شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

اُڀ تي اڏامندڙ پکي ڪيڏو دُکي لڳو،

اُڀ تي اڏامندڙ پکي ڪيڏو دُکي لڳو،
سانجهيءَ جي ڌنڌلي ڇانو ۾ هيڪل اُڏيو پئي ويو.

چنڊ کي نديءَ رات ڳِراٽي وجهي چيو:
”ڪوئي وشال جڳ ۾ منهنجو همسفر ته ٿيو.“

جيونَ جي رِڻ پٽن ۾ جياپي جون ڪوششون،
پوڙهي پکيءَ ڪٿيون ته اچي ڍُنڍ ڪرين پيو.

ٻاٻيهي گهاءُ کائي ڏٺو آسمان ڏي!
واريءَ سان هن ڀِٽن تي ڀي بوندون وسائجو.

ڪيڏي اُماس رات آ سناٽا ڪوڪِرن،
ڪا رڙ ڪٿان، او ساٿيو ڪو سَڏُ ورائجو.

تنهنجي اڳيان جي لُڙڪ ڪِريا رائگان نه ويا،
تو ڳوڙها خود اُگهيا اچي، سڏڪڻ سڦل بڻيو.

ڪجهه جوش، وفائون ۽ ڪي گيت پيار جا،
جو جندُ کي مليو سو حصو سنڌ کي ڏنو.

ڇت هيٺان ليٽي ڪا گهڙي گهُوريم قنديل کي،
جهمڪي اُجهامي پَئي ته ڏيئي ٽِمڪي چيو اِجهو.

ڪا روجهه ٻيٽ تي ڊُڪَي پاڻيءَ تلاش ۾،
ڏائڻ ڪو کيس ڏِيرِ مان تاڙي پيو يَڪو.

ڪيڏيون مسافتون هون منهنجون منتظر مگر،
”تبسم“ کي مُهلتون نه تنهنجي غم ڏنيون، نه تو.


* ڍنڍ ڪرين پوڻ : اوڇنگارون ڏئي روئڻ، * ٻاٻيهو: ٿر جو پکي، جيڪو ڳيري جهڙو ٿيندو آهي،
* سڦل: ڪارائتو، لاڀائتو، * قنديل: ٽنگيل فانوس جنهن اندر ميڻ بتي ٻاربي آهي،
* ڏير: گاهُه، ڪنهن کڏ ۾ پاڻ مرادو ڦٽل گاهه.