شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

اڻپورا خواب پيڇو ڪندا آهن!

اڻپورا خواب پيڇو ڪندا آهن!

پنهنجي غزل جي نوڪ پلڪ ٺاهيندي پرين
لفظن جي روح مان تنهنجي احساس جي لمس،
منهنجي سڄي وجود کي گرمائيندي رهي.

تنهنجي سجيلي سونهن جون ساريون بلوغتون،
جوڀن جا آر، ويس، وڳن جون نفاستون،
نوخيز جوانيءَ جو صفا نئون نڪورپن،
نازڪ، شفاف، جسم جون جُملي نزاڪتون،
شوخين جي بانڪپن ۾ خدوخال حسن جا،
چنچل نگاهه ۾ سڄيون مستيون شباب جون،
ڀرپور جوانيءَ جون جوان تر جڙاوتون،
تنهنجا ڊگها حسين ڀنڀا وار جهومندي،
منهنجين سٽن تي پاڻُ سجائي سمهي رهن،
گل پوش ساوڪون منهنجي ڇلڪيل شعور جون،
گهنگهور گهاٽي ڇانوَ جي گهيراءَ ۾ اچن،
”تبسم“ جي تناظر ۾ تزِئين تِلڪَ جي،
محسوس ٿين ته اوچتو ڪي چنڊ نُور جا،
ڪن خوابناڪ منظرن مان شعاع ٿي ڦٽن،
منهنجي هي پوري ڏات پنهنجي ڪل ثبات سان،
ممڪن ئي ناهي جو ڪو اِن کي نانءُ ڏئي سگهي.
تنهنجي هڪ ادا کي ڀي عنوان ڏئي سگهي.
تنهنجن حسين تصورن جون جنتون کنيون،
هريالين جي پيچرن تي جهومندو وتان،
صندل، سهاندڙي يا صنوبر جي ٽارَ تان،
خوشبو رتل ڪي گيت غزل دوهيڙا کڻان،
جهرڻن جي ڌارائن تي ڪرڻن جي سويرن مان،
ٽارين جي ڇانئيرن تي راتين جي بسيرن مان،
آڪاش مان عجيب ڪي اُتساهه پائيندي،
ڀنڀرڪين جا عڪس کڻي پوئيندو هلان،
هر رات پوئين اَسُر جو درياءَ ڪِٺار تان،
ڪڏهن ڪنهن اوچي ٽِيلي پويان اونهي غار کان،
ڪا بانسري وڄي ڪه گهڙولي گُجرِ چوي،
هر مينڍ، تانَ، مرڪ ستل حِسَ ڇُهي ڇڏي،
تن سُرن جي سراب جا پيڇا ڪندي ڪندي،
دردن جا ڪيئي اڻ ڳڻيا اوڙاه ٽپي وڃان،
اڻپورا خواب آس مان پيرا کنيون اچن،
پر مان تنهنجي انوکي محبت جي تؤنس ۾،
اي جانِ غزل گم، صفا غلطان ٿي وڃان،
تنهنجي شبيهه جي ڪائي تشبيهه ڳولهيندي،
سوچن جي تسلسل مان جوتون جلي پون،
لفظن جا بي حساب خزينا کُلي پون،
اڌ ۾ ڇڏيل غزل جا مصرع ٺهي پون.
نو وارد ٿيل نظم، منهنجو مهمان ٿي پوي،
هڪ نئون سِرو غزل جو عنوان ٿي پوي،
چنڊ جي چبوتري ۾ جيئن ڪي جَل پريون لهن،
جهرڻن جا اُجرا وهڪرا احساس ٿي پون،
تڏهن مان پورنماسيءَ جو اوچي پهاڙ تان،
ڪا آس تاڻي پنهنجو پِيا ڳولهيندو وتان،
چنڊ گهاٽ تان نراس پڙاڏا وري اچن،
سوڳوار ڌڙڪنن کي ڌتاريان فريب سان،
يادن جي شدتن کان هارائي هر دفعي،
مجبورُ منهنجي شاعري مون وٽ هلي اچي،
تخليق جي دهليز تي ودوا جيان بيهي،
پلڪن جا بند ٽوڙي سيلاب روئيندي،
آٿت جي ڪاڻ، اآس جي دامن ۾ سڏڪندي،
منهنجي ڏُکيل بدن تي ماٿو رکي ڇڏي.
تنهن وقت منهنجي ڪرب جي سموري ڪائنات
ويتر غمِ حيات جا احساس سميٽي،
دردن جي وادين ۾ هراسجي هلي وڃي،
راتين جي حصارن ۾ دل جون حِرارتون،
نکڙيل ڪتين جي آهٽن ۾ ڍرڪنديون وڃن،
تنهنجي ڳلين مان ايندڙ جهوٽن جا دڳ جهلي،
پنهنجي نالي جا روز نياپا پُڇي پُڇي،
اوسيئڙن ۾ اُڀرندڙ باکن جا اَڳَ وٺي،
آُواز جي پيڇن ۾ پورو جنم ورانگهي،
اڄ ڀي تنهنجي پرڇائين جا پرتوا کنيون،
ويڇن جي سرد رات ۾ بيگاه وقت جو،
پنهنجي غزل جي نوڪ پلڪ ٺاهيندي پِرين،
لفظن جي روح مان تنهنجي احساس جي لَمسَ،
منهنجي سڄي وجود کي گرمائيندي رهي.


***