شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

ڌرتيءَ جو عشق انوکو آ!

ڌرتيءَ جو عشق انوکو آ!

هڪ سرسوتي هڪ هاڪڙو،
هڪ ٻاگهل هڪ جوڌو جکرو،
ڌرتيءَ سڀنن کي دان ڏنو،
ڌرتي هڙنن جي آ هستي،
هڪ سرسوتي.....

ڌرتيءَ جهڙو ڌنوان نه ڪو،
هن ڀونءِ جيان ڀڳوان نه ڪو،
الزام کڻي انعامَ ڏئي،
سرمستين جا سَوَ جامَ ڏئي،
هن سان ناتي جو اور نشو،
جن لاتو تن مستن کان پڇو،
هڪ روپلو هڪڙو دودو هو،
جن نعرا هڻي نينهن لاتو هو،
ڌرتيءَ ڀي انهن کي وچن ڏنو،
انهن کان وچن ڌرتيءَ ڀي وتو،
هيءَ صديون تنهن کي سنواريندي،
جو هن سينڌ سنواريندو،
آخر اهڙو اعلان ٻڌي،
ڪنڊ ڪنڊ وستيءَ جي جاڳي اٿي،
سنڌ اهڙي تتي، ٽانڊا ٿي مستي،
هڪ سرسوتي.....

ڌرتيءَ جي الستي مستي آ،
هن مستيءَ ريءَ ٻي پستي آ،
سائبيريا جي پکين وانگر،
جي جوءِ ڇڏي وينداسون اگر،
گولين سان اڏاريا وينداسين،
راهن ۾ رُلايا وينداسين،
ماڻهوءَ جو مانُ ۽ مريادا،
اعزاز، لقب، تمغا، تحفا،
سڀنن جو ڌرتي اوڍو آ،
جو سوره آ، جو سوڍو آ،
جنهن جنهن جيڏيءَ کي جيءُ ڪيو،
تنهن کي هن امرت پيءُ چيو،
ڌرتيءَ جو عشق انوکو آ،
ڪنهن چنڊ چڪور جو ليکو آ،
جيڪو ڀي رَتو، سو ايئن مَتو،
جو ٻيءَ بازار ۾ ڪينَ کَتو،
جنهن مٽيءَ مان هو ڄايو آ،
تنهن مٽيءَ جو رکوالو آ،
هو سمجهي ٿو هو مرڻو آ،
هيءُ جيءُ اڳي پو جهَرِڻو آ،
سنگهر کان سَگ لنوائيندو،
هو پير ڪڙيون جي نه پائيندو،
ته پوءِ ڪير ملهائيندو مستي،
هڪ سرسوتي.......
هڪ ٻاگهل...........

* سرسوتي: هندن جي ديويءَ جو نالو ۽ ان نالي سان وڏي ندي جيڪا ڪڏهن ٿر وٽان به گذرندي هئي.
* هاڪڙو: شوالڪ جبلن مان نڪرندي سرسوتي ندي جڏهن بهاولنگر وٽ اچي ٿي ته کيس هاڪڙو ندي سڏيو وڃي ٿو. ايڇ ٽي ليمبرڪ جي لکت موجب هي وهڪرو سنڌ جي اتر، اوڀر واري ريگستاني حصي وٽ جتي ضلعي سانگهڙ ۾ هاڻي جمڙائو ۽ مٺڙائو واهه آهن اتي هن وهڪري جا آثار ملن ٿا.