شاعري

اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

”تبسم خواص جو پسنديده ٻالڪ بڻجڻ بدران عوام جو دلپسند دوست بڻجي ويو آهي. توهان ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ريتي کان کيرٿر جي پهاڙي سلسلن تائين جتي به ويندا، اتي خوبصورت آوازن جو روپ وٺي تبسم جي شاعري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي نظر ايندي. تبسم لفظن کي معنائن جا انوکا رنگ اوڍائي هڪ پاسي سونهن، ادائن، اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جي اڻ مٽ احساسن کي امرتا بخشي آهي ته ٻئي طرف اجتماعي تذليل، قومي غلامي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بي مقصديت جي منظر ڪشي پڻ اهڙي ته موثر انداز ۾ ڪئي آهي جو هڪ عالم کان وٺي اُميءَ تائين هر شخص آسانيءَ سان سندس اضطراب ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. هن پنهنجي تخيل کي ڳوڙهن محاورن ۽ ڳجهارتن جو محتاج ڪرڻ بدران عوامي ٻوليءَ جي سلوڻائپ ۾ اوتي پنهنجي آواز کي سرحدن جو قيدي نه بڻايو آهي.“
Title Cover of book اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لُڇن!

اڍائي اکر

اڍائي اکر
هر ڳليءَ توکي ڳولهڻ ڪو چرچو نه هو!

ڪنهن اهڙي شاعر جي شاعريءَ تي لکڻ شايد ايڏو سولو نه لڳندو، جيڪو نئون هجي نه پراڻو. پراڻي جو پراڻي بابت ۽ نئين جو نئين بابت لکڻ ان ڪري مونجهارو نه پيدا ڪندو جو ڪٿي نه ڪٿي ٻنهي جو ذهني ميل ٿي ويندو. پر پراڻي جو نئين تي ۽ نئين جو پراڻي تي لکڻ البت اوکو ٿيندو جو زماني جو مفاصلو ٻنهي جي وچ ۾ سوچن ۽ جذبن جي هڪ نفسياتي وٿي پيدا ڪري چڪو هوندو آهي. سو غفار تبسم جيڪو نئون آهي نه پراڻو، تنهن تي لکڻ لاءِ هڪ قسم جو مونجهارو آءٌ ضرور محسوس ڪريان ٿو.
”تبسم“ کي مون بي ترتيب ۽ ٿوري وقت کان پڙهيو آهي، ملاقات به ڪا گهڻن ڏهاڪن جي نه چئبي، پر هي وسرن نه مور، جهڙو ماڻهو آهي. تنهنڪري شاعريءَ کان وڌيڪ سندس شخصيت سان انس رهيو اٿم.
ڪجهه دير لاءِ ساڻس انهيءَ انس کي هٽائي، آءٌ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڳٽڪي کي ورق ورق ڪري پڙهان ٿو، ته جيڪا پهرئين ڳالهه منهنجو ڌيان ڇڪائي ٿي، سا هيءَ ته سندس انداز پنهنجو ۽ مفرد آهي، سندس ٻولي، محاورا، تشبيهون سوچ ۽ جذبا، پنهنجا آهن. پکي ۽ سکي کيس مرغوب آهن. سندس شاعري عشقي به آهي ته قومي به، پر سندس محبوب جي مڪاني صفت سبب، هو زمين سان پيار کي به محبوب جي چاهت جو حصو بڻائي پيش ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه روماني شاعريءَ جو دلپذير نمونو بنجي ٿي. نعريبازيءَ بدران، هو ڌرتيءَ جي پيڙا کي دلسوزيءَ سان نرم لهجي ۾ پيش ڪري ٿو:

ڪيڏي اماس رات آ، سناٽا ڪوڪرن،
ڪا رڙ ڪٿان، اي ساٿيو، ڪو سڏ ورائجو.

او سنڌ، جند منهنجي، ڪو نظري ويو توکي،
نه شاديون ڇنن ۾، نه پيرن ۾ پاٽيون.

ڪونجن هيٺ نهاريو ڪڻڪيون،
سنڌ ۾ سورَ بزار لڳي آ.

تبسم وٽ هڪڙي ڳالهه آهي، اها آهي غزل ۾ عڪس جي شاعري، جيڪا اسان وٽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بيت ۾ ته آهي پر هن وٽ اهو غزل ۾ هائيڪو جو هڪ غير ارادي تجربو آهي:
ڪا روجهه ٻيٽ تي ڊڪي، پاڻيءَ تلاش ۾،
ڏائڻ ! ڪو کيس ڏِير، مان تاڙي پيو يڪو.

اڀ تي اڏامندڙ پکي ڪيڏو دکي لڳو،
سانجهيءَ جي ڌنڌلي ڇانو ۾ هيڪل اڏيو پئي ويو.

تبسم جي هن شاعراڻي ڳٽڪي ۾ گهڻا غزل ۽ ڪجهه نظم آهن. هن شاعريءَ جي گهڻين ئي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جيڪي سندس اڳي ڇپيل ڪتابن ۾ اچي چڪيون آهن، جيڪي چند نظم هن مجموعي ۾ آهن، سي مختلف مزاج ۽ موضوعن جا آهن. سنڌ جي صورتحال سان گڏ هن عالمي حالتن جو به کليل اکين سان مشاهدو ڪيو آهي ۽ سندس نظم ابن آدم جو سفر چند ورقن اندر تاريخ ۾ جبر ۽ تشدد جو جامع تفصيل آهي. اهو ڏاڍي واضح ۽ پر اثر انداز ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جي پڄاڻي بيحد چڀندڙ، هڪ دائمي سوال جي صورت ۾، ۽ دانشوراڻي انداز ۾ ڪيل آهي:

ايترين سفاڪين کان پوءِ ڀي
ابن آدم
شرمندو ناهي ٿيو:
ڇو ته اڄ تائين اڃا قابيل تي
ڪا به فرد جرم عائد ناهي ٿي!
هن نظم ۾، اختصار سان، انسان جي انسان تي تشدد جي تاريخ سمائي وئي آهي، جيڪا تبسم کي انسان دوست دانشورن جي قطار ۾ بيهاري ٿي. هتي ئي سندس نواڻ ڏانهن سفر به واضح ٿئي ٿو. جنهن سان ايندڙ وقت ۾ سندس فڪري درجو مقرر ٿيندو.
مون شروع ۾ ئي ٻڌايو آهي ته تبسم پراڻ کان نواڻ ڏانهن سفر ڪيو آهي، اهو به ٻڌايو آهي ته مون سندس شاعريءَ جو ترتيب سان اڀياس نه ڪيو آهي، جو آءٌ سندس ذهني اوسر جو ڪو خاڪو پيش ڪري سگهان. ها مون کي البت ايترو معلوم آهي ته ”تبسم“ شروع کان ئي شاگرديءَ جي زماني کان وٺي، عملي طرح تحريڪي خيالن جي اثر هيٺ رهيو آهي، جنهن سندس ويچارن کي گهڙيو آهي، ان بعد سنڌي ادبي سنگت سندس ذهن کي ٿيڙ ڏني ۽ هو نون پيچرن تي پيرا پائڻ لڳو. هن وقت هو سنڌ جو هڪ مقبول ترين شاعر آهي. کيس ڪتابن ۾، رسالن ۾ پڙهيو وڃي ٿو ۽ تنهن سان گڏ سندس شاعريءَ کي ڪئسٽن ۾ هر هنڌ ٻڌو وڃي ٿو. هو موسيقيءَ جو دلدادو آهي. تنهن ڪري سندس شاعريءَ جون اڪثر ڌنون به پنهنجيون ئي ٺاهيل اٿس.
هو پي آءِ اي ۾ آفيسر هجڻ جي سخت مصروفيت هوندي به شاعريءَ ۽ موسيقيءَ لاءِ ڪنهن به ريت وقت ڪڍي ٿو پوءِ به اها سندس اخلاقي ريت آهي، جو يارن سان ياري نڀائڻ لاءِ وٽس وقت جي ناڪار ڪانهي.
آخر ۾ هي جو پورا ٽي اکر به آءٌ لکي نه سگهيو آهيان، سو انهيءَ ڪري جو آءٌ تبسم کي بي ترتيب ئي پڙهي سگهيو آهيان، جنهن جو اعتراف اٿم. ساڻس گهڻي انس هئڻ ڪري کيس هڪ صلاح ضرور ڏيندس ته هو ڪٿي اهڙا لفظ به استعمال ڪري ٿو جيڪي نج اڙدو جا آهن. سنڌيءَ ۾ ان جو استعمال جائز نه آهي، آخر ۾ دل چوي ٿي ته کيس سندس ئي شعر ٻڌايان:
هر بسنتيءَ ۾ اکڙيون لغڙ ٿي اڏيون،
هر ڳليءَ توکي ڳولهڻ ڪو چرچو نه هو.

شمشير الحيدري
ڪراچي سنڌ
14 مئي، 2001ع