محبتون ورڇيندي تون لمحن جا پيمانا نه رک،
چاهتون آڇيندي جانان بندشون بي جا نه رک.
موسمون ڪونجون ٿي ورنديون پر سمي وارا پکي،
جي اڏامي ويا سکي، تن لاءِ دکي جذبا نه رک.
نرم لهجن ۾ تکن لفظن جا ڪوڪا رلِ نه دوست،
کنڊ يا ڳڙ چاشنيءَ تي زهر جا ٻُرڪا نه رک.
ڪن مروٽي، جهوٽي هوريان، چيو ٻروٽي کي چريا،
ڇڏ ته ڀؤنرو بوسي مکڙيون تون مٿس پهرا نه رک.
ڌر تتيءَ جو باز ڀڙڪيو، جهرڪي وئي وسمي سڄي،
هوءَ پناهون پئي تلاشي موت جا مارا نه رک.
مروتون ايڏيون نه ڪر جو زندگي ڀاڙيون وتي،
دوستيءَ ۾ تون ارادا دشمنن جهڙا نه رک.
اي ڪوي! هيءَ شاعريءَ جي ڏات تقدس ٿي گهري،
جيت يا ڪا هار سوچي راند جا مُهرا نه رک.
تنهنجي پڙلاون ۾ پنهنجي نوع جي پيڙا الڳ،
تون صدائن ۾ پَپيهر ڪونج جا لهجا نه رک.
بادواڻن جي وٿين مان نئون صبوح جهلڪي پيو،
رات جي بي خوابين جا ياد افسانا نه رک.
آرسي سامهون رکي پاڇن جي دلجوئي ڪندي،
آٿتون چَپ تي هٿن ۾ سنگ ياتيشا نه رک.
روح جي گهرائين مان دلبري گهرجي پرين،
آجيان جي اهتمامن ۾ رُکا جملا نه رک.
هن پهاڙين جي سفر ۾ پٿرن تان گذرندي،
روز پيو ڦٽبين او رمتا! درد جا ليکا نه رک.
موسمن جي بدلجڻ جو چاهتن سان ڇا سنٻنڌ،
مند وارين مصلحتن ۾ قيد اک آرا نه رک.
قيدخاني ۾ پکيءَ ليلائيندي چيو اي ڌڻي!
مرهمن وارين دٻين ۾ آس جا ڦندا نه رک.
هڪ گلن جي واٽ ڏي ۽ ٻيو شڪاريءَ گهاٽ ڏي،
هر طرف کوليون ”تبسم“، دل جا دروازا نه رک.
* سمي : وقت، * ڪوي: شاعر، * ڀاڙيون : مدار رکڻ، منحصر، * نوع : قسم، * سٻنڌ: لاڳاپو، تعلق