شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

چنڊ آهِليو ته جهومي تو آرس ڀڳو،

چنڊ آهِليو ته جهومي تو آرس ڀڳو،
ايئن لڳو ڀڙڪو کائي ڪو سارس اُڏيو.

سنگتراشن جي ڳلين مان گذريم ڏٺم،
هر تراشيل صنم تنهنجو نقشو لڳو.

چنڊ واريون اکيون، جهُڙَ ڍڪيون ساڙ مان،
جو پَهرُ ٿو کِڙي، توکي گهُوري يڪو.

تون ته پازيب پائي هلينءِ سمونڊ تي،
تو نه ڄاتو ته ڇولين جو ڇا حال ٿيو.

حُسن جي ڀيٽ آ خودنمائي عمل،
حُسن سو جنهن کي اعزاز ازخود مليو.

مرڪي جهومين ته جهنڪار جي پئي فضا،
سنک واديون وَڄن، وِڄُ وراڪي رڳو.

حُسنَ پريون ”تبسم“ چريون سونهن تي،
روشنيون تيئن ٻريون جيئن تو مُرڪي ڏٺو.


* سارس: پکي، * پازيب: پيرن ۾ پائڻ وارو زيور،
* آهلجڻ: ٿَڪُ ڀڃڻ لاءِ ٿورو ليٽڻ،
* سنک: ڦوڪ جو ساز، فقير مزارن تي وڄائيندا آهن، * وڄ: کنوڻ