دک جو اثر ته وٺبو، پاڇا ته ناهيون جانان!
سورج يا چنڊ وانگي، نرڄا ته ناهيون جانان!
ڪو دُک سهي رُناسين، ڪنهن سُکَ تي ٽهڪي پياسين،
احساس جي اثر کان، آجا ته ناهيون جانان!
دل چئي نه چئي تڏهن ڀي، جيون اُڪارڻو آ،
آخر ته منش آهيون، منشا ته ناهيون جانان!
محراب جي اڳيان يا، محبوب جي پڻيءَ تي،
دِل چيو جَبِين جهُڪائي، ڌڙڪيا ته ناهيون جانان!
وستين جي بربريت ڏي، جهنگلن کان نياپا آيا،
وحشي اسان ڀي آهيون، اهڙا ته ناهيون جانان!
تون اشارين ٿي ڪڏهن کان، ٿو لنوايان حاضرين کان،
شاعر ته ٺيڪ هُون پرَ، شُرفا ته ناهيون جانان!
پَنَ ڇڻ جي موسمن ۾، تنها ڳلين جا منظَر،
هر هر پُڇنِ ٿا اکِ کان، ڌنڌلا ته ناهيون جانان!
طبقاتي زندگيءَ کان، باغي ته آهيون ليڪن،
بُکَ جون ڌڄيون اڏايون، نظريا ته ناهيون جانان!
هر حاضريءَ سان مونکي، مشروط ڇوٿا ٺاهيو،
گرمايون انجمن کي، وئشيا ته ناهيون جانان!
اونداهين ٻيٽ جي ڪنهن، سادي ماڻهوءَ وراڻيو:
”مهذب ناهيون ته ڇا ٿيو، ننگا ته ناهيون جانان!“
ڀِيلڻِ جي کارڙيءَ ۾، مٽيءَ جا گهُگهِڙا ڀڻڪيا،
”تهذيب جا ڪي پويان، وِرثا ته ناهيون جانان!“
جنهن زندگيءَ اُڀاريو، طي آ تنهين ۾ اُلهبو،
پنهنجي رضا کي ماڻيون، ڪي خدا ته ناهيون جانان!
جنهن سونهن دل سلهاڙي، جنهن لاءِ سِڪي گذاريو!
تنهن کان به ڪو پُڇِي ڏي، وِسريا ته ناهيون جانان!
هُن عشق اَک ڏيکاري، آڙاهه ٿئه ”تبسم“!
هِن شوقَ ڇُوٽ ٻوليو، سَڌڙيا ته ناهيون جانان!
* منش: ماڻهو، * منشا: مرضي