سانول سَرسُ سنڀار لڳي آ،
پل پل تيزُ تنوار لڳي آ.
راتيان ڏينهان روحُ سِڪي ٿو،
ڍوليا اهڙي ڍارَ لڳي آ.
سامهون آئي سَلَ ڪيون وئي،
پَلَ ۾ ناوَڪَ پار لڳي آ.
انگ انگ ۾ انگاس ٻري پيا،
تاس رَڳُن ۾ تار لڳي آ.
آشا اهڙي آسا ڇيڙي،
موسيقيءَ ماٺار لڳي آ.
ڪونجن هيٺ نهاريو ڪڻڪيون،
سنڌ ۾ سُور بازار لڳي آ.
ايئن مان هن کان ڪيئن وسران هان،
وينگس کي ويسارَ لڳي آ.
جهرڪيون جهُڙ ۾ پنکَ پسارن،
اوجهڙ لئه اُٻهار لڳي آ.
ٻيجل، ٻڌجانءِ مان ٻوليان ٿو،
نس نس کي نِڇڪار لڳي آ.
آءُ ته مي جا مَٽَ اُڪلايون،
جا جهٽَ هَٿِ هيڪار لڳي آ.
اوڙي ڪويل! ٻول اسانجي،
جيون کي جهونگار لڳي آ.
هر پيانو موزارٽ گهري ٿو،
هر ڪا ڌُن هشيار لڳي آ.
مونکان جيون ڪيئن وڇڙي جو،
حال کي ماضيءَ ڄار لڳي آ.
تنهنجي ”تبسم“ کي او رانول!
رنگتِ ڪا رنگِدار لڳي آ.
* سل- سوراخ، ٽُنگڙا، * ناوڪ: تير، * آشا: هندستان جي ڳائڻي، * آسا: راڳڻيءَ جو نالو (باک ڦٽڻ جي وقت ڳائبي آهي.)، * اوجهڙ ٿيڻ: لڪڻ، پناهه وٺڻ، * نڇڪار: نڪ مان ڇڪ جو اچڻ. * موزارٽ: موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو. (آسٽريا جو رهواسي) بنيادي طور وائلن وڄائيندو هو.) * پيانو: انگريزي ساز جو نالو.