شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

مان خزائن جي فصل کي چيٽ افسانا ڏنا،

مان خزائن جي فصل کي چيٽ افسانا ڏنا،
گهاءَ پوپٽ جان اڏاريم خوابُ اوجاڳا ڏنا.

عاشقيءَ جي خفت ۾ ساري عمر جو بانڪپن،
ڪجهه ڦُريو آوارگين ڪجهه دوستن دوکا ڏنا.

چاهنائن جي سفر ۾ محبتن جون خواهشون،
جيئن مان طلبيون، تيئن هن فاصلا ٻيڻا ڏنا.

هي دکن جون ساوڪون ازخود ته مَنَ ناهن ڦٽيون،
دل مان، بعضي اک مان، سوڪهڙن کي آواندا ڏنا.

قافلي سان گڏ رهي چٿرون ڪيم پئي واٽ تي،
قافلي کان ڌار ٿي ڪيڏا مان هرجاڻا ڏنا.

سوجهرن جي سرحدن تائين پڳي رَٿ رات جي،
گهات ۾ بيٺل اُجالن ٻاٽ کي ڪُٽڪا ڏنا.

روز اک رُسندي رهي، پُڇندي رهي لُڇَ جو سبب!
مان ڪُڇان ان کان اڳي سُڏڪن وٺي ڀڙڪا ڏنا.

موڪلائيندڙ صديءَ کي الوداعي گيت ۾،
وحشتن، بک، ماڻهپي دل کولي پاراتا ڏنا.

ڏور، هو جو ڏور ڪو ٽانڊاڻو ٿو ٽمڪيو وتي،
تاري واريءَ اَهَل تنهن کي ڪيترا صدما ڏنا.

منزلن جي چاهه ۾ رستا ڪڏهن ماپيا نه ها،
شوق پيو ٿڪجي ته پوءِ ڏيکاوَ تن ڪيڏا ڏنا.

ڪجهه ڦِڪا گل، يادگيريون سال جي تڇ تي رکي،
هر جنم ڏڻ تي اچي هن ساڳيا ئي تحفا ڏنا.

تو تائين پهچڻ جا جانان سهنجا ها سڀ گَس مگر!
تو الائي ڇو پُڄڻ جا ڏَسَ وٺي اَهنجا ڏنا.

ڪنهن چيو رولاڪ ڪنهن ”تبسم“ ته ڪنهن رُسوا چيو،
حُسن جي حُسناڪين اعزاز ها ڇاڇا ڏنا.



* سوڪهڙا: خشڪ سالي، پاڻي جي اڻهوند سبب ويراني، * رٿ: سواري، * ٻاٽ: اونداهي،
* ڪُٽڪا ڏيڻ: مار ڏيڻ، *تڇ : ويڪرو ٿانءُ، * ڏِڻ: وارُ ، موقعو