شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

اوڙي سرتي باک ڦٽي آ لاکَ صبوح تان کڻندي هل.

اوڙي سرتي باک ڦٽي آ لاکَ صبوح تان کڻندي هل.
سورج رُخ جي اجري مُک تان اونداهين کي اُگهندي هل.

ڏک واديءَ ۾ نُکَ تي ويٺل جهور سنياسي ڀُڻڪي ٿو،
بنواسين جي وستيءَ مان وِکَ نينگرِ تيز ڀريندي هل.

ڀنڀرڪيءَ جو ڀورا ڪارا بادل ڇانيا برپٽ تي،
مرگهه نهاري چيو ڙي بارش وسڻي آهين وسندي هل.

صدين جا هو سونهان جوڳي هيل نه ڇو ليئا ڪيون ويا،
ڇو لاهوتي لنگهه مٽي ويا، ٻاٻُرَ ڪنهن کان ٻڌندي هل.

انڌ ڪارن جي رڻ ۾ جيڪي واٽون ڳولهي وڇڙي ويا،
اوڙي باک ڪتي! تون تن کان پيڙائون ته پُڇندي هل.

سارا پاڇا ڊوڙي ٿڪجي نيٺ پُڳا ڪنهن ڀاڪر ۾،
هاڙهي بيٺو تاڙي ”تبسم“ تون تنهن سان ڀيچيندي هل.



* نُک: کجين جي پوٽن مان ٺهيل تڏو، *ليئاڪڻ: جهاتيون پائڻ، * مرگهه: پکي،
* هاڙهي: ساٿي، دوست، * ٻاٻر: خبر، افواه، سونچو.