شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

سمونڊ ۽ مان ٻئي سانجهه جو ويهي سپنن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا،

سمونڊ ۽ مان ٻئي سانجهه جو ويهي سپنن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا،
چنڊ ۽ مان ٻئي رات سموري پاڇن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

سڀ ڪا ڇولي جهولي پٿاريون چنڊ کان چاهه جو دان گهري ٿي،
چنڊ کي پنهنجيون محبوبائون ڀاڳن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

روز پکين جا ولر اُڏن ٿا، اُڏندي ڪاڏي گم ٿي وڃن ٿا،
صدين کان پيرا جاچيندي سئونسن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

آءُ ته پهريون تعلق توريون، پيار جا آڳا پيڇا جوڙيون،
تون مان ونڊ ۽ ڪاٽوءَ کان اڳ، پاڇين تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

باک چپن تي ماڪَ ترانا هير صبوح جا سينڍِي گانا،
ڪِرڻن هٿ ۾ مشعل جهولي جهرڻن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

روز سهيلي، چئي ڙي ڳهيلي، وڻجارن کي ٻيلي ٺاهي،
پرديسين جا پيڇا تاڻي، ويڇن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

الفت جا اسلوب اُٿي ويا، سوچن جا بنياد ڦري ويا،
موجوده يارين باشين جي رَوين تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

اوچا جبلن چوٽين جيڏا سڀ ڪو تاتي پيارَ ٿو ڪيڏا،
پر جي پاڙون اکڙن ٿا پو، زخمن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

صدين کان هو سمونڊ ڇُلي ٿو، چانڊوڪين تي تيئن اُٿلي ٿو،
سڪ جو مُور ڪو سور نه باسن، ڇولين تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

وقت سان ٻٽ هيءَ عمر ڊڪي ٿي، پاڃاريءَ ۾ جوڙي ڍڪي ٿي،
گوءِ ۾ جڏهن عُمر ٿي ڍلجي، پِيٽن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.

چانڊوڪين ڏانهن اُڏندي اُڏندي، جن جا ”تبسم“ جُڳَ گذري ويا،
تن مستن ڪا مات نه کاڌي جذبن تي ڇا ڇا سوچيون ٿا.


* پاڃاري: ڏاند گاڏيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ جنهن ۾ ڏاند جوٽيا ويندا آهن،
* پيٽا: ليڪا، اڪثر اتر سنڌ ۾ ڪم ايندڙ لفظ جيڪو اڪثر راندين يا ڏاندن جي گوءِ واري مخصوص رستي کي چارا يا پِيٽا ڪري سڏيو ويندو آهي.