شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

هي ڏينهن منهنجي هٿ منجهان پکي بڻيا اڏيا وڃن،

هي ڏينهن منهنجي هٿ منجهان پکي بڻيا اڏيا وڃن،
پَل پَل جا تيز وهڪرا پُل هيٺان گذرندا وڃن.

واهوندي ويل جو ڪڏهن، ته ٻڌ پکين جون راڳڻيون،
واهيري کي ڇڏيندي ڏور گيت ڳائيندا وڃن.

ڌرتيءَ کي پنهنجون سرتيون ۽ اُڀ جون دوستيون الڳ،
سانجهيءَ جو پر ٻئي ڄڻا ڪيلاش ڏي ڪٺا وڃن.

هوءَ چنڊ واري چؤنري ۾ نه خود سُتي نه آئون سُتس،
ٻنهن جي دل ڀري نه هئي ته پَهر کسڪندا وڃن.

ٽيگور چيو ڪبير کي آءُ جهٽ ڪا ويهي سوچيون،
هي وهٽ هن حيات کي ڪيڏانهن ڪاهيندا وڃن!؟

تارن، ڪَتينُ جي ٻانهن ۾ جهوليندي ڦيريون ڏنيون،
۽ ڪهڪشائون جن تي شعاعَ رقصَ پيا ڪندا وڃن.

هو دوَر جنجي پاند تي صدين جون تاريخون لکيل،
۽ فرد، تن جا جُلد کولي سُودَ پاڙيندا وڃن.

جا وِهُه ڪري وَتم سا تُرش پاڻ تي ترياق پئي،
هي ڪَلال ڀي ڪَنبي ويا ته ڇا پيا اوتيندا وڃن.

“ تبسم” حيات ڀل هوا جي دوبدو هجي مگر!
اُتساءَ جا ڏيئا تيئين پساهُه پائيندا وڃن.


* ڪيلاش: هماليه جبل جي چوٽي، * ٽيگور: بنگال جو وڏو شاعر جنهن کي سندس شاعريءَ جي ڪتاب گيتا انجلي تي نوبل انعام به مليو. * ڪبير: هندوستان جو سنت شاعر خاص ڪري هندي دوهن جو وڏو شاعر.
* سود: منافعو ، * وهه : زهر، * ڪلال: شراب ڏيندڙ.