمال شاعريءَ جو نالو آهي.“
اها حقيقت آهي ته اسان جي باصلاحيت شاعر نه رڳو لفظن جي چونڊ ۾ پاڻ موکيو آهي، پر ان چونڊ جي بهترين استعمال ۾ پڻ ڪمال حاصل ڪيو آهي.
سندس شعرن جو هي ڳٽڪو انهيءَ دعويٰ جي تجديد جو هڪ روشن مثال آهي، پنهنجي تازي شعري مجموعي ۾ تبسم ڀلي ته موضوع پراڻا ڇو نه کنيا هجن، پر انهن کي احساس جي اهڙي تازگيءَ سان تڙ ڪرايو آهي جو لڳي ٿو ته سندس تخليق جي جوهر انهن موضوعن کي ڄڻ پهريون ڀيرو ڇهيو آهي:
دهليز تي پڄي، هو دل هول ۾ مري ويو،
هن کي پنهنجي پرينءَ وٽ پهچڻ عجب لڳو.
توهان هنن سٽن ۾ محسوس ڪري سگهو ٿا ته هڪ لفظ به اهڙو ناهي، جيڪو روايتي معنيٰ جي حساب سان مشڪل پيدا ڪري پڙهندڙ لاءِ مونجهاري يا سمجهه جي وٿيءَ (Communication Gape) جو سبب بڻجي..... پر تمام تر سادگيءَ جي باوجود هڪ سچي چاهيندڙ کي عمر ڀر جي پورهئي کان پوءِ ملندڙ منزل جو تذڪرو جنهن ڪيفيتي گهرائيءَ سان تبسم ڪري ٿو. تنهن منجهان اندازو ٿي سگهي ٿو ته هو ڇھن ٻارن جو ڪرڙوڍ پيءُ نه پر هڪ نوجوان (Teen Ager) چترڪار آهي، جيڪو احساساتي منظرنگاريءَ چٽڻ ۾ ڪمال جي مهارت رکي ٿو. عمر جي تبديليءَ هن جي گهري مشاهدي کي ذرو به تبديل نه ڪري سگهي آهي. اها ساڳي ڪيفيت ڪنهن عام رواجي عاشق سان ڇو، هڪ وطن دوست انقلابيءَ سان به سلهاڙي سگهون ٿا، جيڪو منزل ملڻ جي خوشيءَ ۾ ختم ٿي سگهي ٿو. ههڙي شاندار احساس ۾ گهرائي ۽ لفظن ۾ ههڙي سادي عڪسيت ڪنهن عام رواجي شاعر جي ميراث هرگز نٿي ٿي سگهي. انهيءَ خوبيءَ جو تنقيد جي صاحبن وٽ ايڏو ته وڏو مان مرتبو آهي جو سي ايم جو به انهيءَ ڏانءَ جي واکاڻ ڪندي چئي ويٺو هو: ”زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ ڄڻ ته ادب کي زندگيءَ جو ويس پهرائڻ آهي.“
تبسم وٽ اها عڪاسي فقط ڪنهن هڪ حلقي، رخ، منظر يا موضوع جي محتاج ناهي، بلڪه اها ته فرد کان اجتماعي تائين پنهنجو ڦهلاءُ رکي ٿي. سندس سوجهي زندگيءَ جا مختلف ڇهاءُ جنهن لمحي يا موڙ تي ڪري ٿي سندس ڏات ان لمحي يا موڙ کان اڳ ئي پنهنجا درست اندازا طئي ڪري ٿي وٺي، بلڪل ائين جيئن ڪو سالڪ پرارٿنا جي تيري شروع ڪري پر سچو ساڌو سندس من ۾ موجود امنگن جي شدت کي اول ئي محسوس ڪري وٺي، اهڙي ساڌوءَ اڳيان سالڪ جي سموري عبادت ڪنهن اڳواٽ ڏنل منظر جي عملي صورت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندي، ڇاڪاڻ جو هڪ سنت جو ادراڪ صدين جي تفڪر ۽ تدبر تي محيط هوندو آهي، جڏهن ته سنڌائتو سرير ڪهن به مهان آتما جي مهانتا ثابت ڪرڻ لاءِ فقط حوالي جو ڪم ڏيندو آهي. تبسم جي شاعريءَ ۾ عڪسيت جي شدت پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته هر منظر، احساس، ڪيفيت کي سندس ادراڪ جي اک ڄڻ ته ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي پروڙي ورتو هئو. وٽس موجود شڪتي اهڙي لياقت جي شاهدي ٻئي هنڌان نه پر سندس شاعريءَ منجهان ئي ملي سگهي ٿي. سندس سٽون:
هن سنک جي صدا جا مندر جي مورتين کان،
ڇا ٿو اثر پڇين! تون مون کان پڇ مکي!
پڙهندڙ کي آسانيءَ سان محسوس ٿي سگهي ٿو ته بيمثال ادراڪ هجڻ ڪري ڪنهن به منظر کي پيش ڪندي وٽس ڪيترو فنڪارانه اعتماد موجود آهي، توهان ٿورو غور ڪندي به ڄاڻي وٺندا ته سنک، مندر، مورتين ۽ مکيءَ جا ته فقط نالا ۽ ڪردار آهن، دراصل اهي مڙئي ڪردار وقت جي پڪار يا هلندڙ دور جون حالتون، قومي ادرا، انهن ۾ ويٺل اسان جي قيادت ۽ کانئن حساب ڪتاب پڇندڙ ڪي بي ڊپا انسان آهن، شاعر اهڙي منظر نامي ۾ صدين جو تجربو ۽ هزارين ورهين جي تاريخ بڻجي سنک بڻجي ظاهر ٿئي ٿو ۽ صدين جي انياءُ کي نروار ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿو. هوئين به ڪائناتي ذهن هر پهلوءَ يا ڳالهه کي جز نه پر کول ۾ بيان ڪندو آهي، شاعر فني تجربن جو سهارو وٺي انتشار مان اڀريل وارتائن کي نسبتي انداز ۾ سگهارن اشارن ۾ پيش ڪندي تخليق ۾ بظاهر الوپ ٿيل غير معمولي معقوليت جو ڀرم رکندو آهي، اعليٰ صلاحيتن جا صاحب هر ٽڪي ٽين پئسي جي واقعي کي ڌار ڌار ۽ سطحي انداز ۾ نوٽ ڪرڻ بدران، مختلف واقعن جو تت ڪڍي هڪ وسيع ۽ معنيٰ خيز راءِ جوڙي وٺندا آهن، بلڪل جوڊ جي جي هن ڳالهه وانگر:
”زندگي پنهنجي مختلف رخن ۾ ڪيڏي به غير عقلي انتشار جو شڪار ڇو نه هجي، پر اعليٰ تحريرن جو ضابطي ۽ مقبوليت سان ڀرپور هجڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ جو شاعري ۽ ادب جو مقصد ئي زندگيءَ جي ترجماني ڪندي کيس معنيٰ سان ڀرپور ۽ تسلسل ڀريو بڻائڻ آهي. اهو مقصد زندگيءَ ۾ ڀريل ٽڪراءُ ۽ انتشار جي ڌار ڌار عڪاسي ڪرڻ منجهان پلئه نٿو پوي. جيڪڏهن ڪو قلم جو ڌڻي زندگيءَ منجهان ڪنهن عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀرپوريت سان معنيٰ اخذ نٿو ڪري سگهي ته پوءِ عام ماڻهوءَ کي سندس تخليق پڙهڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟
اهو سچ آهي ته ڪا به تحرير يا تخليق جڏهن انفرادي يا اجتماعي حوالي سان پنهنجو ڪارج وڃائي ٿي ويهي ته گڏوگڏ اها فن ۽ فڪر جا اعليٰ معيار به وڃائي ٿي ڇڏي. ظاهر آهي ته اهڙي ڪارج ۽ معيارن کان وانجهيل فن عوام الناس جي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ ۾ به سڦلتا ڇو ماڻيندو، شايد تبسم اها ڳالهه ڄاڻي ٿو، تنهن ڪري سندس شاعريءَ ۾ صرف، قسمين قسمين موضوع ڪردار، تجربا ۽ تاثر ئي ڪٺا ٿيل ناهن، پر انهن سڀني شين جي پيشڪش ۾ پڻ شاعراڻي ڏات جا اکٽ جلوا موجود آهن، مان سمجهان ٿو ته سندس اها ئي خصوصيت آهي، جنهن کيس سنڌ ۾ نه رڳو ڀرپور عوامي سڃاڻ بخشي آهي، پر ادبي حلقن ۾ به سندس فن لاءِ احترام جوڳي فضا پيدا ڪري ورتي آهي. تبسم فرد جو اڀياس فقط فرد جي حوالي سان ئي نٿو ڪري، نه ئي هر واقعي کي جدا جدا ڳڻيندي نظر اچي ٿو، بلڪ هو انفرادي ڪردار ۽ مزاج جا مڙئي تهه پروڙيندي به ان کي اجتماعي مسئلن جي پسمنظر ۾ پرکي ٿو...
ڪا جوت ٽمڪي ۽ نه ئي فانوس ٿو ٻري،
هي شهر ڇا؟ سڄو ئي ڄڻ ته تر اداس هو.
تبسم لاءِ اهڙي حقيقت بياني انهيءَ ڪري ممڪن ٿي سگهي آهي جو هو هر شعر ۾ پنهنجي آمد جو اوچتو ۽ اڻوڻندڙ اعلان ڪرڻ بجاءِ ڪنهن خاموش ڏسندڙ جيان هر منظر کي چٽو ٿيڻ ۽ هر ڪردار کي ظاهر ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ جو ڪشٽ ڪري ڄاڻي ٿو. جيتوڻيڪ ڪيترن شعرن جي اندر هو گمنام طريقي سان پنهنجي موجودگي به محسوس ڪرائي ٿو. پر اها موجودگي عبدالغفار تبسم نالي هڪ شاعر ڏانهن نه پر هڪ اهڙي فرد ڏانهن اشارو ڪري ٿي. جيڪو فرد تون، مان ، هوءَ يا هن سميت ڪوبه ٿي سگهي ٿو. اهڙي روايتي موجودگي کيس واقعي معاملي جي توڙ ۽ احساس جي شدت تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ظاهر آهي ته ايڏي ظالماڻي Objectivity جا کيس به ڏنڊ ڀرڻا پوندا. اسان جهڙي وٽڙيل سماج ۾ جتي هر ماڻهو ٻئي خلاف الزامن، تهمتن ۽ خوارين جا کارا کنيون پيو هلي، اتي تبسم جهڙو بي ريا شاعر ڪٿي ٿو غلط فهمين جي گند کان بچي سگهي؟ نه رڳو سندس ذات بلڪه تخليق مٿان به لاتعداد هٿ کڄندا ۽ آڱريون اڀيون ٿينديون هونديون، هو انهن سڀني مامرن کي محسوس ڪندي پاڻ ئي اقرار ٿو ڪري:
ڪنهن چيو روڪ، ڪنهن ”تبسم“ ته ڪنهن رسوا چيو،
حسن جي حسناڪين، اعزاز ها ڇا ڇا ڏنا!
يا
سوچ ئي سوچ ۾ هو سراپيل رهيو،
هڪڙو ڏاهو اياڻن ۾ گم ٿي ويو.
تبسم جي هڪ فرد کان اجتماع ڏانهن اها مسافري، انهيءَ مسافريءَ دوران پاڻ ارپڻ جي جذبي سندس شخصيت، فن ۽ ان جي ڪارج جي حوالي سان هڪ دل ڇهندڙ توازن کي جنم ڏنو آهي. اهو توازن گيتن، غزلن، نغمن، ۽ نظمن ذريعي اسان تائين پهچندي آدرشن، جستجو، معيار ۽ ڪسوٽيءَ جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي. اهڙي پد تي پهچندي ڪنهن به تخليقڪار کي نه رڳو سرهو ٿيڻ جو حق پهچي ٿو. پر کيس حد کان وڌيڪ محتاط به رهڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو عوام، سيکڙاپ شاعر ۽ ٻيون لاڳاپيل ڌريون زير، زبر، پيش، ماترا، هر اکر، لفظ ۽ پد تي نظر رکڻ شروع ڪن ٿا.
هڪ شاعر جڏهن وسيع تر مڃتا ماڻي وٺي ٿو، تڏهن هو اظهار سان گڏ معيار جون بلنديون ڇهڻ لڳي ٿو. ماڻهو سندس ٻوليءَ، ڏانءَ ۽ انداز جو نقل ڪرڻ شروع ڪن ٿا. يعني، ”سندس جهڙو“ بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ مقام تي ٻوليءَ ، بحروزن، محاورن جي استعمال ۽ شاعراڻي تفڪر ۾ موجود انتهائي معمولي ڪاڻ به اجتماعي سطح تي فن ۽ فڪر جي دنيا ۾ بگاڙ جو سبب بڻجي پوي ٿي. اهو بگاڙ جڏهن محسوس ڪرڻ جي حد تائين پهچي ٿو ته ڪوتاڪار جي عمر ڀر جو پورهيو هڪ طرف ۽ عام رواجي لغزش ٻئي طرف، ڏسندي ئي ڏسندي وڏا فنڪار شديد تنقيد هيٺ اچي وڃن ٿا. انهيءَ حوالي سان شيخ اياز جو مثال اسان جي سامهون آهي. سنڌيءَ ۾ جديد دور جي سڀ کان وڏي شاعر ”گهڻو لکڻ“ جي رجحان جو هروڀرو شڪار ٿيندي پنهنجي مقام جي باري ۾ غير ضروري طور ڪيترن سوالن کي جنم ڏيئي ڇڏيو. مان تبسم کي هڪ مداح ۽ گهڻگهري جي حيثيت ۾ اها صلاح ضرور ڏيندس ته هو هاڻي جنهن مقام تي پهتو آهي، اتي مقدار نه پر معيار جي اوليت ئي سندس شاعراڻي ڏات کي امرتا بخشي سگهي ٿي. پڙهڻ يا ڳولڻ سان اهڙي ڄاڻ هن مجموعي ۾ آيل سندس شاعريءَ منجهان به هينئن ملي سگهي ٿي:
دل جي اونداهين جون هوءَ روشنيون ٿي ڳولهي،
اي رات، ڌيري ٻَرُ، تون ڇو ٿي ٻَرين تکي؟
اها عرضداشت ڪندي مان نهايت ايمانداريءَ سان چوان ٿو ته تبسم جي هن شاعراڻي گلدستي ۾ ٻوليءَ، تخليل، فڪر ۽ احساس جي حوالي سان ڪيترائي بين الاقوامي معيار جا شعر موجود آهن، جيڪي پڙهي حسد جي حد تائين افسوس ٿئي ٿو ته ڪاش اهي ڪوتائون سندس بجاءِ منهنجي قلم جي نوڪ تي اچڻ ممڪن ٿين ها! توهان پاڻ به هي ڪوتائون پڙهو ۽ پوءِ منهنجي راءِ جي غلط يا درست هجڻ بابت راءِ قائم ڪريو.
صدين کان هڪ سوال ٿو چهنڊي شعور کي،
هن آتما جا جوڻ سان سنٻنڌ ڪيترا؟!
*
طوطو اڏيو ته پن چڪيءَ چيو توت لام کي،
توکي ڦٽڻ کان اڳ ۾ ها آنند ڪيترا؟!
*
آءُ ته پهريون تعلق توريون، پيار جا آڳا پيڇا جوڙيون،
تون مان ونڊ ۽ ڪاٽو کان اڳ، پاڇين تي ڇاڇا سوچيون.
*
ڊوڙان سهڪان، ڇان نه پورو پوان،
اي عمر، تنهنجو اختصار الڳ.
*
دشت اڪري پڳس ته عشق چيو:
هڪ اڃان ٻيو به ڪوهسار الڳ.
*
من ۾ پرين ٿو کوٽ ۽ وسڪين ٿو موهه تي،
اي منش، تنهنجي ورش تي ايشور اداس هو.
فٽ پاٿ، گرجا، مندر مسجد جي ٻاهران،
تذليل جي فراس تي بي گهر اداس هو.
*
هو پاڻ ڪنهن صليب تي مرڪي چڙهي ويو،
ها پر يسوع جي گهاٽ جو نيئر اداس هو.
*
جهرڪي کڙڪيءَ کي ٺونگي پئي، باک چڻي ٿي نغما،
او سرتي! اٿ رات رمي وئي، ڇڏ ساجن جا سپنا!
*
انتظار جي ولين تي ڦلڙيون سنڀار جون،
سپنن جي ساوڪن ۾ سانوڻ عجب لڳو!
خالي مڪان ۾ ڪا ڪنڪر اچي ڪري،
سنسان گهر جي در جو ٺڙڪڻ عجب لڳو.
*
مرڪي ته مهڪي واءُ ۽ هيرون هڳا سجن،
گهوري ته گام گام تي ڪهرام ڪيترا؟!
*
هن ٻن کجين مٿان، هو جهلي چنڊ پينگهه جان،
هن ٻن اکين ۾ آس جا الهام ڪيترا؟!
انعام شيخ
اي-10 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
14 اپريل 2001