شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

دونهاٽيل دونهاٽيل حياتيءَ جون واٽون،

دونهاٽيل دونهاٽيل حياتيءَ جون واٽون،
هي سنسان رستن تي وسميل ڏياٽيون.

اوڙي ميت منهنجا اوڙي ميت منهنجا،
نه وڃ تون نه وڃ منهنجو من اُساٽيون.

اداسين پڪاريو کنڊيريو خدارا!
هوليءَ رنگ هوا ۾ شعاعن جون ڇاٽيون.

نه مان تنهنجو راڻو نه منهنجي تون مومل،
نه مان ڪاڪِ ڪوري نه ڪِسنيون تو ڪاٽيون.

سانوڻ رنگ اکين ۾ سکين منجهه سڏڪا،
نه پلرن جو پاڻي نه مَنهَنِ ۾ ماٽيون.

او سنڌ! جندُ منهنجي ڪو نظري ويو توکي،
نه شاديون ڇَننَ ۾ نه پيرن ۾ پاٽيون.

ڪو ساٿي ڪو سرتو سمي کي بيهاري،
ڪو رمتي کي روڪي کڻي کُوهه- کاٽيون.

اڪيلين ڳلين ۾ ازل جون اداسيون،
تنهائي ”تبسم“ ڀرائي ڀنواٽيون.


* ڪسنيون: مقدر ۾ لکيل تڪليفون، * کنڊيريو: پکيڙيو، * ميت: پيارو دوست،
* پاٽ: ٺڪر جو ويڪرو ٿانءَ، جنهن ۾ ڀت وجهبو آهي، يا جنهن ۾ طوهر وقت ٻار کي ويهاريو ويندو آهي.
* رمتو: دڳ ويندڙ، * ڀنواٽيون : ڦيريون، مٿو چڪرائجڻ.