شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

زندگيءَ جون جي خواهشون آهن،

زندگيءَ جون جي خواهشون آهن،
پٿرن تي هلي ٿڪيون آهن.

ڄامشوري جون سڏڪندڙ راتيون،
بيد مشڪن سان روئنديون آهن.

زرد چنڊ جا اُداس پاڇولا،
خالي رستن تي خاموشيون آهن.

اوچي لامن کي واءَ ڌونڌاڙيو،
آشيانن ۾ ڪنبڻيون آهن.

هن فيڪلٽيءَ جي ڌنڌ پاڇن ۾،
گونگيون تصويرون ڀڻڪنديون آهن.

روئندي احساس چيو دلاسن کي،
دل جون چوٽون سھڻ ڏکيون آهن.

ڪوئي ڪڻڇي ڪيرايون ويو ڪنڪر،
آس ڀڙڪي ته آهٽون آهن.

رات پاڇن سان ڀُڻڪي ڳالهايان،
دل لڳيءَ جون ديوانگيون آهن.

حسرتون، آٿتن جي ٿڦڪين سان،
هاڻي اڪثر خفا ٿينديون آهن.

اوڙي ”تبسم“ سنڀال تون ورنه،
ايڏيون يادون چريو ڪنديون آهن.
***